خاص

علي زيدي عذير بلوچ جي ساٿي حبيب جان جي انڪشافن سان ڀرپور وڊيو جاري ڪري ڇڏي.

وفاقي وزير علي زيدي گينگ وار جي اڳواڻ عذير بلوچ جي ساٿي حبيب جان جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي. علي زيدي طرفان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو ۾ عذير بلوچ جي ساٿي حبيب جان هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته 2012 جي آپريشن کانپوءِ پيپلز پارٽي عذير بلوچ سان ٻيهر رابطو ڪيو ۽ پارٽي کيس 5 ڪروڙ رپيا ڏنا. حبيب جان چيو ته لياري آپريشن کانپوءِ عذير بلوچ ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو، پوءِ سڀني ڏٺو ته قائم علي شاهه، شرميلا فاروقي ۽ فريال ٽالپر اتي ساڻس ملڻ لاءِ ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي آفيس تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ منهنجو ڀاءُ شهيد ٿي ويو، بقول چوڌري اسلم پيپلز پارٽي ۽ رحمان ملڪ مون کي سڀني معاملن جو سربراهه سمجهندا هئا. عذير بلوچ کان پوليس آفيسرن جي تبادلي بابت سوال ڪيو ويو، حبيب جان چيو ته هڪ گروهه هو جيڪو پوري ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ تائين جا ٽرانسفر ڪندو هو ۽ وزير داخلا رحمان ملڪ جي صورت ۾ ان جي دروازي تي بيٺا هوندا هئا. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جي عذير بلوچ سان ملاقات ٿي هئي اها هڪ وڏي اهم ملاقات هئي، عذير بلوچ مون کي فون ڪيو ۽ مون کي چيو ته آصف زرداري مون سان ملڻ چاهي ٿو ۽ قادر پٽيل سان وڃڻو آهي. حبيب جان مطابق، آصف علي زرداري جي خواهش هئي ته سندس دين جو ڀاءُ لياري مان اليڪشن وڙهي، مظفر ٽپي اچي ٽپڪيو جنهن سان جهڳڙي جو بنياد شروع ٿيو. هن جو چوڻ هو ته حڪومت خطري ۾ هئي عذير بلوچ جا پيپلز پارٽي سان لاڳاپا ختم ٿي ويا هئا.  ٻئي طرف وڊيو جاري ڪندي علي زيدي پنهنجي بيان ۾ چيو ته جرم ۽ سياست گڏ گڏ هلندا رهيا مافيا ڊان آصف زرداري ۽ سندس ساٿي قادر پٽيل هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي ويا. زرداري ۽ سندس ساٿي قادر پٽيل کي حبيب جان بي نقاب ڪري ڇڏيو سڀ معاملي ۾ شامل هئا. ياد رهي ته وفاقي وزير علي زيدي گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي پيغام ڏنو هو ته هو هڪ ڌماڪي واري وڊيو ٽوئيٽ ڪندو. ان کان اڳ علي زيدي لياري گينگ وار اڳواڻ عذير بلوچ جي مبينا جي آءِ ٽي رپورٽ پڻ سامهون آندي آهي جنهن تي سنڌ حڪومت چيو ته علي زيدي ملزمن کي فائدو پهچائڻ لاءِ جي آءِ ٽي کي متنازع بڻائي رهيو آهي.