ڪهاڻي : پيالو : ليکڪ: ٽالسٽاءِ : ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
”اليوشيا“، ننڍي ڀاءُ جو نالو ھو. سڀئي کيس ”اليوشيا“ ئي ڪوٺيندا ھئا، پر ھڪ ڏينھن جي ڪرڻي ھيءَ ٿي جو امڙ کيس ڪنھن پاڙيواريءَ جي گھر کير پھچائڻ لاءِ موڪليو ته واٽ تي ٿاٻو کائيندي، پاڻُ سنڀالي نه سگھيو ۽ ڀڳل پيالي سان گھر موٽي آيو. ان ڏينھن اليوشيا تي گھر ۾ موچڙا پيا ۽ جڏھن ھو ٻاھر نڪتو ته گھٽيءَ جي ٻارن به مٿس ھيڙھو ھيڙھو شروع ڪري ڏنو؛ ”پيالو! پيالو! اليوشيا پيالو!“ ان ڏينھن کان اليوشيا تي نالو، پيالو پئجي ويو.
اليوشيا جا ڪَنَ، سندس چھري جي ڀيٽ ۾ وڏا ھئا. اھڙا وڏا ڪَنَ، جن کي ڏسي لڳندو ھو ڄڻ ڪو وڏو پکي پَر ٽيڙي، اچي سندس ڪنن تي ويٺو ھجي. ڳوٺ ۾ ھڪڙو اسڪول ھو، پر پڙھڻ اليوشيا لاءِ مشڪل ڪم ثابت ٿيو. ٻيو ته وٽس وقت به نه ھو. سندس وڏو ڀاءُ شھر ۾ ھڪڙي واپاريءَ جي گھر ۾ نوڪر ھو. اھوئي سبب ھو جو جنھن ڏينھن کان اليوشيا پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو ھو، ان ڏينھن کان گھر جو ڪم ڪار به شروع ڪري ڇڏيو ھئائين. ڇھن سالن جي عمر ۾، پيءُ جي سمورين ٻڪرين جو رکوالو بڻجي ويو ۽ ٿورڙن ڏھاڙن ۾ کيس ڏينھن رات گھوڙن جي نظرداريءَ تي لڳايو ويو. ٻارھن سالن جي عمر جو ٿيندي ئي ٻنين ۾ ھر ڪاھڻ ۽ گھوڙي گاڏيءَ تي شھر کان سامان آڻڻ جا فرضَ سرانجام ڏيڻ لڳو. سندس چھري تي ھر وقت تازائي ۽ سرھائي رھي پئي. پاڙي جا ٻارڙا مٿس کلون ڪندا ھئا ته ھو ماٺ ڪريو کين پيو ڏسندو ھو يا وري پاڻ به پيو ٽھڪ ڏيندو ھو. اگر پيءُ ناراض ٿيس ته ڪنڌ جھڪايو ويٺو سندس ڇڙٻون ٻڌندو ۽ جڏھن ابي جي دل جو اوٻر نڪري ويندو ته سنھي مشڪ چپن تي آڻي، پنھنجي ڪم کي وڃي چنبڙندو هو.
جڏھن اليوشيا اوڻيھن سالن جو ٿيو ته سندس وڏي ڀاءُ کي، جبري ڀرتيءَ وارا وٺي ويا. اليوشيا کي ٻڌايو ويو ته ھاڻ کيس شھر وڃي، پنھنجي ڀاءُ جي جاءِ تي نوڪري ڪرڻي آھي. ٻئي ڏينھن کيس، وڏي ڀاءُ جا وڏا جوتا پارايا ويا ۽ شھر وٺي وڃي تاجر آڏو پيش ڪيو ويو. تاجر کي اليوشيا جا نرم نقشَ ۽ نازڪ ھٿ پير، ڪم لاءِ نا موزون لڳا.
