خاص

ڌرتيءَ جي هڪ ٽڪري تي به قبضو برداشت نه ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي ملڪ توهان جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي، عوام ته نٿو گهٻرائي، پر عمران خان جي گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ هر فورم تي ان ڪري ناڪام ٿي رهيو آهي، ڇو ته هڪ نالائق، ناڪام، سليڪٽڊ حڪمران عهدي تي ويٺو آهي، جنهن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت تي جيڪو تازو حملو ڪيو، ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ڪو پاڪستاني برداشت نٿو ڪري سگهي ته هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ يا بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ٿئي. هن چيو ته اسان ان آرڊيننس کي رد ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته ان غير آئيني آرڊيننس کي واپس ورتو وڃي، اڄ ڪجهه ٻيٽن تي قبضو ڪري رهيا آهيو، سڀاڻي توهان عمرڪوٽ ۽ بدين تي قبضو ڪري ڇڏيندئو، سڄي صوبي هڪ آواز ٿي ان قدم جي مذمت ڪئي آهي، حڪومت پنهنجي غلطي مڃي ۽ آرڊيننس واپس وٺي، اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي زمين جي هڪ به ٽڪري تي غير آئيني طريقي سان قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو جڏهن هڪ ڪرڪيٽر کي وزيراعظم بڻايو وڃي ته توهان کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ان قسم جي ٻاراڻين حرڪتن سان وفاقي نظام کي ڪهڙو ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو، توهان جو رويو غير جمهوري آهي، توهان مخالفن جي بغض ۾ انتقامي سياست تي لهي آيا آهيو.