بلاگ

2020 ۾ منهنجي مطالعي ۾ آيل ڪجهه سنڌي ادب سرمد کوسو

هر سال سنڌي ادب ۾ مختلف صنفن ۾ نثر ۽ نظم جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿين ٿا. جن جا پڙهندڙ منتظر رهن ٿا. اسان وٽ گذريل ڪجهه سالن کان ڪتب بيني جي رجحان کي وري نئين زندگي ملي آهي. ڪافي نوجوانن ۾ پڙهڻ لکڻ جو هڪ صحتمند لاڙو پيدا ٿيو آهي. سال 2020 دوران مون کي وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو. انهي جو وڏو سبب عالمي وبا جي ڪري ٿيل لاڪڊائون هو. انهي دوران پاڻ کي مصروف رکڻ ۽ نون خيالن سان روشناس ٿيڻ جو موقعو ڪتابن سان دوستي کانسواءِ ٻيو ڪو به نه هو. مون ڪجهه انگريزي ۽ اردو جا ڪتاب به پڙهيا پر سنڌي ڪتابن جو تعداد وڏو آهي، جيڪي منهنجي مطالعي ۾ آيا. انهن ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن جو ذڪر آئون هتي دوستن سان شيئر ڪريان ٿو.

1: ڪتاب: قيد ڪشالا زندگي (آتم ڪٿا)

ليکڪ: الھورايو بھڻ

ھن ڪتاب جي نالي مان ئي لڳي پيو ته ھي ھڪ فرد جي مسلسل جدوجھد، محرومين، زندگي جي لاڙھن چاڙھن، سُکن ۽ ڏکن جو داستان آھي. جڏهن ڪو فرد زندگي جي مختلف مرحلن مان گذري، ڏکائين مان پار پئي اڳتي وڌي ٿو ته پوءِ ھو ھڪ عام فرد نٿو رھي بلڪه اُھو فرد ھڪ شخصيت ۾ تبديل ٿي ٿو وڃي. اھا شخصيت ٻين لاءِ ھڪ مثال ۽ اتساھ جو سبب بڻجي ٿي پوي. وري جڏهن اھا شخصيت پنهنجي زندگي جي ڪھاڻي دلچسپ آتم ڪٿا جي صورت ۾ لکي پڙھندڙن تائين پھچائي ته پوءِ ڪھاڻي تاريخ جو حصو ٿي وڃي ٿي.

اھڙو ئي فرد سائين الهورايو بھڻ به آهي جنهن پنهنجي زندگي جي ڪھاڻي “قيد ڪشالا زندگي” جي نالي سان لکي ڪتابي صورت ۾ پڙھندڙن جي سامھون آندي آھي. ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي اٻالي ٻاروتڻ کان ھن وقت تائين جون يادون ڏاڍي اتساھيندڙ انداز ۾ بيان ڪيون آھن. ھڪ ٻار قيد ۾ ڪھڙي طرح مختلف پيڙائن مان گذري ٿو. اھو ڏاڍي سچائي سان بيان ڪيل آھي. ليکڪ علم جي تلاش ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون سي به اڄ جو نوجوان پڙھي اھو سمجهي سگهي ٿو ته علم جي ڪيڏي اھميت آھي ۽ اھو علم ئي آھي جيڪو انسان کي فضيلت ڀري زندگي گذارڻ جو گس ڏسي ٿو. ان کان سواءِ ليکڪ ميرپورخاص شھر جو ذڪر به ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪري ٿو.

ليکڪ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ سنڌي سماج جو بھترين تجزيو ڪيو آهي جنهن ۾ ھو پاڻ سان لاڳاپيل مختلف شخصيتن تي به لکي ٿو. ايئن کڻي چئجي ته انھن شخصيتن جا مختصر خاڪا لکي ويو آھي.  جيڪي به وڏي اھميت وارا آھن. ليکڪ پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد ھو ته ھن اسان جي تعليمي صورتحال تي به سٺي نموني روشني وڌي آھي.