”مان پئي سمجھيو ته سائمن جي جڳھ تي مون کي سٺو نوڪر ملي ويندو.“ تاجر کيس ننھن کان چوٽيءَ تائين ڏسندي چيو؛ ”ھيءُ منھنجي ڪھڙي ڪم جو آ؟“
”ھيءُ ھر ڪم ڪري سگھي ٿو.“ اليوشيا جي پيءُ، ٽَڏندي چيس؛ ”ڏھن ڇوڪرن جي جاءِ تي ھيءُ اڪيلو ڪافي آھي. ڪمزور لڳي ٿو، پر اوھان کيس ٿڪائي نه سگھندئو.“
”خير! اھا ته خبر پئجي ويندي.“ تاجر، ھڪ دفعو ٻيھر اليوشيا کي غور سان ڏٺو.
”ٻيو ته موٽائي ورندي ڏيڻ، ھن سکي ئي ناھي. وس پڄيس ته سڄي ڄمار بنا کاڌي کائڻ جي ڪم ڪندو رھي.“
”ڏسي وٺنداسين!… ڇڏي وڃينس..!!“ تاجر، بي رُخائيءَ سان چيس.
اھو اليوشيا جي نئين زندگيءَ جو آغاز ھو.
تاجر جي آڪھ وڏي نه ھئي. ٻڍڙي امڙ ۽ زال کان علاوه ٻه پٽ ھئس، جن مان ھڪڙو تعليمي سرگرمين ۾ اڳتي ته ٻيو وري دنياوي معاملن ۾ ڀڙ ھو. مڙني کان ننڍي ڌيءَ ھئس، جيڪا ھاءِ اسڪول جي آخري درجي ۾ ھئي.
منڍ ۾ اليوشيا، ڪنھن کي ڪو نه وڻيو. ھو ھاريءَ جو ٻار ھو ۽ ھنن کي اڃان تائين سندس وجود، مٽيءَ سان ڀڀوت لڳي رھيو ھو. ھن جو لباس ڏسي، ايئن لڳندو ھو ڄڻ ھن پورو جسم ھڪ چادر سان ڍڪي ڇڏيو ھجي. کيس مذھبي ماڻھن سان ڳالھائڻ جو ڍنگ ئي نه ايندو ھو ۽ ھو معزز ماڻھن جي ڪچھريءَ وارن گفتن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کان اڻڄاڻ ھو. بھرحال، ٿورڙن ڏھاڙن پڄاڻان، تاجر جا گھر ڀاتي، اليوشيا جا ھيراڪ ٿي ويا. آخرڪار، ھن جي ڪسرتي طبيعت، سندن ھيانءُ ٺاري ڇڏيو. کين ڄاڻ ٿي وئي ته ھو ڪنھن ڪم يا ڪنھن ڳالھ تان چڙي نٿو. موٽائي ورندي نٿو ڏئي. ھڪ ڪم پورو ٿيندي ئي، بنا ساھيءَ جي ٻيو ڪم شروع ڪريو ڇڏي. آھستي آھستي، تاجر جي سڄي گھر جو ڪم، اليوشيا جي حوالي ٿي ويو. جيتري تيزيءَ سان ھو پنھنجون ذميواريون نڀائيندو ويو، ايتري تيزيءَ سان سندس ذميوارين ۾ واڌارو ايندو ويو. ھو صبح سوير سجاڳ ٿيندو ھو ۽ ھڪ مَنو ٿي ھر ڪم نبيريندو ويندو ھو. تاجر جي زال، ان جي ماءُ، ڌيءَ، پٽ، نوڪرياڻي ۽ بورچي، سنھن ٿلھن ڪمن جي سلسلي ۾ ھن کي ئي ھيڏي ھوڏي پيا ڀڄائيندا ھئا ۽ ھيءُ، صبح کان شام تائين، چوگام ڦيراٽا کائيندي پيو نظر ايندو ھو.
