نيويارڪ ڊجيٽل اليڪٽرانڪ ڪمپني ايپل جي مارڪيٽ ويليو ٻه کرب ڊالرن تائين پهچي وئي
غير ملڪي خبر رسائيندڙ ادارن جي مطابق معروف ٽيڪنالاجي ايپل ڪمپني آمريڪا جي پهرين ڪمپني بڻجي وئي جنهن جي مارڪيٽ ويليو ٻه کرب ڊالر آهي. ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون جي دوران ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي پراڊڪٽس جي گهرج ۾ به اضافو ٿيو آهي، پر ايپل پراڊڪٽس جي وڪري ۾ تمام مقابلي وارين ڪمپنين کي پٺيان ڇڏي ڏنو آهي. لاڪ ڊائون ۾ نه صرف ايپل فون، ٽيبلٽس ۽ گهڙين جي وڪري ۾ اضافو ٿيو، پر ان کي فراهم ڪندڙ مختلف ايپس ۽ سروسز جي گهرج به وڌيڪ رهي. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق ايپل جي مارڪيٽ ويليو ۾ اضافي کانپوءِ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو ٽيم ڪوڪ جي اثاثن جي گڏيل ماليت به هڪ ارب ڊالر ٿي وئي آهي. آمريڪا ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپنين ايمازون، مائيڪرو سافٽ ۽ گوگل ايلفابيٽ جي مارڪيٽ ويليو هڪ کرب ڊالرن جي آهي.