ھي ڪتاب نارا ريسرچ ائنڊ پبلشنگ آرگنائيزيشن پاران شايع ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ محمد عمر چنڊ، استاد لغاري ۽ امر لغاري جا ليکڪ بابت رايا شامل آھن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي خورشيد قائمخاني صاحب جو نوٽ لکيل آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ جون ناياب تصويرون به شامل ڪيون ويون آھن. آتم ڪٿائن سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي ھي ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجي.

2: ڪتاب “سنڌ شناسي” (تاريخ)

 ليکڪ: ايم ايڇ پنهور

مون جڏهن پھريون ڀيرو ايم ايڇ پنھور صاحب جي آتم ڪٿا پڙھي ھئي ته ان وقت کان مون کي پنھور صاحب جي شخصيت وڻي ٿي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ لڇمڻ ڪومل صاحب جي آتم ڪٿائن کانپوءِ جيڪڌهن مون کي ڪا آتم ڪٿا بيحد وڻي ھئي ته سائين ايم ايڇ پنھور صاحب جي آھي. جنهن جو سنڌي ترجمو ڇپيل آھي جيڪو سائين حاڪم علي شاهه بخاري صاحب ڪيو آھي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سندس شاندار ڪتاب “سنڌ شناسي” جو مطالعو مڪمل ڪيم. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي بي لوث خدمتگار، زرعي ماھر ۽ تاريخدان محترم ايم ايڇ پنھور جون سنڌ جي تاريخ، قديم آثار، جاگرافي، سماجيات، سياست، اقتصاديات، ماحوليات، زراعت، آبپاشي، ادب، مشھور شخصيتن جا پروفائلز ۽ سندن يادگار تقريرن سميت ٻيون ناياب لکڻيون شامل آھن. جيڪي پڙهڻ کانپوءِ سنڌ کي تاريخي طور سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ گڏوگڏ سنڌ سان پيار جو احساس به وڌي ٿو.

سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ استاد محترم غلام محمد لاکو صاحب ھن ڪتاب جو مرتب آھي. جنهن ايم ايڇ پنھور صاحب جي سنڌ جي موضوع تي لکيل مختلف لکڻين کي ڏاڍي پيار سان سھيڙي پڙھندڙن تائين پهچايو آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود ڪافي لکڻين جو ترجمو به غلام محمد لاکي صاحب ڪيو آھي. جڏهن ته ڪجهه لکڻين جو ترجمو سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب ڪيو آهي.

ھن ڪتاب کي ڇھن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آٓهي جنهن جي آخري ڀاڱي ۾ ايم ايڇ پنھور صاحب جا چار يادگار انٽرويو ڏنا ويا آھن. جن ۾ ھو پڇيل سوالن جا وڏي بيباڪي سان جواب ڏيندي ۽ سنڌ جي مختلف سياسي ۽ ادبي شخصيتن بابت پنهنجو واضح موقف ڏيندي نظر اچي ٿو.

ان کان علاوه ھن ڪتاب ۾ ايم ايڇ پنھور جا مختلف ڪتابن لاءِ لکيل مھاڳ ۽ تبصرا به شامل آھن جن جو موضوع به سنڌ آھي.

ھن ڪتاب جو تفصيلي مھاڳ به غلام محمد لاکي صاحب جو لکيل آھي. ھي تاريخي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آهي جنهن جي قيمت 1000 رپيا آھي.

3: ڪتاب: “منهنجي من اندر جون ڳالھيون”.

(جيون ڪٿا)،

استاد حيدري چانڊيو

علامه آءِ آءِ قاضي صاحب اسان کي ڪيڏي نه شاندار نصيحت ڪئي آھي ته “اسان مان ھر ھڪ فرد کي زندگي جي ڪھاڻي کي لکڻ گھرجي. جيڪا وڏو ادبي سرمايو ثابت ٿيندي.” واقعي اھا حقيقت آھي، ھر ماڻهو پنھنجي پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ منفرد ۽ مختلف آھي، جيڪڏهن ھو پنهنجي روز مره جي زندگي بابت سچي دل سان لکي ٿو ته سندس اھا ڪٿا تاريخ جو حصو ٿي وڃي ٿي. جنهن مان ڪافي ماڻهن کي نوان گس ۽ پيچرا ملي سگھن ٿا.