کيس سڄو ڏھاڙو، ھن قسم جا گفتا ٻڌڻا پوندا ھئا:
”اليوشيا! ڊڪ ۽ وڃي ھن کي ھتي وٺي آءُ!“
”ٿورو ھن جو خيال ڪجانءِ اليوشيا!“
”موٽ تي ھن ڏانھن به ٿيندو اچجانءِ، ٻيو…“
”اھو نه ٻڌان ته توکان وسري ويو.“
”ھا! ھا! اھو به ضروري آ!“
اليوشيا، مڙني جي ٻڌندو، ياد رکندو، مشڪندو ۽ ھڪ پٺيان ٻيو ڪم ڪندو ويندو هو. ڪجھ ڏھاڙن پڄاڻان، اليوشيا جا ڊگھا جوتا ڇڄڻ لڳا ۽ ھنڌئون ھنڌئون سندس کڙين ۽ پٻن جي کل نظر اچڻ لڳي. تاجر، کيس جوتن جو نئون جوڙو گھرائي ڏنو. نوان جوتا ڏسي، اليوشيا جو چھرو ٻھڪڻ لڳو، پر نون جوتن، سندس پراڻن پيرن کي ٿڏي تي پنھنجو نه ڪيو. شام تائين جوتن جي لڦن بيحال ڪري ڇڏيس. کيس اھو به ڊڄ ھو ته نئين جوتي جا پئسا سندس پگھار مان ڪاٽيا ويندا ۽ جڏھن سندس پيءُ سندس پگھار وٺڻ ايندو ته مٿس ڏاڍو خفي ٿيندو. ڪجھ ڏھاڙن کان، سندس پيءُ کيس ساندھ تنبيھ جي تاھوت لايو بيٺو ھو ته؛ پنھنجا جوتا، ڏاڍو تڪڙا پيو گسائين، ٿورو احتياط ڪر!
اليوشيا، منھن-آنڌاري اٿي، چلھ لاءِ ڪاٺيون گھڙيندو، اڱڻ ۽ ٻاھرئين پڌر جي صفائي ڪندو، گھوڙن جو راتب ۽ ڳئن لاءِ گاھ پٺي جي ڪندو، چلھ ۾ باھ مچائيندو، سڄي گھر جا جوتا چمڪائيندو، ڌڻيءَ جا ڪپڙا ڇنڊي اس تي وجھندو، ڀتيون ۽ فرنيچر اگھندو، وري بورچيءَ جي چوڻ تي سودو سلوھ وٺڻ لاءِ بازار جو رخ ڪندو يا نوڪرياڻيءَ جي ھدايت تي ٿانوءَ ڌوئڻ لڳندو. انھن کان واندو ٿيو ته کيس ڪنھن جي نالي جي چٺي چپاٺي ڏئي، شھر جي ٻئي حصي ۾ موڪليو ويندو ۽ اتان موٽندي ننڍي ڌيءَ کي اسڪول مان آڻڻ جي ذميواري پڻ سونپي ويندس. تنھن جي باوجود ڪير نه ڪير چئي ڏيندس؛ ”اليوشيا! خدا جا ٻانھا!… ڪاٿي آھين!.. اڇا!… ھاڻي اجھو وڃ!.. ٻيو..“ ۽ اليوشيا، تڙي کڙي ويندو ۽ سچتائيءَ سان نئين ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو.
واندڪائيءَ جي گھڙي مليس ته ان دوران مانيءَ تي ٻوڙ ٿڦي کائيندو. اگر ان دوارن به ڪو ڪم مٿس اچي پيو ته مانيءَ جو رول ٺاھي، ھٿ ۾ کنيو پنھنجي ھدف ڏانھن وٺي ڊوڙندو. نوڪرياڻي کيس مانيءَ جي وقت تي نه پھچڻ جي ڪري دڙڪا ڏيندي، پر سندس مجبوريءَ تي ترس کائي اھا به سندس لاءِ ٿورو ڪجھ بچائي به رکي ڇڏيندي ھئي.
