وزيراعظم مڇ ۾ يارنهن ڄڻن جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
وزير اعظم عمران خان مڇ ڪوئله فيلڊ ۾ پيش ايندڙ افسوس ناڪ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان مڇ ۾ 11 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايف سي کي هدايت ڪئي آهي ته قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد بلوچستان جي گهرو وزارت کان مڇ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش ايندڙ واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي جي سيڪيورٽي ۾ ڪوتاهي جو نتيجو نه آهي جڏهن ته بلوچستان بار ڪائونسل مڇ واقعي جي خلاف اڄ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪات جو اعلان ڪيو آهي.

