عمران خان به پاڪستان جي آئين کي ضياءَ ۽ مشرف وانگر ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهي ٿو: شازيه مري
پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان به جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ ضياءُ الحق جيان پاڪستان جي آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهي ٿو. ٽنڊوالهيار جي بچاڻي هائوس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم اين اي سڪندر راهوپوٽي، ايم اين اي سيد طارق شاهه ڄاموٽ، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، صلاح الدين جوڻيجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. هنن چيو ته وفاق سنڌ کي نظر انداز ڪندي مسلسل زيادتيون ڪري رهيو آهي، وفاقي حڪومت جي بدترين حڪمراني ۽ نااهلي جي ڪري ئي اي پي سي اتحاد ٺهيو آهي. سندن چوڻ هو ته ٻوڏ سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي، وفاقي حڪومت سنڌ کي اهميت نه پئي ڏئي، بنا دير سنڌ جي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. شازيه مري چيو ته موجود وزيراعظم پاڪستان جي آئين کي جنرل ضياءَ ۽ مشرف وانگر رڳو ڪاغذ جو ٽڪرو سمجھي رهيو آهي، هاڻ اسان کي سندس ڪرسي لڏندي نظر اچي ٿي، عمران خان مان عوام بيزار ٿي چڪو آهي.