مختلف ماڻهن جون آتم ڪٿائون، مون لاءِ دلچسپي جو سبب ھونديون آھن. انهن مان به وڌيڪ اھي ڪٿائون وڻنديون اٿم، جن ۾ ليکڪ وڏي سچائي ۽ بيباڪي سان حقيقتن تان پردا کڻندي، پنھنجو پاڻ کي به بخش نه ڪيو ھجي. اھڙين آتم ڪٿائن مان ھڪ ڪٿا گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي مطالعي ھيٺ رھي، اھا آھي استاد مٺل حيدري چانڊيي جي آتم ڪٿا، منھنجي من اندر جون ڳالهيون. جنهن کي اڄ پڙھي مڪمل ڪيم ۽ سوچيم ته دوستن سان ٻه اکر شيئر ڪريان.

استاد حيدري چانڊيي سان جڏهن به ملبو آھي ته سندس ھر لفظ، هر ادا ۽ ھر عمل ۾ محبت ئي سمايل ھوندي آھي. ڳالهه ڳالهه تي وڏا ٽھڪ ڏيندڙ ۽ ڀٽائي جا بيت ٻڌائيندڙ ھن زندگي سان ڀرپور شخص جي آتم ڪٿا به ٽھڪن، لڙڪن، پيڙائن، محبتن، حوصلي ۽ جذبي سان ٽمٽار آھي. جنھن ۾ ھن نه رڳو پير پرستي کي ننديو آھي، پر ان خلاف سندس جدوجهد جا قصا به بيان ڪيا اٿس. جتي ھن جي شادي به پاڻ کان تمام ننڍي عمر جي ڇوڪري سان ٿئي ٿي ته ان تي به ھي پنهنجي مائٽن سان احتجاج ڪري ٿو ته توھان ھي ڪھڙو ظلم ڪيو آھي ۽ ان واقعي تحت سنڌ جي اڪثر ٻھراڙين ۾ ٿيندڙ ننڍي عمر ۽ بي جوڙ شادين کي نندي ٿو. ھي بھادر مڙس پنهنجي نوڪري دوران پنهنجي بالا آفيسرن کي سچ چوڻ کان به نٿو ڪيٻائي.

ھن کي ته ورھاڱي کانپوءِ ھتان هليو ويندڙ اھو گھورڙيو به نٿو وسري جنهن کان کيس سندس ڏاڏي ڀڳڙا وٺي ڏيندي ھئي، ان کي ياد ڪندي ھي اڏول شخص روئي ٿو پوي. پاڻ ورھاڱي جي ڏک جو اظھار ڪندي لکي ٿو ته “اڄ به ساڙھي سان گڏ چنڊ چھري واري نرڙ تي تلڪ جو ڳاڙھو نشان لڳل ڪا نياڻي ڏسندو آھيان، ته مون کي پنهنجو پراڻو وقت ياد اچي ويندو آھي، جڏھن اسان جا ھم قوم سنڌي ھندو سنڌ ۾ رھندا ھئا ۽ شاھ سائين جو ھي بيت دل تي تري ايندو آھي ته:

بيکاريءَ کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي،

ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙھا پيس ڳڙي،

ڪا جا انگ اڙي، جيئن ڇُٽا ڦٽ ڇڙي پيا.