اليوشيا، گھڻو تڻو چپ ۾ ھوندو ھو. جڏھن کيس ڳالھ ڪرڻي ئي پئجي ويندي ھئي ته ھو جملن بجاءِ لفظن ۾ پنھنجي مراد ٻڌائيندو ھو. اگر ڪير کانئس پڇندو ته؛ ”تون فلاڻو ڪم ڪري سگھندين؟“ ”ڇو نه!“ ھيءُ جواب ڏيندو ۽ اڳلي جو جملو پورو ٿيڻ کان اڳي ڪم ۾ جنبي ويندو. کيس ڪا دعا ياد نه ھئي. ننڍپڻ ۾ ماڻس کيس ٿوريون ٿڪيون دعائون رٽايون ھيون، جيڪي وقت جي وٿيءَ سان دل جي فرھيءَ تان ميسارجي ويس.
اھڙيءَ طرح اليوشيا، ٻه سال گذاري ڇڏيا. پوءِ اھڙي ڳالھ ٿي جو جيڪا سندس زندگيءَ ۾ اڳي ڪڏھن نه ٿي ھئي.
اليوشيا کي ڄاڻ ھئي ته ھر ماڻھوءَ کي ٻين ماڻھن جي ضرورت ھوندي آھي. ڪنھن نه ڪنھن سطح تي ھڪٻئي جي ڪم ايندا آھن. ان ڪري دنيا اندر، انسانن جا انسانن سان تعلقات قائم آھن. اھا ڳالھ اليوشيا جي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھئي ته صورتحال اھڙي به ٿي سگھي ٿي، جو ماڻھو چاھي ته ڪو ٻيو ساڻس گڏ رھي، جڏھن ته کيس ٻئي کان ڪو ڪم به وٺڻو نه ھوندو آھي.
انسانن جي وچ ۾، اھڙو به تعلق ٿي سگھي ٿو! اھو اليوشيا جي لاءِ انڪشاف ھو ۽ ان ڳالھ جو ڪشف، کيس تانيا جي ذريعي ئي ٿيو. تانيا، ان نوجوان ۽ يتيم ڇوڪريءَ جو نالو ھو، جيڪا تاجر جي گھر ۾ نوڪرياڻيءَ طور ڪم ڪندي ھئي. اھا به اليوشيا وانگر محنتي طبيعت جي ھئي ۽ کيس اليوشيا جي يڪسوئيءَ تي جھٻو ايندو ھو. کيس ڏسي، اليوشيا کي پھريون دفعو محسوس ٿيو ته دنيا ۾ ڪو اھڙو به آھي جنھن کي ھن جي ڪم جي نه بلڪه سندس جند جي ضرورت آھي. ٻاروتڻ ۾ جڏھن اليوشيا جي امڙ ساڻس ھمدرديءَ جو اظھار ڪندي ھئي ته ھو حيران نه ٿيندو ھو. ھو ڄاڻندو ھو ته سموريون مائرون، پنھنجن ٻچڙن سان پيار ڪنديون آھن، پر تانيا ته کيس حيران ڪري ڇڏيو ھو. سندس اليوشيا سان ڪو به سڱ بند نه ھو، مگر پوءِ به ھوءَ سندس لاءِ مکڻ سان مکيل ماني، سانڍي رکندي ھئي. اليوشيا، سڻڀي ماني کائيندو ھو ته ھوءَ سندس سامھون ويھي چپڙي ڪري کيس ڏسندي رھندي ھئي. انھيءَ دوارن اليوشيا جون نظرون ساڻس ملنديون ھيون ته ھوءَ اڻ- لکو کلڻ لڳندي ھئي. جھٽ پلڪ لاءِ اليوشيا ڇرڪي ويندو ھو ۽ وري پاڻ به کلڻ لڳندو ھو.
