بنارس جا اشنان ۽ شمشان گھاٽ
الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل
(حصو پهريون)
بنارس جا اشنان ۽ شمشان گھاٽ
الطاف شيخ
ان ڏينهن جھڙ هجڻ ڪري يڪدم آٽو رڪشا ۾ چڙهڻ بدران ڪجهه دير بنارس جي رستن تي واڪ ڪرڻ تي دل چاهيو. آئون اسٽيشن روڊ تي هئس… ٿورو اڳيان هلڻ تي کاٻي کان يعني اتر کان پٽيل روڊ ۽ ڏکڻ کان فئٽ مئن روڊ اچي ٿو ملي. مون کي اسٽيشن روڊ وٺي اڳيان وڃڻو هو، پر پوءِ ساڄي پاسي فئٽ مين روڊ تي لهي پيس جنهن جي منڍ ۾ ئي هنومان مندر آهي ۽ ٿورو اڳيان گورنمينٽ گرلس انٽر ڪاليج، ان بعد يڪدم راج ٻالڪا انٽر ڪاليج آهي. پهرين به لکي چڪو آهيان ته بنارس ۾ جيئن مندر ۽ گهاٽ گهڻا آهن تيئن تعليمي ادار پڻ! سچي ڳالهه ته اها آهي ته انڊيا جو ڪهڙو شهر آهي جنهن ۾ ڪاليجن ۽ اسڪولن جي کوٽَ آهي. هڪ ته جيڪي انگريز ڇڏي ويا اهي جيئن جو تيئن… بلڪه وڌيڪَ بهتر معيار سان هلن پيا ۽ نه رڳو انهن جو پر جيڪي نوان اسڪول پيا کلن انهن جو به ميڊيم انگلش آهي. ويندي اهي خيراتي اسڪول جيڪي ولايت ۾ رهندڙ امير انڊين جي سهڪارَ سان هلن پيا انهن ۾ به انگريزي هلي ٿي. مفت ۾ تعليم وٺندڙ اوسي پاسي غريب ڪميونٽين (مزورن، مهاڻن، هارين ويندي گهٽيون ۽ ٽئاليٽ صاف ڪندڙ ڀنگين) جا ٻار به ان ئي معيار جي تعليم وٺـي رهيا آهن جيڪا اسان وٽ گرامر اسڪول، بحريا ڪاليج ۽ ڪانوينٽ نموني جي اسڪولن ۾ ملي ٿي. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جو ولايت نوڪري ڪرڻ وارو هر اميدوار چاهي ڪهڙي به اسڪول يا ڪاليج مان پڙهيو آهي سٺي انگريزيءَ سان عربن، ملئين، جاپانين، يورپين ۽ آمريڪي مالڪن کي متاثر ڪريو وٺي ۽ اسان جو انگلش سبجيڪٽ ۾ گرئجوئيشن حاصل ڪيل يونيورسٽي جو شاگرد به نه پنهنجي ڳالهه صحيح طرح انگريزيءَ ۾ سمجھائي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن انگريز جي تڪڙي ڳالهايل انگريزي سمجھي سگهي ٿو. ڇو جو اسان وٽ سڄو زور بلڪه ضد ان ڳالهه تي آهي ته يونيورسٽي ليول تائين سنڌي/اردو ئي هجي جيتوڻيڪ اهي اسان جون مادري/قومي زبانون آهن جن ۾ اسين هونئن ئي ماهر ٿيو وڃون…. ويندي ڳوٺن جون اڻ پڙهيل عورتون به اڄڪلهه رومن اردو ۾ SMS پيون ڪن… جڏهن اسين چئون ٿا ته دنيا هڪ ڳوٺ ٿي ويو آهي ۽ اسان ولائت ۾ نوڪري به ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ان بين الاقوامي ڳوٺ جي ٻولي ”انگريزي“ سکڻ ته تمام ضروري آهي…. ۽ اها ڳالهه اسان سڀ سمجھون ٿا تڏهن ته هرهڪ جو زور ٽاءِ وارن اسڪولن ڏي آهي…. تڏهن ته جاپان، ترڪي، عرب ملڪ، ملائيشيا، سنگاپور ۽ يورپ جا ملڪ جن جون ٻوليون ٽيڪنيڪل ۽ سائنسي لفطن ۾ اسان کان امير آهن ته به انگريزي کي اهميت ڏين ٿا.. هو سمجھن ٿا ته دنيا سان واپار ڪرڻ توڙي نوڪري ۽ پورهيو ڪري پئسو ڪمائڻ….. يعني معاشي حالت بهتر بنائڻ لاءِ انگريزي ضروري آهي، پر هِتي سائين ڪير ڪڇي…. ڪير صحيح صلاح ڏئي…. اسان وارو حليم بروهي ان بابت ڳالهه ڪندو هو ته ماڻهو گهٽ وڌ چوندا هئا…. اسان جو ملڪ بلڪه اسان جو صوبو به عجيب آهي! اسان جو سياستدان به سنڌ سنڌ جا نعرا ۽ سنڌين جي ڀلي لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري عوام کي فقط بيوقوف بنائي ٿو، پر بند ٿيل اسڪول به نٿو کولرائي. اسان جي ملڪ جي سياستدانن، اميرن، سرڪاري ڪامورن، فوجي آفيسرن ۽ وڏن ماڻهن جا ٻارَ انگريزي پڙهي پيا نوڪريون حاصل ڪن ۽ اسان جي عوام سنڌي سنڌي، اردو اردو پئي ڪري! ملائيشيا وارن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انگريزي زبان بدران پنهنجي قومي زبان ملئي ڪرڻ چاهي. فقط ٻن سالن بعد وري انگريزي ڪري ڇڏيائون. هڪ دعوت ۾ مون هڪ وزير، جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي تنهن کان ان جو سبب پڇيو. ٽهڪ ڏيندي چيائين ”انچڪ (مسٽر) الطاف! اها زبان (يعني هن جي مادري ٻولي ملئي) جنهن ۾ ريفريجريٽر لاءِ ئي پنهنجو لفظ ناهي ان ۾ ڇا سائنس ۽ جاگرافي، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ پڙهائي سگهبي… ماڳهين دنيا کان ٿي ڪٽياسين.“

ياد رهي ته انگريزي جا سائنسي لفظ ملئي ۾ آڻڻ لاءِ هنن ريفريجريٽر جو ملئي لفظ ”پيٽي سجوڪ“ (پيٽي ٿڌ واري) ٺاهيو هو…. جيئن ڪنهن زماني ۾ انڊيا به ان قسم جو شوق ڪيو هو ۽ انگريزي لفظ ليٽر باڪس لاءِ پتر گهسيڙو ۽ پوسٽ مئن لاءِ پتر بکيڙو ٽائيپ لفظ ٺاهيا هئا.. بهرحال انڊيا جو ڏکڻ هجي جتي تامل، مليالم مادري ٻوليون آهن يا بنگال جِتي گهرن ۾ بنگالي ڳالهائي وڃي ٿي، پر جِتي ڪٿي اسڪول انگلش ميڊيم جا آهن.
دراصل هِتي تعليم بابت لکڻ جو ارادو نه هو ائين ڪجهه لکجي ويو. ان بابت ڪٿي ٻي هنڌ تفصيل سان احوال ڪبو. هِتي بنارس جي رستن ۽ ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته جھڙالي موسم ڏسي مون واڪ شروع ڪري ڏنو. انڊيا جي شهرن ۾ ڪنهن به قسم جي سواري (آٽو رڪشا، سائيڪل رڪشا، ٽئڪسي يا بس ملڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي. هڪ ته جِتي ڪٿي آساني سان مليو وڃي ۽ ٻيو ته ان جو ڀاڙو دنيا جي ٻين ملڪن کان ته سستو آهي، پر اسان کان به سستو آهي. سو بنارس جي رستن تي واڪ ڪندي ڪندي ڪٿان به سواري وٺـي سگهجي ٿي ۽ رش آور ختم ٿيڻ تي يعني صبح جو 10 کان هڪ تائين ۽ شامَ جو ٻه کان چئين، ساڍي چئين تائين ته بس جو سفر به فرحت وارو آهي. ڏسان پيو ته انگريز ۽ يورپي ٽوئرسٽ توڙي امير آمريڪن به هِتي جي بسن ۾ پيا سفر ڪن. بس اسٽاپ جي پري آهي ته ٻه يا ٽي رپيا سائيڪل رڪشا واري کي ڏيڻ سان هو اتي پهچايو اچي. بلڪه فوٽوگرافي ڪرڻي هجي ته ان ۾ يا آٽو ۾ پيو هلجي. انڊيا ۾ آٽو اسان واري رڪشا/چنگچي کي ٿا چون.

سامهون هنومان مندر ڏسي ان جا فوٽو ڪڍڻ لاءِ فئٽ مئن روڊ ڇڏي مندر ڏي لڙيس ۽ ٻه چار فوٽو ڪڍي ڀر واري پارڪ ”لجپت نگر ڪالوني پارڪ“۾ اچي چانهه پيتم. پارڪ جي ڪنڊ ۾ هڪ غريب پيرسن سان گڏ ويٺل سندس زال ۽ پٽ سان خير عافيت ڪري احوال پڇيم ته هو ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن. منهنجي خيال موجب هو به ٻين وانگر پوتر گنگا ندي ۾ ٽٻي ڏئي پاپ ڌوئڻ لاءِ آيل هوندا. هنن ٻڌايو ته هو گورک پور کان هِتي آيا آهن. سندس پيءُ سخت بيمار ۽ لا علاج آهي. ڊاڪٽر جواب ڏئي چڪا آهن. هن جي پيءُ جي اها خواهش آهي ته هن جو موت گنگا جي ڪناري واري هن پوتر شهر بنارس ۾ ٿئي. هو غريب ماڻهو آهن، پر هو هتان هتان ڪجهه پئسا گڏ ڪري هِتي پهتا آهن ۽ رهائش لاءِ ڪا فوٽ پاٿ تي جھوپڙي يا ٻي سستي رهائش ڳولهي رهيا آهن جِتي سندس پيءُ زندگي جا آخري ڏينهن گذاري هِتي وفات ڪري.
