بلاگنئون

نقلي نوٽ… نقلي ڊرائيونگ لائسنس!

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل

نقلي نوٽ… نقلي ڊرائيونگ لائسنس!

الطاف شيخ

71-1970ع تائين سنگاپور ٺڳن جو ملڪ سمجھيو ويو ٿي. دنيا جي هر “دو نمبري” شيءِ پينن ۽ واچن کان صابڻن ۽ چاڪليٽن تائين سنگاپور  ۾ ملي ٿي. اسان جي ملڪن (پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا توڙي دبئي، عدن ۽ ممباسا) جا ٺڳ واپاري سنگاپور جي سرنگون روڊ ۽ هاءِ اسٽريٽ وارن دڪانن اڳيان خريد و فرخت ڪندي نظر ايندا هئا. هوائي جهازن جون ايئر هوسٽسون توڙي اسان جا بحري جهازن وارا همراهه، هِتان نَقلي برانڊيڊ قميصون، رومال، واچون، ڪئلڪيوليٽر ۽ ڪئميرائون سستي اگهه تي وٺي پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کي تحفي ۾ ڏيندا هئا. پئسا مٽائڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن دڪاندار هڪ اڌ جعلي نوٽ به ڏئي ڇڏيندا هئا. جهاز ڇٽڻ بعد يا ٻي ملڪ پهچڻ تي جڏهن اسان کي نقصانَ جي خبر پوندي هئي ته پوءِ سنگاپور جي ماڻهن ۽ حڪومت کي گاريون ڏيندا هئاسين ۽ هِڪَ ٻئي کي خبردار ڪندا هئاسين ته سنگاپور جي ٺڳن کان بچي رهجو.

حيدرآباد ۽ سکر شهر جيڏي هِنَ ٻيٽَ جي امن امان جي صورت به ڪا سٺي نه هئي. جهاز پهچڻ تي مڪاني آفيس طرفان اسان کي چِتاءُ ڏنو ويندو هو ته رات جو ٻاهر نڪرڻ کان گريز ڪريو. ڏينهنَ جو به اڪيلي سِر پري نه وڃو. هر بس تي سنگاپور جي چئني قومي زبانن (انگريزي، ملئي، چيني ۽ تامل) ۾ لکيل هوندو هو ته جيب ڪترن کان خبردار رَهو.

ڪجهه اهو ئي حال هانگ ڪانگ جو هو… جتي پڻ دنيا جي هر نقلي شيءِ ٺهي ٿي. نوٽن ۽ اسڪولن ڪاليجن جي ڊگرين کان هوائي ۽ بحري جهازن جي اسپيئر پارٽس تائين. اڄ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ قاعدي قانونَ ۽ امن امانَ کان مشهور آهي. مجال آهي جو توهان کي ڪا نقلي شيءِ ملي. مجال آهي جو ڪو ماڻهو ٺڳي ڪري.

سنگاپور جي ڪنهن روڊَ تي توهان جو ٻٽون ڪري پوي ته به ڪو ان کي پنهنجو نه ڪندو. موٽي اچڻ تي توهان کي اتي ئي ملندو يا ان علائقي جي پوليس اسٽيشن جي Lost & Found جي ڪائونٽر تي. اڄ سڀ کان سخت پڙهائي ۽ ڊسيپلين سنگاپور جي تعليمي ادارن ۾ آهي ۽ سنگاپور مان حاصل ڪيل ڊگريءَ کي سڄي دنيا ۾ مانُ ڏنو وڃي ٿو… ڇو ته هر هڪ کي خبر آهي ته هن ملڪ جي ڊگري نقلي ٿي نٿي سگهي ۽ هن ملڪ جي ڊگري حاصل ڪرڻ وارو شاگرد ٿي نٿو سگهي ته هوشيار نه هجي… محنتي نه هجي… پنهنجي سبجيڪٽ جو ڄاڻو نه هجي. ان ڪري سنگاپوريءَ کي دنيا جي هر ملڪ ۾ سولائيءَ سان نوڪري مليو وڃي ۽ سنگاپور جي پاسپورٽ جو ايڏو ته مان ۽ عزت آهي جو سنگاپوريءَ کي آمريڪا جهڙي مُلڪَ ۾ گهڙڻ لاءِ به ويزا جي ضرورت ناهي. سنگاپوري جيڪي ڪنهن زَماني ۾ ٺڳ ۽ چور سمجھيا ويندا هئا اڄ اهي ايڏو عزت مابَ ٿي ويا آهن جو هو جڏهن چاهين ۽ جنهن وقت چاهين ته نه فقط آمريڪا پر يورپ جي به هر ملڪَ ۾ وڃي سگهن ٿا ۽ جيترا ڏينهن هو چاهين اتي رهي سگهن ٿا.