حيدري سائين، پيشي جي لحاظ کان استاد رھيو آھي، پنھنجي سروس دوران ھن سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ پڙھايو. سندس ڪٿا جو تقريبن وڏو حصو سندس سروس دوران پيش ايندڙ واقعن تي مشتمل آھي، جيڪي پڙهي ماڻھو ٽھڪن ۾ ٻڏي ٿو وڃي. ھي ايڏو باضمير استاد آھي، جو ھڪ وقت ڪنهن شاگرد کي سبق ڪچو ھجڻ ڪري مار ڏئي ويٺو، جنھن جو پوءِ کيس شديد ڏک ٿيو ۽ پاڻ ان شاگرد کان معافي ورتائين. پاڻ لکي ٿو ته پنجاهه سال ان ڳالهه کي گذري ويا آھن، پر مون کان اڄ به اھو واقعو نٿو وسري ته مون شاگرد کي مار ڏني. اڄ به پنهنجي پاڻ سان اندر ۾ جٺ ڪندو آھيان ته مون ھي ڪيڏو وڏو ڏوهه ڪيو. اڄ به جڏهن ساڻس ملجي ٿو يا ننڍڙن ٻارن سان ورتاءُ ڏسجي ٿو ته اھو ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ وارو آھي. پاڻ کان ننڍن سان جڏهن ھي سنڌي ٽوپي پھريل شخص منھنجا ٻچا چئي مخاطب ٿيندو ته سچ پچ محبتن جو امين لڳندو آھي.

ھي محبتي ماڻھو پنهنجي اولاد سان به بيپناھ پيار ڪري ٿو، ان حوالي سان ھڪ واقعو لکي ٿو ته سندس ننڍڙي نياڻي سورٺ جيڪا شديد بيمار ٿيڻ کانپوءِ ھي جھان ڇڏي ٿي وڃي ته ھي روئي سندس لاش سان مخاطب ٿو ٿئي ته “منھنجا ٻچا مون کي معاف ڪجان، مان غربت ھجڻ ڪري تنھنجو سٺو علاج به نه ڪرائي سگھيس.”

پنهنجي مزاج ۾ حسن پرست ۽ عاشقانه مزاج رکندڙ استاد حيدري پنهنجي پيار جي سلسلن، اندر جي اڌمن کي به وڏي بيباڪي ۽ وڻندڙ انداز ۾ بيان ٿو ڪري. جيڪي پڙھندڙن ۾ دلچسپي پيدا ڪن ٿا.

سندس ڪٿا سنڌ جي ان وقت جي خوشحال دور جي تاريخ جو ھڪ حصو آھي. جڏهن اوطاقون آباد ھيون ۽ عام ماڻهو به خوشحال ھو. افسوس جو اڄ جو عام سنڌي اٽي لپ لاءِ به پريشان ۽ بيوس آھي.

ايلسا پبليڪشن پاران ڇپايل ھن آتم ڪٿا جو مھاڳ علي نواز آريسر لکيو آھي. جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته، “استاد حيدري پنهنجي مزاح طبيعت جا به ڪيترائي داستان چِٽيا آھن، جيڪي دلچسپ ته آھن ئي آھن، پر انهن ڳالهين کي پڙھندي ھڪڙي اھا ڳالهه به سمجھ ۾ اچي ٿي ته اڄ کان ٽيھارو سال اڳ واري سنڌ سھپ ۽ رواداري واري سنڌ ھُئي، اڄ جي دور ۾ ڪير ٿو اھڙا ڀوڳ چرچا برداشت ڪري!”

استاد حيدري سندس ڪٿا ۾ سائين جي ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر سان سندس دوستي ۽ نيازمندي کي ڏاڍي پياري انداز ۾ بيان ڪيو آھي. سندس ڪٿا جا اھي باب به پڙھڻ وٽان آھن.

استاد حيدري کي شابس آھي جو پاڻ ھن ڄمار ۾ به لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مصروف رھي ٿو ۽ دوستن لاءِ سندس دل جا در ھر وقت کليل رھن ٿا ۽ پاڻ وڏا ڀاڪر پائي، کين چميون ڏئي ڀٽائي جي بيتن سان سندن آجيان ڪري ٿو.

ھي ڪٿا پڙهڻ کانپوءِ مون کي شدت سان اھو احساس ٿو ٿئي ته اسان جي چوڌاري ڪيڏا نه وڏا ماڻهو لڪل ھيرن جي صورت ۾ موجود آهن جن جو اسان کي قدر ڪرڻ گھرجي ۽ سندن روشن خيالي ۽ فڪر کي عام ڪجي. اسان کي قدر سدائين ماڻهو جي مرڻ کانپوءِ ٿيندو آھي. سندس حياتي ۾ کيس گھربل عزت ۽ پيار ناھيون ڏيندا. جيڪا ڏاڍي افسوس ۽ ڏک جي ڳالھ آھي.