جنهن هوٽل ”گوتم“ ۾ آئون ٽڪيل آهيان ان ۾ پڻ هڪ پوڙهي عورت ان ڏينهن گذاري وئي هئي جنهن ڏينهن آئون آيو هئس. هن لاءِ ٻڌائي رهيا هئا ته هوءَ هڪ امير عورت هئي ۽ هن چاهيو ٿي ته هن جو بنارس ۾ ساهه نڪري. ان لاءِ هوءَ ڪيترن ڏينهن کان پنهنجي پوٽي ۽ نوڪرياڻي سان گڏ هتي رهيل هئي.
اهڙي ريت ڪيترن جي خواهش موجب، کين مرڻ گهڙي تي بنارس آندو وڃي ٿو. ڪيترن جي وري لاش کي هِتي آڻي گنگا ڪناري ٺهيل شمشان گهاٽن ۾ ساڙي سندن رک کي نديءَ ۾ لوڙهيو وڃي ٿو.

پهرين به لکي چڪو آهيان ته گنگا ندي جو هونئن ته هڪ هڪ انچ هندن لاءِ پاڪ آهي، پر ڪي هنڌ جيئن ته هردوار ۽ بنارس وٽ هِنَ نديءَ جا ڪپر وڏي اهميت رکن ٿا. پري پري کان نه فقط هندستان جي شهرن کان پر ڏورانهين ڏيهن کان به هندو ڌرم جا ماڻهو گنگا ۾ ٽٻي ڏيڻ لاءِ بنارس اچن ٿا.. جِتي نديءَ جي ڪناري ڪيترائي اشنان ۽ شمشان گهاٽ ٺهيل آهن.
دراصل گهاٽ انهن ڏاڪڻين کي چئجي ٿو جنهن ذريعي گنگا ندي جي ڪناري وٽ آساني سان پهچي سگهجي ٿو. نديءَ جي ڪناري تي آسانيءَ سان پهچي وهنجڻ، آرتي رکڻ يا چکيا (مري ويل) جي خاڪ درياهه حوالي ڪرڻ لاءِ بنارس جهڙن هندو ڌرم جي پوتر شهرن ۾ جِتان گنگا ندي وهي ٿي، مختلف هنڌن تي ڏاڪڻيون ٺاهيون ويون آهن جن کي گهاٽ سڏجي ٿو ۽ جيئن ته هردوار توڙي هِتي بنارس ۾ گنگا جو وهڪرو تکو آهي ان ڪري ٿورو هيٺ ڀرو رسيون ۽ لوهي چينون ٻڌل آهن جيئن ماڻهو وچ سير ڏي وڃي ٻڏي نه سگهي. هن قسم جا وهنجڻ لاءِ گهاٽَ (اشنان گهاٽ) هردوار شهر ۾ به آهن، پر هِتي بنارس ۾ تمام گهڻا آهن جيئن ته دشاش وامد گهاٽ جيڪو تمام وڏو آهي، پنج گنگا گهاٽ، رانا گهاٽ، نراد گهاٽ چهچ (bright) رنگن ۾ پينٽ ٿيل آهن ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ بهترين آهن ۽ ماڻهن جي وهنجڻ کان سڀ کان گهڻو بزي رهن ٿا. هنومان گهاٽ، شِوالا گهاٽ، تلسي گهاٽ جنهن هنڌ پاڻي صاف ڪرڻ جو پلانٽ پڻ آهي، آسي گهاٽ جيڪو ٽوئرسٽن لاءِ دلپسند جاءِ آهي جو هن جي ڀرسان ڪيتريون ئي هوٽلون، ريسٽورينٽون ۽ انٽرنيٽ ڪيفي آهن.

