2017 ۾ ٿيل مردم شماري جا نتيجا وفاق ۽ PBS کان پڌرا ڪرائي پوءِ لوڪل گورنمينٽ جون چونڊون ڪرايون وڃن
قومي عوامي تحريڪ جي باني اياز لطيف پليجو سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته مردم شماري جا نتيجا جلد ئي وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (PBS) کان پڌرا ڪرايا وڃن ۽ ايندڙ لوڪل گورنمينٽ جون چونڊون 2017 جي مردم شماري جي نتيجن مطابق جيئن آئين ۾ ڏنل آرٽيڪل 5-51 ۾ ٻڌايل آهن ان مطابق نيون حلقه بنديون ڪري پوءِ ڪرايون وڃن.