اهي ماضي ۽ حال جون ڳالهيون سوچي مون کي پنهنجي مُلڪَ ۽ ماڻهن تي ڏک ٿيندو آهي ته اڄ اسان کي ان آڳاٽي سنگاپور کان به بدتر سمجھيو وڃي ٿو ۽ اسان سان هر برائي وابستا ڪئي وڃي ٿي. هر ٺڳي جو ۽ دو نمبري ۽ نقلي ڪم اسان جي مُلڪَ ۽ ماڻهن سان لاڳاپيو وڃي ٿو. ان جو پهريون دفعو احساس مون کي 1991ع ۾ ٿيو جڏهن ڪئالالمپور ۾ ڪجهه نوڪرين لاءِ اُميدوارن جا انٽرويو وٺڻ لاءِ مون کي به ججن جي پئنل تي وهاريو ويو هو. اسان جي مُلڪَ جا شاگرد به ايندا رهيا ٿي. هو انڊيا ۽ بنگلاديش جي اُميدوارن کان جيتوڻيڪ گهٽ ذهين ۽ ڄاڻو ۽ انگريزي ڳالهائڻ ۾ ڪمزور لڳا ٿي، پر تڏهن به ڪم هليو پئي. ڪجهه نه ڪجهه کي نوڪري ملي وئي ٿي ۽ پوءِ ڌمچال اُن وقت پئدا ٿيو جڏهن اسان جي ٻن همراهن جون ڊگريون نقلي نڪتيون. مون کي ته حيرت ٿي ته اهي نقلي اهڙي نموني ٺهيل هيون جن تي ظاهري طرح ذري برابر به شڪ نٿي ٿيو. بهرحال ان قسم جي وارداتن ڪري اسان جي مُلڪَ جي شاگردن کان هرڪو ادارو ۽ ڪمپني پاسو ڪرڻ لڳو ۽ چند شاگردن جي بدنامي ڪري اڄ ڏينهن تائين ٻيا لائق فائز شاگرد به Suffer ڪري رهيا آهن.

اسان جي نقلي شين جي ڪاروبارَ جو اهو حال آهي جو هڪ دفعي آئون بئنڪ تان پئسا ڪڍائي ڀر ۾ ئي اتي ڪلفٽن جي هڪ دڪاندار کي پئسا ڏيڻ آيس ته هن انهن نوٽن مان هڪ 500 جو نوٽ ڪڍي مون کي ٻڌايو ته هي نقلي آهي. آئون ان ئي وقت بئنڪ جي ڪيشيئر وٽ آيس پر هو مڃڻ لاءِ تيار نه هو ۽ نٽائي ويو. ٿي سگهي ٿو هن کي به خبر نه هجي، مٿان ئي اهڙا نوٽ مليا هجنس. هو مون تي شڪ ڪندو رهيو آئون هن تي. ڪجهه ڏينهن بعد مون کي لنـڊن وڃڻو هو. آئون ناڻو مٽائڻ واري هڪ دڪان تان پاڪستاني پئسا ڏئي پائونڊ وٺڻ ويس. پئسا ڳڻڻ واري ڇوڪريءَ منهنجا ڏنل نوٽ ڳڻيندي هڪ نوٽ وٽ رڪجي مون کي ٻڌايو ته اهو هزار جو نوٽ جعلي آهي ۽ هن مون کي اهو ئي مشورو ڏنو ته نوٽن جي پئڪيٽ کي کولڻ بدران آئون اهو سڄو پئڪيٽ بئنڪ وارن کي موٽائي ڏيان. آئون ان ئي بئنڪ تي آيس. مون سمجھيو ڪيشيئر سخت شرمندو ٿيندو ۽ مون کان رسيل زحمت لاءِ معافي گهرندو، پر هن نوٽ کي جاچي پوءِ مون کي ان پئڪيٽ بدران ٻيو پئڪيٽ ضرور ڪڍي ڏنو، پر عجيب بي رخي ۽ بيزاريءَ مان…. ڄڻ چئي رهيو هجي ته “سئو نوٽن ۾ فقط هڪ نوٽ ته نقلي هو! ڪٿي هلائي ڇڏينس ها!” ڪمالَ جي اها ڳالهه آهي ته اهو نقلي نوٽ اهڙي ته سٺي نموني ڇپيل هو جو نوٽ مَٽيندڙ ڇوڪري ان ڏي ڌيان نه ڏياري ها ته مون کي به محسوس نه ٿئي ها ته اهو نقلي آهي.