سنڌ ۾ يقينن اھڙيون کوڙ ھستيون موجود آھن، جيڪي جيڪڏھن پنهنجي آتم ڪٿا لکن ته قوم تي سندن اھو وڏو احسان ھوندو. ڇو ته سندن ڪھاڻيون ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ اتساھ ۽ علم جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.

4: انور پيرزادي جون ڪهاڻيون

انور پيرزادي صاحب جو نالو زبان تي ايندي ئي، ذهن جي ڪينواس تي سندس سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا سامهون اچن ٿا. انور پيرزادو ڀٽائي جو پارکو، محقق، شاعر، آرڪيالاجسٽ ۽ اينٿرو پالاجسٽ طور سڃاڻپ رکي ٿو پر تمام گهڻن ماڻهن لاءِ اها نئين ڳالهه هوندي ته انور پيرزادو هڪ سُٺو ڪهاڻيڪار به هو. هن وقت منهنجي سامهون سندس ڪهاڻين جو مجموعو “انور پيرزادي جون ڪهاڻيون” موجود آهي. جنهن ۾ 8 ڪهاڻيون شامل آهن.

هن ڪتاب جو طويل ۽ شاندار مهاڳ ناليواري ليکڪ محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. جنهن ۾ هُو لکي ٿو ته “هُن جي هر گُفتي، بلڪه هر جملي ۾ ڪا نئين ڳالهه هوندي هُئي. ڳالهه به اهڙي، جيڪا پڙهندڙ جي ڪنن مان هڪدم سڌو رستو وٺي، دل جي دفتر ۾ لهي وڃي هميشه لاءِ اُتي ديرا ڄمائي ويهي رهي هئي.”

محمد علي پٺاڻ هنن ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته “اڪثر ڪهاڻيون هِن 1970ع جي پنهنجي جيل ياترا دوران لکيون. جنهن ۾ تنهن زماني جي مسئلن ۽ ڳالهين سان گڏ انور پيرزادي صاحب پنهنجي ڳوٺاڻي زندگي جي ڀيانڪ غربت کي به وائکو ڪيو آهي.” اڳتي لکي ٿو ته، “هي ڪهاڻيون، جن کي لکئي ذري گهٽ پنجاهه ورهيه گذري چڪا آهن، سي جڏهن اڄوڪي زماني ۾ پڙهجن ٿيون ۽ انهن ۾ بيان ڪيل مسئلن ۽ ڳالهين تي غور ويچار ڪجي ٿو، ته توڙي جو وقت جي وڇوٽي جي شدت سان احساس به ٿئي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي ائين ئي لڳي ٿو ته هي اڄوڪي دور جون ئي ڪهاڻيون آهن. جن جي ماحول ۾ جيڪڏهن ٿورو گهڻو فرق آيو به آهي، ته اهو موبائيل، انٽرنيٽ جو ئي آيو آهي. ڇو ته وقت اسان وٽ بدليو ناهي ۽ حالتن جي ڦيري سان اُن جو ڳانڍاپو ٿي نه سگهيو آهي.”

ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين ۾ پهرين ڪهاڻي “خدا ۽ سرمايو” آهي. جنهن کي پڙهڻ دوران اِهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته سماجي ڪهڙي طرح اسان جو سُک ۽ چين ڦٽايو آهي.

“ملاقات” ۽ “جيل جو سماج ۽ ڌاڙيل” نالي ٻئي ڪهاڻيون جيل ياترا جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. انهيءَ کانپوءِ ڪهاڻي “ٻه جيون ساٿي” يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ٻن پيار ڪندڙ دلين جي پيار ڪهاڻي آهي. “قرباني جي ٻڪري” ڪهاڻي جو موضوع، اسان جي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ ظلم آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهو ڀرپور انداز سان ڏسيو ويو آهي ته هڪ ماءُ جي پيٽ ۾ موجود نياڻي اڃا جنم ئي ناهي ورتو ته اڳ ۾ ئي ان جا سڱ طئي ٿي ٿا وڃن. ڪهاڻي “سازش” لالچ ۾ اچي وفاداريون تبديل ڪندڙ هڪ شخص جي آهي، جيڪو تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ غدار ۽ مجرم قرار ڏنو وڃي ٿو. “پرين پڄاڻان” ڪهاڻي ڳوٺاڻي زندگي سان واسطو رکندڙ هڪ ناڪام عشق جي آهي، ڪتاب ۾ موجود اٺين ۽ آخري ڪهاڻي “ڪاڇي جي ڪهاڻي”، ڪاڇي ۾ سوڪهڙي جي منظر ڪشي آهي.

