خاص

پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ اڄ ملتان ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي

ملتان پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ اڄ ملتان ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي. ملتان ۾ پي ڊي ايم طرفان قافلن جي اچڻ جو شيڊيول طئي ڪيو ويو. آصفه ڀٽو صبح 11 وڳي گيلاني هائوس مان ريلي جي صورت ۾ قاسم باغ رواني ٿيندي. مولانا فضل الرحمان به جامعه قاسم العلوم مان 11 وڳي روانو ٿيندو. مريم نواز ملتان 9 نمبر چورنگي تي 11 وڳي پهچندي. هوڏانهن انتظاميه به تياريون ڪري ڇڏيون آهن. جڳهه جڳهه تي رنڊڪون بيهاريون پيون وڃن. ڪنٽينر لڳائي رستا بلاڪ ڪيا ويا آهن. ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو روڪڻ لاءِ پوليس طرفان ڪيترن ئي شهرن ۾ گرفتاريون ڪيون ويون. پوليس ملتان گهنٽا گهر چوڪ تان نواز ليگ جي ريلي ڪڍڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. گهنٽا گهر کي چئني طرفن کان سيل ڪيو ويو آهي. فيصل آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي روڪڻ جي لاءِ اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالمنان جي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو. ايم اين اي عائشه رجب ۽ اڳواڻ اين اي 109 مزمل سرور ڊوگر جي گهر تي ريڊ ڪيو. سٽي صدر شيخ اعجاز جي پٽ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. وهاڙي ۾ تهمينه دولتانه جي آفيس ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپن دوران 13 ليگي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. ضلعي انتظاميه مونجهاري سبب تحريڪ انصاف جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪري کڻي آئي، مڇريل ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. گگو منڊي ۾ ايم پي اي يوسف ڪسيليه جي ڀاءُ سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. احمدپور شرقيه ۾ جي يو آءِ (ف) ۽ پ پ جي 11 عهديدارن ۽ ڪارڪن کي گرفتار ڪيا ويو. پير محل مان پ پ اڳواڻ رانا جميل کي گرفتار ڪيو ويو. خانيوال ۾ نواز ليگ جي مقامي اڳواڻ رانا سليم جي فيڪٽرين تي ڇاپن دوران ڊرائيور ۽ ٻين ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو.