بلاگ

صرف مان ئي مان جو اقرار ڪندڙ جي نفسيات مدھوش مير  

هيNarcissistic personality disorder  اوائلي قصي نرگسيتNarcissism  واري اصلاح مان ورتل آهي، نارسيسس ھڪ ديوتا جو پٽ ھو، تمام سھڻو حسين ڳڀرو هو، ڪنهن ڇوڪريءَ هن کي شادي جي آڇ ڪئي. نارسيسس اهو ٻڌي بتال ٿي ويو پاڻ تي حيرت ڪرڻ لڳو مون جهڙو دنيا ۾ ڪير آهي ئي ڪو نه. سوچيندي سوچيندي پنهنجي اندر جي ان گرفت ۾ اچي ويو پنهنجو پاڻ مٿان فدا ٿي پيو، تلاءُ جي پاڻي ۾ پنهنجو عڪس ڏسي پاڻ تي عاشق ٿي پيو ۽ پاڻ کي ڏسندو رھيو ۽ مري ھڪ گل ۾ تبديل ٿي ويو، جنھن کي نرگس چئجي ٿو. اھا ڏند ڪٿا اوڊس ناسو جي شاعري ۾ آهي، اھو رومن شاعر (BC-17AD) (43) ساڳئي وقت پيدا ٿيو، جڏهن حضرت عيسيٰ عليه السلام ڌرتيءَ تي آيو، نرگسيت انساني اڪيلائي ۽ خود سنايي جو الميو آهي.

Narcissism بيماريءَ ۾ مبتلا فرد جون ڪجهه علامتون هونديون آهن، انهن مان اگر اڌ علامتون موجود هجن ۽ عمر 18 سالن کان مٿي هجي ته ان کي اسانNPD  چئي سگهون ٿا.

Sense of Entitlement: هن جي پهرين علامت يعني اهو فرد جڏهن پاڻ کي مهان ٻين کان وڌيڪ بالاتر سمجهي ٿو ته يقينن ان کي هڪ وڏي ٽائيٽل لقب جي به ضرورت آهي. جيئن آمريڪي واسي بوڊيس ڪلاس ۾ اچي سڀني شاگردن کي چوندو هو ته مون کي ”پرنس بوڊيس“ چئو هالانڪه هو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو ۽ نه وري ڪلاس ۾ هوشيار هو يا ڪا ٻي خوبي هئس، پر هو پاڻ کي شهزادو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو، پر هن وٽ شهزادن واري ڪا هڪ خوبي به نه هئي. جڏهن ڪير هن کي پرنس بوڊيس چئي سڏ ڪندو هو ته هي همراهه هوا ۾ پرواز ڪرڻ واري جوش ۾ اچي ويندو هو. چاهي ڀلي ڪير به اهو سڏ هن کي چٿر يا بيوقوف سمجهي ڇو نه ڪري، پر هو خوش ٿي ويندو هو، بس ڪجهه به هجي، پر مون کي شهزادو سڏيو اهو آهي پاڻ لاءِ ڪنهن وڏي لقب جي چونڊ ڪرڻ وارو اثر. مطلب مان جيڪو چوان ٿو هاڻي اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي.

Need for Admiration: هن جي ٻي علامت آهي يعني تعريف جي سخت ضرورت ان کي اگر نجي کنڊ کارائي وڃي پوءِ به اها ڦڪي لڳندس. اجايو هام هڻندو، ڪچهري ۾ اهڙي ڳالهه ڪندو جنهن سان ڪو ماڻهو متفق نه ٿيندو ته اها ڳالهه به هن فرد کي خراب لڳندي. اگر ان محفل ۾ ڪنهن پنهنجي ٿوري به ڳالهه ڪئي ته تعريف جي فقدان ۾ جڪڙيل علامت وارو فرد پنهنجين ناڪامين کي به هٿ ٺوڪيو ڪاميابين جو لباس پهرائي پنهنجي واهه واهه ٻڌڻ پسند ڪري ٿو. پنهنجي ڳالهين کي وڌائي سڌائي پيش ڪري ڀلي مباحثو ٿي وڃي، پر هي ان گوڙ ۾ پنهنجي سورهيائي محسوس ڪري خوش ٿئي ٿو ته هي چرچا منهنجي هوشياري ۽ تعريف تي هلي رهيا آهن.

Lack of Empathy: هيءَ اها علامت آهي يعني همدردي جي کوٽ ٻين سان هن فرد جو ڪجهه به نه وڃي. ڇو جو هو ايترو مهان آهي، ٻين جي تڪليف يا ڏکئي وقت سان هن جو ڪوبه تعلق نه آهي. هو سمجهندو آهي ته مون سان جڙيل ماڻهن لاءِ بس اهو وڏو اعزاز آهي ته هو قابل ۽ لائق آهن جو مان انهن جو دوست آهيان، مان انهن جو ڀاءُ آهيان، هي پيءُ ماءُ جي گهر کي به ان اک سان ڏسي ٿو، ان گهر جي اها خوش بختي گهڻي آهي جو مون جهڙو ڏاهو سياڻو اٿيل ويٺل شخصيت جو جنم ان گهر ۾ ٿيو آهي، گهر وارن کي بس اها خوشي ڪافي آهي. هوڏانهن ڀلي گهر وارا ان مان بيزار ڇو نه هجن. هو ڪنهن به قسم جي ڪنهن سان همدردي نٿو ڪري بس چاهي ٿو مان آهيان اهوئي مون سان جڙيل ماڻهن لاءِ ڪافي آهي ته هو مون سان لاڳاپيل آهن ۽ هو سڀ لائق آهن جو هيءَ مون جهڙي شخصيت انهن سان گڏ آهي.

