ماني نعيم ملڪ
امان…، او امان…، ڪجهه دير خاموشي، امڙ…! جي چوان پنهنجي ٻچي کي… صدوري پنهنجي ڌيءَ ڀاڳڀري ڏانهن ڏسندي چيو امان ڏاڍي بک لڳي آهي!، حاضر امان… کوڙ ماني…، صدوري ڀاڳڀري جي ماني گهرڻ تي کيس آٿت ڏني. امان اُٿ نه… امان ماني پچائي ڏي… نور ڀٽاري سان ڏاڍي بک لڳي آهي. ڀاڳڀري، صدوريءَ جي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر پائيندي چيو. صدوري به پاٻوهه مان ڀاڳڀري جي مٿي تي چمي ڏيندي چيو. امان… پاڻي… ڀرسان سڪندر بخار ۾ ڏڪندي چيو. کوڙ پاڻي منهنجي ٻچي لاءِ صدوري دلي تائين پهتي ته سندس اندر مان بي وسيءَ ۾ اوڇنگار نڪري وئي هن وڏي ڪوشش سان پاڻ کي سنڀاليو ڳوڙها اگهندي منهن تي ڦڪي مرڪ آڻي سڪندر کي پاڻي ڏنائين. سڪندر خالي پيٽ جيئن ئي پاڻي جا ٻه چار ڍڪ ڀريا ته الٽي ڪرڻ شروع ڪيائين. الٽيون ڪري سڪندر ساڻو ٿي پيو، ماءُ سندس پٺي مهٽي، سڪندر ساهه پٽي چيو امان مون کي موت ڇو نٿو اچي، سڪندر جا لفظ ٻڌندي ئي صدوري جي اندر ۾ وڍ پوڻ شروع ٿي ويا. پلئه سان اکيون اگهندي چيائين… منهنجو سياڻو ٻچو آهين نه اهڙيون ڳالهيون نه ڪبيون آهن، الله ڪندو ته تون جلدي ٺيڪ ٿي ويندين، صدوري سڪندر کي ڳراٺڙي پائيندي چيو. امان بخار ۾ منهنجا لڱ سڙن ٿا، امان مان مري ويندس ته پوءِ بخار ڇڏي ويندو، امان ڪاڪو ولو ريڙهي وارو چوي پيو ته جيڪي ماڻهو مري ويندا آهن اهي ڪڏهن به بيمار نه ٿيندا آهن… نه ٻچا اهو ولو نڀاڳو ڪوڙو آهي، مرن تنهنجا دشمن، توکي مٿي تي بخار چڙهي ويو آهي نه، تڏهن ٿو تون اهڙيون ڳالهيون ڪرين… مان توکي مٿي تي پٽيون رکان ٿي ته پوءِ توکي بخار ڇڏي ويندو، صدوري وٽي ۾ پاڻي وجهي پنهنجي رئي مان ٽڪرا ڦاڙي… سڪندر جي مٿي تي رکيا… امان… او امان… جي ٻچا صدوري پٽ جي مٿي تي پٽي رکندي چيو… امان… اسان يتيم آهيون…. نه پٽ… مان آهيان نه تنهنجي ماءُ…. صدوري جي اندر ۾ سَٽُون اڀرڻ لڳيون… امان محبوب دڪاندار آهي نه… اهو چوي پيو ته اسان سڀ يتيم آهيون، اسان جو ڳوٺ يتيم آهي… ملڪ يتيم آهي… امان ڇا سڀني جو پيءُ مري ويو آهي… اهڙيون ڳالهيون نه ڪر ٻچا… چپ ڪري ننڊ ته ڪر بابلا… صدوري سڪندر کي سمجهائيندي چيو… ڀاڳڀري پنهنجي کٽ تان اٿي اچي سڪندر جي کٽ تي ويٺي… امان تون مون کي ماني ڇو نٿي ڏين… کوڙ ماني منهنجي سڪيلڌي…. امان… ڪالهه ماسي ڪبرى کان ماني وٺڻ وئي هئس… اها چوي پئي تنهنجي ماءُ شهر ۾ وڃي نچي ڇو نٿي… نچندي ته ماڻهو پئسا ڏيندا پوءِ کوڙ توهان کي ماني ملندي… چپ ڪر ڇوري، صدوري کيس دڙڪو ڏيندي چيو. امان پوءِ تون شهر وڃي نچين ڇو نٿي؟