آئون هميشه پنهنجن ڪالمن ۾ لکندو رهان ٿو ته توهان حج تي وڃو يا ايران، شام، عراق زيارتن تي وڃو، توهان يورپ يا آمريڪا پڙهڻ لاءِ وڃو يا گهمڻ خاطر، ڪوشش ڪري ڌارئين ملڪ جو ناڻو ريال، پائونڊ، درهم، ڊالر وغيره ڪنهن ناموس واري Money Changer کان مٽائي وڃو ۽ ڪنهن واقفڪار کان پڪ ڪرائي پوءِ وٺو ڇو جو ائين نه ٿئي جو توهان معصوم هوندي ڌارئين ملڪ ۾ ڦاسي پئو. هڪ دفعي مون کي دڪاندار 5 پائونڊن وارو نوٽ نقلي ڏئي ويو. انهن ڏينهن ۾ آئون جهازَ تي جونيئر انجنيئر هئس ۽ پنجَ پائونڊَ مون لاءِ وڏو پئسو هو. مون کي سڄو سفر ڏاڍو ڏک رهيو ته انهن پنجن پائونڊن ۾ آئون ڪيتريون ئي شيون خريد ڪريان ها… هڪ ٻه دفعو ماني کائي سگهان ها… پر پوءِ اهو به شڪر ڪيم ته مون کي اڳواٽ ان نقلي نوٽ جي خبر پئجي وئي ۽ ڦاڙي ڇڏيم نه ته بي خياليءَ ۾ ڪٿي هَلائي وجھان ها ۽ جھلجي پوان ها ته پرديسَ ۾ سزاياب ٿيان ها. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا ڪيترا پاڪستاني انهن نقلي نوٽن جي ڏوهن ۾ به جيل ڪاٽي رهيا آهن جن ۾ سنئون سڌو هنن جو ڏوهه بنهه ناهي. بلڪه اسان جي لالچي ۽ ظالم دڪاندارن جو آهي جيڪي عبادت لاءِ يا پورهئي لاءِ ڌارين ملڪن ڏي ويندڙ اسان جي معصوم ۽ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻن کي ڏين ٿا. واپس جڏهن ڪراچي پهتس ته ان دڪاندار سان ڳالهه ڪيم ته تو مون کي هڪ نقلي نوٽ ڏنو هو، پر هن نه مڃيو نه احساس ڪيو.. بس رڳو ايترو چيو ته “هم ڪيا ڪرين… اسين ته ڪونه ٿا ڇاپيون… اسان کي به جيڪي ملن ٿا اهي ٻين کي ڏيون ٿا…” جيتوڻيڪ اها ڳالهه ناهي بئنڪن وارا ۽ نوٽ مٽي ڏيڻ وارا Money Changer بيحد هوشيار ٿين ٿا. هو اصلي ۽ نقلي نوٽ کي چڱيءَ طرح سمجھن ٿا. هو ان کان به واقف آهن ته اهي نقلي نوٽ ڪٿي ۽ ڪيئن ڇپجن ٿا… ان ڪم ۾ به اسان جو ملڪ ايڏو بدنام ٿي چڪو آهي جو ڌارين ملڪن جا جهازي اڪثر چوندا آهن ته ڪوشش ڪري پاڪستان مان ڪڏهن به ڊالر پائونڊ نه وٺجن. مون کي سنگاپور جي بدحالي جي ڏينهنَ جو هڪ لطيفو ياد ٿو اچي جيڪو اڄ پڪ اسان جي مُلڪَ لاءِ ماڻهو چوندا هوندا:

ڪنهن شهر ۾ هڪ ٺڳ وٽ نوٽن ڇپڻ جي مشين هئي جنهن ذريعي هو روزانو هڪ ٻه نوٽ ڇپي مارڪيٽ ۾ هلائيندو هو. هڪ ڏينهن هن کان غلطي ۾ پنج سئو يا هزار رپين جي نوٽ بدران 1500 رپين وارو نوٽ ڇپجي ويو. هن ڏٺو ته شهر جا ماڻهو ته چالاڪ آهن ۽ هو سمجھي ويندا ته 1500 رپين جو نوٽ ٿئي ڪونه! ان ڪري هو اهو نوٽ کڻي ڀر واري ڳوٺ ڏي مٽائڻ لاءِ نڪتو. اتي هڪ همراهه اهو نوٽ قبول ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو، پر هن چيس ته ان جي بدلي ۾ هو هن کي فقط 1400 رپيا ڏيندو. شهري همراهه ڏاڍو خوش ٿيو. ڳوٺاڻي همراهه هن کان 1500 وارو نوٽ وٺي گهر اندر هليو ويو. ٿوري دير بعد ٻاهر نڪتو ۽ شهري همراهه جي هٿ تي اچي ست ست سئو وارا ٻه نوٽ رکيا… مطلب اهو ته نه فقط شهر جا ماڻهو پر ڳوٺن جا ماڻهو به ٺڳين ۾ اوترا هوشيار ٿي ويا آهن.

اسان جي ڳوٺَ جي هڪ ڇوڪري کي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي ته هن موٽرسائيڪل خريد ڪئي. هن جي مائٽن مون کي فون ڪيو ته هو بنا ڊرائيونگ لائسنس جي هلائي رهيو آهي. مون کيس گهرائي سمجھايو ته بنا لائسنس واري کان جي حادثي ۾ ماڻهو مري وڃي ٿو ته هن تي قتل جو ڏوهه اچي ٿو. پهرين ته هو اهو ئي چوندو رهيو ته ٻيا به بنا لائسنس جي پيا هلائين، پر مون کيس قاعدي مطابق هلائڻ ۽ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ڊرائيونگ لائسنس آفيس ڪلفٽن وڃڻ لاءِ چيو جتي جو SP منهنجو واقف هو، پر ڇوڪر چيو ته هن جا ڪجهه سڃاڻو آهن جيڪي اڌ کان به گهٽ في تي هڪ ڏينهن ۾ ٺهرايو وٺن. مون ان SP ۽ ٻين کان پڇيو ته هنن اهو ئي ٻڌايو ته اهو ناممڪن آهي. هر هڪ کي گهٽ ۾ گهٽ مهينو کن لرنر (سيکڙاٽ) جي لائسنس تي گاڏي هلائڻي پوي ٿي ان بعد امتحان وٺڻ بعد لائسنس ڏنو وڃي ٿو. ان ٽيسٽ کان ڪوبه ڀڄي نٿو سگهي جو ان جي وڊيو ڪڍي وڃي ٿي. ان کان علاوه سڄي پاڪستان ۾ هر قسم جي ڊرائيونگ لائسنس جي في، هڪ آهي،گهٽ ٿي نٿي سگهي.

بهرحال ڇوڪر لائسنس جو ڇا ڪيو مون فالو اپ نه ڪيو، ضرور هن ٺهرايو هوندو، پر ان وقت تائين مون سوچيو به نه هو ته ڪراچي توڙي اسان جي ٻين شهرن ۾ ڏوهارين جا اهڙا اڏا آهن جِتي گهٽ قيمت تي نقلي ڊرائيونگ لائسنس به ڏنا وڃن ٿا ۽ اسان جا ماڻهو ايڏا جاهل آهن جو اهو سوچڻ بنا ته ان جا ڇا نتيجا نڪري سگهن ٿا هو، ان سستي ۽ آساني سان مليل لائسنس کي حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.

ڪجهه هفتن کانپوءِ اسان جي هڪ ٻئي دوستَ جي پٽ کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي. هن اتي پهچي ڪار هلائڻ جي لائسنس لاءِ هڪ ٻه دفعا ٽيسٽ ڏنو پر فيل ٿي پيو. هن مون سان مشورو ڪيو، مون کيس اهو ئي سمجھايو ته بهتر ٿيندو ڪنهن ڪار ڊرائيونگ اسڪولَ ۾ داخلا وٺي صحيح طرح ڪار هلائڻ سِکُ ڇو جو اسان جي ملڪ ۾ ايترو گهڻو نٿا پڇن ان ڪري ڪيترن کي Parallel پارڪنگ جهڙيون شيون اچن ئي ڪونه ٿيون. ان ڪري ڊرائيونگ سان واسطو رکندڙ هر شيءِ سکڻ کپي ڇو جو ولايت ۾ هڪ لين مان نڪري ٻي ۾ وڃڻ تي به ڏنڊ ۽ سزا آهي.