هن ڪتاب کي پيڪاڪ پرنٽرز شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل محترم انور ابڙي لکيو آهي. جنهن ۾ لکي ٿو ته “هي وڏي ڏات وارو انسان هر شعبي جو ماهر هو. هي ڪهاڻيون پڻ سندس اُن علم، مشاهدي، سوچ ۽ فني قابليت جو هڪ مثال آهن. جيڪي سنڌ جي ويجهي ماضي ۾ پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي پيدا ٿيل نسلن لاءِ هڪ انڪشاف پڻ هونديون.”

5: ڪتاب: ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج (ادبي تنقيد)

ليکڪ: جامي چانڊيو

جامي چانڊيو جڏهن به لکندو يا ڳالهائيندو آهي ته، اُن مان سندس علم، فهم، گهري مطالعي ۽ مشاهدي جي خوشبوءِ ايندي آهي. پاڻ هميشه هڪ متحرڪ ڪردار رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو. سندس لکڻيون ۽ ليڪچر اتساهه جو سبب هوندا آهن. جن مان سِکڻ ۽ پرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ملي ٿو. هن وقت منهنجي سامهون سندس ڪتاب “ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج” موجود آهي. جنهن جو موضوع ادبي تنقيد آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان اهو احساس ٿئي ٿو ته تنقيد، ساڙ، حسد ۽ نفرت يا وري اجائي واهه واهه جو نالو ناهي. پر تنقيد اهو فڪري ڪم آهي، جنهن ذريعي نوان گس ۽ نيون سوچون سامهون اچن ٿيون.

هن ڪتاب ۾ ادبي تنقيد جي حوالي سان جامي چانڊيي جا ليڪچر ۽ لکڻيون شامل آهن. جيڪي هُن مختلف وقتن تي لکيون آهن. ڪتاب جي پهرين مضمون “ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج” ۾ نهايت ئي شاندار طريقي سان ادبي تنقيد جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جو ٻيو مضمون “ادب ۽ فن بابت غلط تصور ۽ مفروضا” جي عنوان سان آهي. جنهن ۾ انهن سمورن غلط تصورن ۽ مفروضن تي لکيو ويو آهي، جيڪي اسان جي ادبي دنيا ۾ عام آهن.

شيخ اياز جي شاعري بابت به هن ڪتاب ۾ ڪافي ليک موجود آهن، جيڪي اياز شناسائي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

اُن کان سواءِ هن ڪتاب ۾ جامي چانڊيي پاران مختلف ڪتابن جا لکيل مهاڳ ۽ انهن جا تنقيدي اڀياس به شامل آهن. جن ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب، رسول بخش پليجو صاحب، سراج صاحب، نادر بيگ، رياضت ٻرڙو، مولا بخش چانڊيو ۽ غلام نبي مغل شامل آهن.

هن ڪتاب ۾ ٻه مهاڳ شامل آهن. جيڪي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جا لکيل آهن. انهن ٻنهي مهاڳن مان مون کي وڌيڪ بهتر ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل مهاڳ لڳو. جنهن ۾ هُن تمام فڪري انداز ۾ ڪتاب ۾ موجود لکڻين تي پنهنجو رايو ڏنو آهي.

ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر اسحاق سميجي جا رايا موجود آهن. جڏهن ته ڪتاب تي فليپز تي ڊاڪٽر احسان دانش ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف جا رايا موجود آهن.

هي ڪارائتو ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو آهي.

***