وزير اعليٰ جي چين جي سفارت ڪارن سان ملاقات، ڪراچي سرڪيولر ريلوي جو پلان تيار
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جمعي جي ڏينهن چين جي سفير ۽ ڪائونسل جنرل سان چيف منسٽر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته 360 ايڪڙ ايراضي کي ناجائز قبضي کان آجو ڪرائي ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي لاءِ رستو تيار ڪيو ويو آهي. پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن. وڏي وزير اهو به ٻڌايو ته هي پروجيڪٽ سي پيڪ پلان جو حصو آهي. هن چين جي سهڪار کي به ساراهيو. ان موقعي تي چين جي سفير چيو ته پاڪستاني شاگردن سوڌو 20,000 ماڻهو چين ۾ رهائش پذير آهن. هن قسم جي ٻه طرفي لاڳاپن سان ٻنهي ملڪن جي دوستي اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٿر ۾ ذاتي طور تي ڏٺو اٿم ته اتي ڪوئلي جي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ چين جا ماڻهو ۽ اتان جا مقامي مزدور هاڻي آساني سان چيني ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. ممڪن آهي ته سرڪيولر ريلوي جو پروجيڪٽ اڳتي هلي چين جي ڪمپني جي حوالي ڪيو وڃي

