بلاگخاص

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر قسط-1

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-1

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر

الطاف شيخ

1960ع ۾ جڏهن اسين ميٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين ته اسان جو هڪ ڪلاس ميٽ درٻيلي جو خالد حسين مخدوم لاهور گهمي موٽڻ تي اتان “The Road to Mecca” نالي ڪتاب وٺي آيو هو، جيڪو اسان سڀني پڙهيو. هن ڪتاب بابت Review يا شايد خبر، اسان ڊان اخبار ۾ پڙهي هئي. اسان جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس، جيڪو هونئن ته اسان کي گهڻي کان گهڻا انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هو، جيئن اسان جي انگريزي ۽ معلومات بهتر ٿئي، پر لائبريري لاءِ هي ڪتاب گهرائڻ کان هو نٽائيندو رهيو. اسان جي پرنسپال جون هونئن سڀ سٺيون ڳالهيون هيون، پر هن کي جرمن، يهودين، نازين لاءِ سخت نفرت هئي، ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هو. ٻي جنگ عظيم جيتوڻيڪ آخر ۾ انگريزن کٽي، پر ٽي چار سال 1939ع کان 1945ع تائين جرمنن انگريزن کي پنائي رکيو ۽ انگريزن جو D-Day تائين ساهه مٺ ۾ هو. ٿورو سوچيو جن جو اڌ دنيا تي راڄ هو انهن کي جرمنن ۽ جاپانين ڪنگلو ۽ نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو. جنگ کٽڻ جي باوجود هو ايڏا ڪمزور ٿي ويا جو آفريڪا ۽ ايشيا جو هڪ هڪ ملڪ سندن هٿن مان نڪري ويو. اسان جو انگريز فوجي پرنسپال، ان جنگ جو حصو هو. هو جرمنن جي قيد مان ته بچي ويو، پر سنگاپور ۾ پوسٽنگ دوران هو جاپانين جو POW (پرزنر آف وار) ٿي رهيو ۽ سخت تڪليفون ڏٺائين. هن کي جاپانين تي به چڙ هوندي هئي، پر جرمنن لاءِ وڌيڪ غم ۽ غصو هوندو هئس، جو جاپاني ته وري به ڌاريان ۽ ڏورانهين ڏيهه جا ٿيا، پر هي پاڙي جا جرمن ته ڄڻ سندن سئوٽ ماسات هئا، جن ڏني نه ورتي پاڻ کي به خوار ڪيو ۽ هنن (انگريزن) کي به ذليل ڪيو.

هڪ دفعي ڪاليج ۾ اسان ڪجهه دوستن، بنا ڪنهن نيت يا پروگرام جي ٺوڙهه ڪرائي، ڪرنل ڪومبس کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو اسان کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو. قاضي عبدالمجيد عابد صاحب (پاڪستان اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا جو والد) جنهن جا هن ڪاليج تي ڪافي ٿورا هئا ۽ سندس پٽ اظهر قاضي به ان ڪم ۾ اسان سان شامل هو، ان جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. آخرڪار هن (قاضي عابد صاحب) ان وقت جي صدر صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب کان سفارش ڪرائي، جنهن تي راضي ٿي پرنسپال معاف ڪيو. ڪاليج موٽڻ تي به اسان حيران هئاسين ته آخر ٺوڙهه ڪرائي ڪهڙو ڏوهه ڪيوسين. هونئن ئي ڪاليج جي سڀني ڪئڊٽن جي Crew ڪٽ ٿيندي هئي، يعني ڪڻڪ جي داڻن جيڏا وار رکيا ويندا هئا. پوءِ ڪجهه هفتن بعد هڪ ڏينهن ڊنر تي ڳالهين دوران ڪرنل ڪومبس ٻڌايو ته جرمن نازي ايئن ڪندا هئا… ۽ اسان مان ڪيترن کي ان وقت اها به خبر نه هئي ته پهرين يا ٻي جنگ عظيم ۾ ڪهڙو ملڪ ڪنهن جي پاسي هو.

 

“دي روڊ ٽو ميڪا” ڪتاب ۾ اسلام جون ڳالهيون ۽ سعودي عرب جو سفر نامون آهي ۽ اسان جي پرنسپال کي اسلام کان نفرت نه هئي. هن نه فقط اسان لاءِ پنج وقت نماز مسجد ۾ پڙهڻ ضروري ڪئي هئي، پر روزانو صبح جو اسيمبلي ۾ قرآن جي تلاوت بعد ان جي معنيٰ پاڻ ٻڌائيندو هو. پوءِ خبر پئي، هِن هُن کان ٻڌوسين ته ڪتاب جو ليکڪ محمد اسد جيڪو اسان جي پرنسپال جو تقريبن هم عمر هو، ان کان کيس چڙ هئي جو هو يهودي هو. محمد اسد جيتوڻيڪ مسلمان ٿي چڪو هو، پر ڪرمنل ڪومبس جهڙن ڪيترن ئي انگريزن هن کي نازي (جرمن) جاسوس سمجهيو ٿي. ايتري قدر جو 1939ع ۾ جيئن ئي ٻي وڏي لڙائيءَ جي شروعات ٿي ته انگريز حڪومت ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) ۾ جيڪي جرمن قوميت جا ٽي هزار کن يهودي هئا انهن کي قيد ڪري ڇڏيو. هن ڪتاب The Road to Mecca جو ليکڪ محمد اسد به انهن ڏينهن ۾ رهيل هو ۽ ٻين يهودين ۾ هي اڪيلو مسلمان هو. هو ڪڏهوڪو نه فقط مسلمان ٿي چڪو هو، پر جرمني ۽ پولينڊ جي قوميت به ڇڏي، آسٽريا جي وٺي چڪو هو. ان هوندي به هن کي جنگ جي خاتمي تائين جرمن فوج جو همدرد سمجهي انڊيا جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. بهرحال ان وقت تائين محمد اسد مٿيون ڪتاب اڃان نه لکيو هو، پر اسلام تي ليڪچر ۽ مضمون لکڻ ۽ “صحيح بخاري” جون حديثون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي دلپسند شخصيت هو. سندس آزاديءَ لاءِ ان وقت جي اهم ماڻهن ظفرالله خان ۽ سڪندر حيات انگريزن کي ڏاڍي سفارش ڪئي، پر انگريزن ڪنهن جي به نه ٻڌي. هو کيس پنهنجو دشمن ئي سمجهندا رهيا. سر ظفرالله خان انهن ڏينهن ۾ وائسراءِ جي ڪابينا جو ميمبر قانون هو. پاڪستان ٺهڻ تي هو پهريون وزير خارجه مقرر ٿيو. سردار سڪندر حيات (1942ع-1892ع) تن ڏينهن ۾ پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ هو. سندس پٽ سردار شوڪت حيات (1998ع-1915ع) مسلم ليگ جو ورڪر ۽ محمد علي جناح جو ساٿي ٿي رهيو.

