خاص

ڀارت ۾ عورت سان سترنهن ڄڻن اجتماعي زيادتي ڪئي

ڀارتي رياست جهار کنڊ جي شهر دمڪا ۾ قبائلي عورت سان اجتماعي زيادتي جو ڪيس  17 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب 35 سالن جي عورت مفصل ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان مقامي بازار کان واپس اچي رهي هئي ته شام جي وقت ڪجهه ڏوهارين کيس روڪيو ۽ مڙس توڙي ٻارن کي يرغمال بڻائي ويران جاءِ تي وٺي ويا جتي کيس واري واري سان زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. متاثر عورت ڪيس ۾ هڪ شخص رام موهلي کي نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته 16 نامعلوم ماڻهو شامل آهن، رام موهلي جو تعلق عورت جي پيءُ جي ڳوٺ سان آهي، عورت فصل جي ڪٽائي ۾ مدد لاءِ پنهنجي پيءُ جي گهر به وئي هئي. پوليس ڪيس داخل ڪري عورت جو طبي معائنو ڪرايو آهي جنهن جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، پر هن وقت تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.