اھا صورتحال وري ايتري ته انوکي ۽ پر ڪيف ھئي جو منڍ ۾ ته اليوشيا ڊنل ڊنل ھو. کيس وھم ٿي پيو ته ھو ھاڻي اڳي واري ڦڙتيءَ سان ڪم نه ڪري سگھندو. تانيا سندس حياتيءَ منجھ اھا دري کولي ھئي، جتان ھن پھريون ڀيرو گل ۽ پوپٽ اڏامندي ڏٺا ھئا. ان کان اڳي به کيس اھي شيون ڪٿي نه ڪٿي نظر اينديون رھيون ھيون، مگر واندڪائي نه ھئڻ جي ڪري ھو کين چڱيءَ طرح چتائي ڏسي نه سگھيو ھو. ڪم دوران، جڏھن سندس نظر پينٽ جي ان حصي تي پوندي ھئي، جيڪو تانيا وڏي مھارت سان رفو ڪيو ھو ته کانئس بي اختيار نڪري ويندو ھو؛ ”مھرباني! تنھنجي تانيا!“
جڏھن به ممڪن ٿي سگھيو، ٻنھي ھڪٻئي جي مدد ڪئي، کليا ۽ ننڍپڻ جا واقعا ورجايا. تانيا کي ڳالھين ڪرڻ جو شوق ھو. اليوشيا کي ٻڌايائين ته ڪھڙيءَ طرح ٻالڪپڻ ۾ ھن پنھنجي والدين کي، ھڪٻئي پويان، مرندي ڏٺو ۽ پوءِ ھوءَ ڪيئن پنھنجي ماسيءَ وٽ پھتي. اليوشيا ٻڌو ھو ته ڳوٺان ڪم جي تاڙ ۾ شھر آيل ڇوڪرا، گھڻو ڪري گھرو نوڪرياڻين سان پرڻجي ويندا آھن. ھڪ دفعي تانيا، اليوشيا کان پڇيو ته؛ ”تنھنجي پيءُ جو تنھنجي شاديءَ جي باري ۾ ڪھڙو ارادو آھي؟“
”خبر ناھي!“ اليوشيا ڪلھا لوڏي جواب ڏنو ھئس؛ ”بھرحال، ڳوٺ جي ڇوڪريءَ سان ته مشڪل آهي.“
”ته توکي ڪا پسند آھي؟“ تانيا، مشڪندي پڇيس.
”مان، توسان پرڻبس!“ اليوشيا، ھارين واري سُتيءَ ۾ پيل چٽي ڳالھائڻ کان ڪم وٺندي چيس؛ ”تون ڪندينءَ!؟“
”اڙي! ٻڌو! پيالو مون سان پرڻبو!“ اھو چئي، تانيا سندس سادگيءَ ۽ دليريءَ تي کلڻ لڳي. وري ھڪدم سنجيده ٿي چيائينس؛ ”ڇو نه! اليوشيا! ڇو نه!“
ھفتي کانپوءِ اليوشيا جو پيءُ، ھن جي پگھار اوڳاڙڻ، شھر آيو. تاجر جي زال تائين خبر پڄي چڪي ھئي ته اليوشيا جي مغز ۾ تانيا سان پرڻجڻ جي اڻتڻ گھر ڪري وئي آھي. ھن مڙس کي اڳواٽ ئي ھوشيار ڪري ڇڏيو ھو؛ ”پرڻي کانپوءِ ڪابه ڇوڪري ايتري محنت نٿي ڪري سگھي. ٻارن سان گڏ تانيا، اسان لاءِ بيڪار ٿي ويندي.“
تاجر، اليوشيا جي پگھار سندس پيءُ ڏانھن وڌائي ته ھو سدا وانگر چھڪي پيو؛ ”مون وارو نينگرڙو ڪيئن ٿو ڪم ڪار ڪري؟ نھڪر ته ھو ڄاڻي ئي نه!“
”جيستائين ڪم جو تعلق آھي،“ تاجر سنجيده لھجي ۾ چيس؛ ”مون کي ڪا شڪايت ڪانھي. مگر ھو اسان جي نوڪرياڻيءَ سان پرڻجڻ جا خواب پيو ڏسي، سو اسان لاءِ فائدي وارو نه ٿيندو.“
”اڙي! ھن جي اھا ھمت!“ اليوشيا جي پيءُ حيرت مان چيو. وري گھڙي سوا جي چپ کانپوءِ پوري اعتماد واري لھجي ۾ چوڻ لڳو؛ ”اوھان ڪابه ڳڻتي نه ڪيو! مان اھو معاملو ختم ڪري پوءِ ويندس.“
جڏھن اليوشيا، ڪو ڪم پورو ڪري، اُڀَ- ساھو گھر پھتو ته پڻس سندس ئي انتظار ۾ ويٺو ھو.