محمد اسد جو ڪتاب The Road to Mecca، جنهن جو ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ تازو اردو ۾ “شاهراهه مڪا” جي نالي سان ڇپيو آهي، عربستان جو سفر نامون ۽ محمد اسد جي شروعاتي سالن جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ هن 1932ع تائين جيستائين هو مڪي ۽ مديني ۾ رهيو، پنهنجي زندگيءَ جو احوال قلمبند ڪيو آهي. هي ڪتاب 1954ع ۾ ڇپيو ته ان ئي سال هن جون بيشمار ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون. اسان کي 1960ع ۾ خبر پئي ۽ پڙهيوسين، بلڪه هن ڪتاب کي مون جهاز جي ڊگهن سفرن دوران هڪ دفعو وري سمنڊ تي به پڙهيو ۽ هن ڪتاب مان ايڏو متاثر ٿيس جو 1994ع ڌاري جڏهن آئون ڪجهه مهينن لاءِ پنهنجي عرب دوست (حسن الحاربي جنهن مون سان گڏ سوئيڊن جي شهر مالمو مان جهازراني جي تعليم حاصل ڪئي) جي دعوت تي هن جي گهر ينبع (Yanbu) ۾ وڃي رهيس (جتان هر جمعي ڏينهن ڀر واري شهر مديني ويندا هئاسين) جي سفر نامي ۽ سعودي عرب ۾ گذاريل ڏينهن واري احوال جي ڪتاب جو نالو “دي روڊ ٽو مدينه” رکيو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محمد اسد جي هن ڪتاب The Road to Mecca کي ڇپئي اڄ سٺ سال کن اچي ٿيا آهن، پر اهو اڄ به ايترو ئي مشهور آهي ۽ وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. مشرق توڙي مغرب جا ناشر هن ڪتاب کي وڏي اهتمام سان ڇپين ٿا ۽ دنيا جي شايد ئي ڪا وڏي زبان هجي جنهن ۾ هن ڪتاب جو ترجمو نه ٿيو هجي. 1954ع ۾ جڏهن هي ڪتاب پهريون دفعو ڇپيو هو ته هن ڪتاب جو وڪرو سڀني ڪتابن کان وڌيڪ مڃيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ مهم جوئي جي واقعن کي اعليٰ نموني سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ مسلمانن خاص ڪري عربن جي حقيقي زندگيءَ جو اولڙو واضح طور ڏيکائي ڏئي ٿو. هي ڪتاب مصنف جي غير جانبداراڻن خيالن ۽ ذهني اتم پڻي جو ثبوت ڏئي ٿو. هن ڪتاب ۾ حقيقت ۽ افساني جو هڪ خوبصورت ميلاپ آهي، جيڪو جرمن شاعر گوئٽي جي آتم ڪٿا Dichtung and Wahrheit (سچائي ۽ افسانو) جي ياد ڏياري ٿو ۽ بقول نيو يارڪ جي هيرالڊ ٽربيون جي: “فرييا اسٽارڪ کانپوءِ عرب دنيا تي هن کان وڌيڪ بهتر ڪتاب شايع نه ٿيو آهي. …”

مون کي اهڙن يورپي ۽ آمريڪي ماڻهن سان ملڻ جو ڏاڍو شوق رهيو آهي، جن اسلام قبول ڪيو ۽ صحيح طرح مسلمان ٿي زندگي بسر ڪيائون. مون کي پنهنجو پاڻ تي افسوس ٿيندو آهي ته مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿي ڪري به اسان پنهنجي مذهب کي ان قدر سان نه ڏسون ٿا ۽ نه سمجهون ٿا. جيتوڻيڪ هن قسم جي ڪيترن ئي نون مسلمانن حق جي ڳولا جي سفر بعد اسلام قبول ڪرڻ بابت ايمان افروز واقعا تحرير ڪيا آهن، پر شايد ئي ڪنهن غير مسلم انهن کي پڙهي هنن جي راهه تي هلڻ جو فيصلو ڪيو هجي. هيءَ سعادت فقط محمد اسد جي ڪتاب “دي روڊ ٽو ميڪا” (شاهراهه مڪه) کي حاصل آهي جنهن کي پڙهي آمريڪا جي يهودي عورت مريم جميلا ۽ سابق جرمن سفر مرادو لفريد هافمان جهڙا ماڻهو مسلمان ٿيا. …(هلندڙ)…