ان سان گڏ هن علامت ۾ فرد اڪثر ماڻهن سان حسد ڪري ٿو يا اهو مڃي ٿو ته ٻيا ماڻهو مون سان حسد ٿا ڪن، دراصل اهو حسد فرد جي اندر هوندو آهي، پر هو نفسياتي طور ان کي ايئن گردش ڪرائيندو آهي ته هي ماڻهو مون سان حسد ٿا ڪن، ڇو ته مان سردار آهيان، منهنجو ايڏو وڏو مرتبو آهي، سڀ مون کي سڃاڻن ٿا، منهنجا هيترا دوست سڀئي وڏا ماڻهو مون سان صلاح مشورو ڪن ٿا، ان ڪري هي ماڻهو مون کي برداشت نٿا ڪن.Narcissism  ڪامياب ماڻهن ۾ ٿيندي آهي انهن جي ليول به اهڙي قسم جي هوندي آهي، پر ٿورو مٽيل، مٿئين سطح جي يا ٿوري اڀريل معاشي سياسي يا سماجي سطح تي اٿيل ماڻهن ۾ ٿيندي آهي. پوءِ به اهو اگر ڪنهن هڪ فيلڊ ۾ بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو ته هن کي لڳندو آهي مان سڀني ڪمن ۾ ماهر آهيان،  گهر ۾ اگر صفائي جو ڪم هلندو ته هو اتي ڀاشن ڏيڻ ۾ شروع ٿي ويندو. مستري، واڍو، ليکڪ، شاعر، سياستدان ڪنهن کي به ڏسندو سڀني کي سمجهائڻ ۽ اجايو هدايتن ۾ شروع ٿي ويندو، ڀلي خبر نه هجيس، پر هي فرد مهان هوندو آهي، هن کي سڀني جي خبر هوندي آهي، دنيا جي هر ڪار وهنوار کي چڱي ريت ڄاڻڻ جي دعويٰ فخر سان ڪري ٿو. جڏهن ته هن کي ٽڪي جي خبر ناهي هوندي هو بس پنهنجي فيلڊ ۾ ئي ڪامياب هوندو آهي، جنهنڪري هن کي اتان ٿوري مليل عزت آبرو هن جي بيماري جي شدت کي وڌائي ٿي، ٻيو ان شخصيت جي خرابي ۾ خاص معاملو ته مان آهيان ئي خاص مون کي عام ماڻهو ڪٿي ٿا سمجهي سگهن، مون کي سمجهڻ لاءِ اعليٰ پائي جي دماغ ۽ وڏي مرتبي وارا ماڻهو يا وڏا ادارا ئي سمجهي سگهن ٿا، هي هيٺيان عام ماڻهو مون کي ڇا سمجهندا، هنن جي حيثيت ئي ناهي.

هن علامت ۾ فرد سوچي ٿو ته مون کي ايڏي ڪاميابي ملندي جو هي سڀ ماڻهو لائين ۾ بيهي مون کان آٽو گراف وٺندا يا فرد محسوس ڪري ٿو منهنجي محبت جنهن کي ملي اهو مالا مال ٿي ويندو، ڀلي ڪير کنگهيس به نه پر پوءِ به هي اهڙين جائين تي ماڻهن کي ڏسي پيو اجايو اڻوڻندڙ رويو ظاهر ڪندو، پاڻ کي ٺاهڻ ۾ مصروف هوندو ۽ هيءَ علامت يعني فرد صرف پنهنجي مفاد کي اڳيان رکندو. مثال طور: ڪنهن جي گاڏي بنا موڪل جي ڪاهي ويو ۽ سوچيندو ته اهو ماڻهو خوش ٿيندو هن جي گاڏي مان ڪاهي ويو آهيان، ڀلي پويان مالڪ پريشان ويٺو هجي. گاڏي پنچر ٿئي، ڪو ڌڪ لڳيس پوءِ به ان سان هن فرد کي فرق نه پوندو. ڇو ته هو مهان آهي جنهن گاڏيءَ تي ويٺو ان گاڏي ۽ گاڏي واري جو نصيب سٺو هو جو هن جهڙي عظيم شخصيت ان جي گاڏي تي سوار ٿي. ماهر نفسيات ڊاڪٽرTheodore Millon  لکي ٿو ته، هن بيماريءَ جون 9 علامتون آهن، انهن مان پنجن علامتن جي موجود رهڻ واري کي عمر جي انگ کي ڏسيNarcissistic personality disorder  چيو ويندو آهي. جنهن جو جهان ۾ مطلب ناهي، جهان جو هن فرد سان مطلب آهي، صرف مان ئي مان جو اقرار ڪندڙ نفسياتي بيمار آهي.

Caligor, Eve; Levy, Kenneth N.; Yeomans, Frank E. (May 2015). “Narcissistic personality disorder: diagnostic and clinical challenges”. The American Journal of Psychiatry. 172 (5): 415-22

American Psychiatric Association (2013). Diagnostic and Statistical Manual of Mental Disorders (Fifth ed.). Arlington, VA: American Psychiatric Publishing. pp. 646

Theodore Millon; Roger D. Davis (1996). Disorders of Personality: DSM-IV and Beyond. New York: John Wiley & Sons, Inc. p. 226