”مان توکي سمجھ وارو ۽ ڀاڳ وارو سمجھندو ھئس! ليڪن… ھي سڀ ڇا آھي؟“
”ڪجھ به ناھي.. ھيءُ ته.. ڪجھ به ناھي.“
”ڇا ڪجھ ناھي؟ پرڻي جو خيال دل مان لاھي ڇڏ! جڏھن اھو وقت آيو ته مان پاڻ توکي پرڻائيندس… ڪم وارين ماين کان.. شھر جي مڪار ماين کان پري رھ! سمجھيئه؟!“
پڻس چڱي دير تائين کيس ترش لھجي ۾ مھميز ڏيندو رھيو ۽ ھيءُ ڪنڌ جھڪايو ٻڌندو رھيو. جڏھن ھو ماٺ ٿيو ته اليوشيا جي چھري تي ساڳي مشڪ پکڙجي وئي.
”ته پوءِ؟“ پڻس جو لھجو سواليه ھو؛ ”مان اھو معاملو ختم سمجھان؟“
”جي ھا!“ اليوشيا ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
جڏھن پڻس موٽي ويو ته تانيا ڪمري ۾ گھڙي. ھن پردي پٺيان سڄو لقاءُ ٻڌو پئي. سندس نيڻ ڀنل ھئا.
”اسان کي اھو معاملو ختم سمجھڻ گھرجي.“ اليوشيا، نرميءَ سان چيس.
تانيا، ڇپر ڇلڪايا ته ٻه ڳوڙھا ڳلن تان ڳڙندا، نيسارا ٺاھيو ھليا ويا.
اليوشيا نيڻ کڻي ڏٺس، گھرو ساھ کنيائين ۽ مئل آواز ۾ چيائينس؛ ”ڇا ڪجي.. سڀ ناراض ٿا ٿين.. وسارڻو ئي پوندو.“
رات جو سمھڻ کان اڳي، گھر جو دريون بند ڪرڻ دوران، جڏھن ھو وڏي سمھڻ واري ڪمري ۾ گھڙيو ته تاجر جي زال کيس ڏسندي ئي چيو؛ ”پيءُ سان ملين؟ ھاڻ سڀ ڪجھ وساري، ڪم ۾ دل لاءِ.“
”لڳي ٿو ته وسارڻو ئي پوندو.“ اليوشيا، مشڪي چيس ۽ يڪدم ڀِتِ ڏي مھڙ ڪري روئڻ لڳو. اھو ڏينھن، اھو ڏھاڙو، اليوشيا وري نه تانيا جو نالو ورتو. ھو اڳي کان به وڌيڪ ڪم ۾ مصروف رھڻ لڳو.
