وزيراعظم گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گلگت بلتستان جي 73 هين قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت کان اڳ وزيراعظم عمران خان شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ فاتح خواني ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن شاهراهه قراقرم ٺهي رهي هئي ته ان وقت 15 سالن جي عمر ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ هتي آيو هئس ان وقت کان ئي هتي جي خوبصورتي مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام تمام گهڻين قربانين کانپوءِ هن علائقي کي آزاد ڪرايو جنهن تي کين مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. عمران خان ان موقعي تي گلگت بلتستان کي عبوري صوبائي حيثيت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هي هتان جي عوام جو پراڻو مطالبو هو جنهن کي اسان اڄ پورو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان هي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کي سامهون رکندي ڪيو آهي. عمران خان چيو ته جيستائين وزيراعظم آهيان هر سال گلگت بلتستان جي آزادي واري ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ هتي ايندس. خطاب دوران اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وزيراعظم چيو ته جڏهن مان وزيراعظم بڻيس ته پهرين خطاب ۾ ئي چيو هو ته هنن ماڻهن 30 سالن تائين ملڪ کي ڦريو ۽ سمورو پئسو پرڏيهه کڻي ويا، هي اسان جي خلاف گڏ ٿيندا. ٻي ڳالهه اها ته جنهن شيءِ ۾ پاڪستان جو فائدو آهي ان شيءِ ۾ هنن جو نقصان آهي. هي چاهين ٿا ته مون کي بليڪ ميل ڪن ۽ مان هنن کي اين آر او ڏئي ڇڏيان. هي مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي جيتري به ڪوشش ڪندا مان هنن کي اين آر او نه ڏيندس. منهنجي خلاف ناڪام ٿيا ته هنن پنهنجي بندوقن جو منهن ملڪي اداري طرف ڪري ڇڏيو. هي ڦورو آرمي چيف جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن هنن ماڻهن آءِ ايس آءِ جي چيف تي بندوقون اڀيون ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي معيشت ۽ اليڪشن تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مون چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي ته اليڪشن ڪرايو نه، ته هو ڀڄي ويا. قانون جي بالا دستي ۾ پاڪستان جو فائدو آهي، پر ان جو فائدو پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي. اڄ به اسان مير جعفر، مير صادق ۽ مير اياز صادق جهڙن ماڻهن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون. هي چاهين ٿا ته مان هنن کي معاف ڪري ڇڏيان، پر ڪڏهن به ڦورن کي معاف نه ڪندس. انهن جي حق ۾ عدالتي فيصلو اچڻو آهي ته ٺيڪ آهي، پر فيصلو انهن جي خلاف اچڻو آهي ته عدليه کي هدف بنائڻو آهي. هوڏانهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته گلگت بلتستان جي عوام کي نئون صوبو مبارڪ هجي هاڻ اوهان کي سمورا آئيني حق حاصل هوندا اهي حق جيڪي پاڪستان جي ٻين صوبن جي عوام کي حاصل آهن. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان هڪ ٻيو واعدو پورو ڪيو ڀارت جي روئڻ جو وقت شروع ٿي چڪو آهي.