اهي گهاٽ جِتي مردا ساڙيا وڃن ٿا شمشان گهاٽ (Burning Ghats) سڏيا وڃن ٿا. بنارس ۾ مانڪرنيڪا گهاٽ خاص شمشان گهاٽ آهي ۽ غير هندو ٽوئرسٽن لاءِ ڏسڻ وٽان آهي، پر هتي فوٽوگرافي جي منع آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن گورن فوٽو ڪڍيا پئي.. جو گورا گورا آهن، پر اسان ايشين کي خاص ڪري پاڪستانين کي سختي سان قانون کي فالو ڪرڻ کپي. مون ڏٺو آهي ته گورن يورپين کي غلط حرڪتون ڪندو ڏسي اسان جا ڪيترائي پاڪستاني نوجوان به مستي ۾ اچي ويندا آهن خاص ڪري شراب پي عجيب حرڪتون ڪندا… کين اهو احساس هئڻ کپي ته کين بچائڻ لاءِ ملڪي سفارت خانو به نه ايندو چاهي کڻي هنن جو ڏوهه نه به هجي. ان قسم جا اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ڏوهي ۽ بي ڏوهي انڊيا جي جيلن ۾ پيا آهن… ڪورٽ ۾ ئي ڪيس نٿو هلين.
دراصل اسان جي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نه هجڻ ڪري اسان جو ماڻهو اهوئي سمجھي ٿو ته ٻين ملڪن ۾ به ائين آهي ۽ آئون ڏسان پيو ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ جِتي قانون جي اڃان به وڌيڪَ سختي آهي، اسان جي ملڪ جا ٽوئرسٽ توڙي شاگرد غلط حرڪتون ڪري پاڻ کي به مصيبت ۾ وجھن ٿا ته مائٽن کي به پريشان ڪن ٿا ۽ پوءِ گهمڻ ڦرڻ يا پڙهائي اتي ئي رهجيو وڃين، وقت ۽ پئسو پوليس ۽ ڪورٽ ڪيسن ۾ برباد ٿيو وڃي. منهنجي گائيڊ ٻڌايو ته ورانسي (يعني بنارس) ۾ نوي کن گهاٽ آهن جن مان دشاش واميد سڀ ۾ پراڻو گهاٽ آهي. هي گهاٽ هِتي جي بيحد اهم مندر ”ڪاشي وشوا ناٿ“ جي بلڪل ڀرسان آهي.
”هن گهاٽ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي برهما ديوتا شِو ڀڳوان جي آڌر ڀاءَ لاءِ ٺـهرايو ۽ هن دشا تي هن هنڌ ڏهه گهوڙن کي قربان ڪيو هو… “ گائيڊ ٻڌايو.
گهاٽ مٿان ۽ ڀر ۾ ٻيا به ڪيترائي مندر آهن جيڪي مختلف ديوتائن کي منسوب ٿيل آهن. جيڪي ماڻهو بنارس جي ياترا لاءِ اچن ٿا انهن لاءِ هنن مندرن ۾ پڻ پير ڀرڻ هڪ ضروري ڌرمي رسم سمجھي وڃي ٿي. اگني پوڄا (باهه جي پوڄا) جي رسم پڻ هن گهاٽ Dashashwamedh تي روزانو ٿئي ٿي جنهن لاءِ ڪيترا ٻاوا مقرر ٿيل آهن.
بنارس جو هڪ ٻيو مشهور گهاٽ مانيڪارنيڪا گهاٽ آهي جِتي مردن کي ساڙيو وڃي ٿو ۽ هن گهاٽ کي مها شمشان به سڏيو وڃي ٿو.
اسان جي گروپ جي گائيڊ ٻڌايو ته شِو ديوتا (يا شايد ان جي زال ستي ديوي) جو ايئرنگ (مانيڪارنيڪا) هن جاءِ تي ڪري پيو هو. ان تان هن مندر تي اهو نالو پيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته هِتي نه فقط مردن کي ساري انهن جي خاڪ کي گنگا ۾ ڇٽيو وڃي ٿو، پر ڪيترا هندو پنهنجي مئل مائٽن کي ساڙڻ بدران گنگا ۾ ٻوڙين ٿا. ان لاءِ مئل ماڻهو جي جسم سان ڳرا پٿر ٻڌي هن کي نديءَ ۾ اڇلايو وڃي ٿو. گائيڊ جيڪو پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿي تنهن ٻڌايو ته هن هنڌ نديءَ جي تري ۾ ڪيترائي مردا پيا آهن ۽ هن پاڻي مانانساني جسمن جي ڪري ۽ شهر جا ڪيترائي گٽر (Sewer) نديءَ ۾ اچڻ ڪري، وهجندڙن کي هيپيٽائٽس ۽ ٻين رت سان واسطو رکندڙ بيمارين لڳڻ جو خطرو رهي ٿو، پر عقيدتمند انهن ڳالهين جو خيال نه ڪندي گنگا ۾ ٽٻي ڏيڻ لاءِ اچن ٿا ۽ روزانو سٺ هزار کن ماڻهو هن درياهه ۾ وهنجن ٿا. ….(هلندڙ)…..