سياري جي ھڪ صبح، کيس ڇت تان برف لاھڻ لاءِ چاڙھيائون. ھو برف جا ڍير ڪندو، ريڙھي ھيٺ اڇليندو ويو ۽ ٿوري دير ۾ سڄي ڇت اگھي ڇڏيائين. ان کانپوءِ ھو روشندانن جي ڇاڄن تي ڄميل برف ريڙھڻ لاءِ جيئن ئي جھڪيو ته پير کسڪي ويس ۽ ھيٺ اچي ڪريو. سندس ھيٺيون ڌڙ، برف جي ڍير ۾ گچندو ويو، ليڪن سندس ڪياڙي لوھي جھنگلي سان ٺا ٿي وئي. ڪرڻ پڄاڻان ھو اٿي بيٺو، پر اتي جو اتي ڪنڌ ڍاري برف تي سمھي پيو. تاجر جي ڌيءَ ۽ تانيا ڊوڙي پھتس.
”اليوشيا! تون ٺيڪ آن! توکي ڌڪ لڳو آ!“ ٻنھي جي آواز ۾ گھٻراھٽ ھئي.
”ھا! ٿورو ڌڪ لڳو آ!“ ھن ھيڻائيءَ سان ڪنڌ کي ڌوڻ ڏئي چيو؛ ”ليڪن ٺيڪ آ.“
ھن ھڪ ڀيرو ٻيھر، بيھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻيھر ناڪام ٿيڻ تي مٿو موٽائي برف تي رکي، مشڪڻ لڳو.
کيس ماڻھن جي مدد سان کڻي، ھنڌ تي اچي ليٽايائون. ڊاڪٽر معائني کانپوءِ کانئس پڇيو؛ ”ڪھڙي ھنڌ ٿو سور محسوس ڪرين؟“
”ھر ھنڌ!“ ھن ھيڻائيءَ سان چيو؛ ”ليڪن ٺيڪ آ.“
ٿوري دير کانپوءِ ھن اکيون پٽيون ۽ چيائين؛ ”روشندانن جي برف رھجي وئي… ابي کي گھرائي وٺو.“
اليوشيا ٻن ڏينھن تائين ھنڌ ڀيڙو رھيو ۽ ٽئين ڏينھن ھنن پادريءَ کي گھرائي ورتو.
”تون مري رھيو آھين اليوشيا؟“ تانيا جو لھجو سواليه ھو.
”اسان سدا رھڻ لاءِ ته ڪو نه ٿا اچون!“ اليوشيا فطري صاف گوئي سان جواب ڏنو؛ ”ھڪ ڏينھن مرڻو به ھوندو آھي.“ وري چند لمحن جي ماٺ پڄاڻان چوڻ لڳو..؛ ”ٻيو ڏٺئي! اھو به ڀلو ٿيو. ھنن اسان کي پرڻجڻ نه ڏنو. ھاڻ ڪيڏو نه افسوس ٿئي ھا.“
ھو جھيڻائيءَ سان پادريءَ جا چيل لفظ دھرائيندو رھيو. کيس خيال پئي آيو ته جيڪڏھن ماڻھو سڀني جي ڳالھ مڃيندو رھي ۽ ڪنھن کي ناراض نه ڪري ته نھايت اطمينان سان حياتي گذاري ٿو.
”اگر ھتي ايئن ٿئي ٿو.“ ھن سوچيو؛ ”ته ھُن جھان ۾ به ايئن ئي ٿيندو ھوندو.“
ھن گھڻيون ڳالھيون نه ڪيون. بس رکي رکي پاڻي پئي گھريائين. پوءِ اوچتو ھو ڪنھن خيال ۾ ڇرڪي ويو. ايئن لڳو ڄڻ ڪا ڳالھ کيس حيران پئي ڪري. اکين ۾ ڦھلجندڙ حيرت سان گڏ ھن گھرو ساھ کنيو، ڄنگھون ٻانھون سڌيون ڪيون ۽ پيالا ڪري ويو.
(سنڌي روپ: صغير ملال جي ڪيل اردو ترجمي تان)