… ڀاڳڀري ماءُ کان سوال ڪيو ته صدوري کيس چماٽ وهائي ڪڍي… ڀاڳڀري روئيندي ماءُ کي چيو ته امان مان وڏي ٿي شهر ۾ نچنديس ۽ پوءِ کوڙ پئسا ڪمائي تو لاءِ ماني ۽ ڀاءُ سڪندر لاءِ دوا وٺي اينديس… ڀاڳڀري جي ايئن چوڻ تي صدوري ڀاڳڀري کي سيني سان لڳائيندي چيو… ڪبرى ڪني آهي انهيءَ جي گهر نه ويندي ڪر… صدوري کيس ٻانهن ۾ ڀڪوڙيندي چيو… امان… جي منهنجا پٽ… صدوري سڪندر جي سڏ تي ڇرڪجي پئي… امان اسان جو پيءُ ڪيڏانهن ويو آ؟… حج تي ويو آ. ٻچا… صدوري سڪندر کي جواب ڏيندي چيو… امان… هو بچل ٻڪرار آهي نه… اهو چوي پيو… تنهنجو پيءُ ڌاڙيل هو، ان کي پوليس مقابلي ۾ ماريو هو… ان ڪري… ان ڪري توهان يتيم آهيو… صدوري سڪندر کي چمي ڏيندي چيو… ٻچا… ماڻهو ڪوڙ ٿا ڳالهائين… امان… مان وڏو ٿي ڌاڙيل ٿيندس… پوءِ تو لاءِ ۽ ڀاڳڀري لاءِ ماني وٺي ايندس… صدوري جي اکين جا بند ٽٽي پيا… هن جي هانءُ ۾ هٿ پيو… هن کي فڪر ورائي ويو ته هي معصوم ٻار ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن… جيڪڏهن هي وڏا ٿي ويا ۽ واقعي ايئن ٿي ويا ته پوءِ!… ڇا هن کي ٻارن جي ماني لاءِ شهر وڃي نچڻ گهرجي!… نه نه… ايئن نه ڪنديس… ته پوءِ هنن ٻارن جو ۽ پنهنجو پيٽ ڪيئن پالينديس!… ڇا سڪندر وڏو ٿي پيءُ جي پيروي ڪندي ڌاڙيل…. ٿيندو… هن جي دل ۾ طرحين طرحين سوال اڀرڻ لڳا… آخر هن جو هن جي معصوم ٻارن جو ڇا ٿيندو… چئن ڏينهن کان گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو… نه سڀاڻي ڪٿان پئسن اچڻ جي اميد هئي… ڇا هن جا ٻار ۽ هوءَ روز ايئن تڙپندا… يا معاشري جي تقاضائن موجب کين هلڻو پوندو… عزت جو سودو ڪرڻو… غيرت جو واڪ ڏئي نيلامي ڪرڻي پوندي… اولاد جي زندگي اهم آ، يا عزت، هوءَ فيصلو ڪري نه سگهي…. زندگي اچڻي وڃڻي شيءِ… عزت اچڻي وڃي شئي… اولاد اچڻي وڃڻي شئي… سندس دماغ ۾ گهنٽيون وڄڻ لڳيون… هن تڪڙ ۾ اٿي جاري ۾ پيل بوتل جو ڍڪڻ لاهي اڌ گلاس پهريان ڀاڳڀري کي پياريائين…. اڌ گلاس سڪندر کي پياريائين… امان… تون ماني نٿي ڏين ته نه ڏي زهر ته نه پيار، سڪندر جي سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ صدوري بوتل مان گلاس ڀري چپن تي چاڙهي ڇڏيو… ڀاڳڀري اوڪاريندي رهي خالي پيٽ مان ڪجهه نه نڪتو ته اوچتو رت جي الٽي اچي وئي… امان آئنده مان توکان ماني نه گهرنديس… امان مان توکان ماني نه گهرنديس… امان جتي ماني مهانگي ۽ زندگي ڏکي ۽ موت سستو هجي… اتي ماني گهرڻ ڪيڏو وڏو ڏوهه آهي… ڀاڳڀري ڪجهه وڌيڪ چوڻ چاهي پئي پر ڪجهه چوڻ کان پهرين سندس اکيون بند ٿي ويون… ٻئي ڏينهن مڙني اخبارن ۾ خبر لڳي “بي رحم ماءُ چئن ڏينهن کان بکايل ٻارن کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو…”.