مون ڏٺو ته هي همراهه ڪنهن به صورتَ ۾ محنت ڪري سکڻ ۽ ٽيسٽ ڏئي ڊرائيونگ لائسنس هٿ ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هو. بلڪه هن کي اتي رهندڙ پاڪستانين اها صلاح ڏني ته پاڪستان مان انٽرنينشنل لائسنس ٺهرائي ان تي ملائيشيا ۾ ڪار هلائي. مون کيس سمجھايو ته ان تي فقط ٽي مهينا هلائي سگهين ٿو ۽ ٻيو ته ان لاءِ توکي پاڪستان اچي پاڻ وٺڻو پوندو. ان ڳالهه کي ڪجهه مهينا گذري ويا. مون سمجهيو پڪ هن ملائيشيا ۾ ٽيسٽ ڏئي اتي جو ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪيو هوندو، پر پوءِ هڪ ڏينهن هن فون ڪيو ته هو پاڪستان مان حاصل ڪيل انـٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس تي ڪوالالمپور ۾ ڪار هلائي رهيو آهي ۽ هن کي پاڪستاني دوستن کان خبر پئي آهي ته پاڪستان جي ڊرائيونگ لائسنس آفيس NOC لکي ڏيندي ته هن کي بنا امتحان ڏيڻ جي پاڪستاني انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس بدران ملائيشيا جو ملي ويندو.

“ان لاءِ ڪهڙن ڪاغذن جي ضرورت آهي؟” مون پڇيو،“اهي موڪل ٺهرائي موڪليان.”

هن ان لاءِ پنهنجي پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ۽ انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس جي فوٽو ڪاپي موڪلي. ان دوران مون به ڪراچي واري آفيس مان معلوم ڪري ورتو ته NOC لاءِ اهي ئي ڪاغذ کپن. جڏهن آفيس پهتس ته فوٽو ڪاپي چيڪ ڪري هنن ٻڌايو ته هي انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس جعلي آهي. بعد ۾ مون کي خبر پئي ته ملائيشيا، سنگاپور، جاپان توڙي يورپ ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني ڪجهه پئسا ڏئي پوسٽ ذريعي پاڪستان جي ٺڳ ڪمپنين کان گهرايو ٿا وٺن جن جو ڪم ان قسم جون نقلي ڊگريون، لائسنس ۽ ويزا اسٽيڪرس ٺاهڻ آهي ۽ ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي ته قانونَ کان بي خبر اسان جا لاپرواهه ۽ جاهل ماڻهو ڌارين ملڪن جي پوليس کي بيوقوف بڻائي پنهنجو ڪم ڪڍيو ويٺا آهن، پر هنن کي شايد انهن ماڻهن جي غمن جي خبر ناهي جن کان جڏهن حادثو ٿيو وڃي ته پوءِ ملائيشيا (يا ٻي ملڪَ جي پوليس) پهريون ڪم اهو ڪري ٿي ته هنن جو ڊرائيونگ لائسنس سفارتخاني کان چيڪ ٿي ڪرائي. اڄڪلهه هر شيءِ ڪمپيوٽر تي آن لائين هجڻ ڪري هو هنن کي يڪدم ٻڌايو ڇڏين ته هي لائسنس نقلي آهي يا اصلي. پوءِ نقلي جي صورت ۾ سندن غلط ڊرائيونگ کي حادثو نه پر “قتل” يا “اقدام قتل” سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان جي سزا کان علاوه نقلي لائسنس جي فراڊَ جي به سزا ملي ٿي.. مُلڪَ ۽ قوم جو نالو الڳ بدنام ٿئي ٿو. هر هڪ جي واتَ تي اهو اچيو وڃي ته پاڪستاني جتي ڪٿي رڳو ٺڳيون ۽ فراڊ ڪندا وتن. پوءِ جيڪڏهن ڪو شرافت سان به هلي ٿو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڌارين ملڪن ۾ اسان جا هم وطني گهڻي ڀاڱي قانونَ مُطابق ۽ شرافتَ سان رهن ٿا، پر چند نِڪَمن ۽ غلط ماڻهن جي ڪري سڀني پاڪستانين کي شڪ جي نِگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.