انور ابڙو جي ناول ”هڪ مهمان ڇوڪري “ جو تنقيدي جائزو امبرين حيدر ملاح /يونيورسٽي آف سنڌ ڪراچي
ڪتاب جو تعارف:
هي ناول ”هڪ مهمان ڇوڪري“، انور ابڙو جو جديد طرز تي لکيل هڪ رومانوي ناول آهي. هي ناول جديد طرز تي لکيل ناول ان ڪري آهي، جو هن ناول ۾ رومانوي قصي کي مختلف انداز ۾ تحرير ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ٻه ڪردار سوڍو ۽ اناميڪا رانگ نمبر تي ملن ٿا. انٽرنيٽ، جيڪا جديد دور جي ترت ۽ سستي سهولتن مان هڪ آهي، جي ذريعي هڪٻئي ڏانهن اي ميلز ڪن ٿا، ٽيلي فون ڪالز تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائين ٿا ۽ پاڻ ۾ واقفيت ٿيئن ٿي. اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جي خيالن، راين ۽ زندگيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا ۽ ان دوران هڪٻئي جا ايترا عادي ٿي وڃن ٿا جو ٻنهي ۾ پيار ٿي وڃي ٿو، پر ٻنهي جو ميلاپ ريتن رسمن جي ڪري نٿو ٿي سگهي. اهڙي طرح ناول جو موضوع رانگ نمبر کان محبت تائين ۽ محبت ۾ وڇوڙي تائين اختتام پذير ٿئي ٿو.
هي ناول ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان، 2016ع ۾، ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ناول ۾ ڪُل 192 صفحا آهن. ناول جي ارپنا انور ابڙو پنهنجي جيون ساٿياڻي امبر ۽ ٻن پٽن جي نالي ڪئي آهي. ناول بابت اداري پاران موهن مدهوش لکيو آهي. جڏهن ته مهاڳ نصير مرزا صاحب لکيو آهي ۽ ڪتاب تي مدد علي سنڌي ۽ اخلاق انصاري جا تاثر پڻ ڏنل آهن. ان کان علاوه پنهنجي پاران ۾ ليکڪ پنهنجا ويچار “منهنجي پاران” عنوان سان ڏنا آهن.
ليکڪ جو تعارف:
انور ابڙو پهرين جنوري 1965ع، ۾ ڳوٺ لالي جا ڀالي، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. انور ابڙي جو شمار نئين ٽهي جي سٺن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. هو ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، سفر نويس، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي. سندس ڇپيل تصنيفن ۾ “خودڪشيءَ جو رومانس” (ڪهاڻيون 2000ع)، “منهنجو چنڊ مارجي ويو” (ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري، 2009ع)، “پهرين جنوري” (ڪهاڻيون 2015ع)، “ڀڳل رانديڪو” (ناول 2008ع) تازو ڇپيل ڪتاب قلم جا وارث ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تصنيفون شامل آهن.
انور ابڙو جي لکڻين ۾ سنڌ جي شهر توڙي ڳوٺ جي ماحول ۽ انهن جي مسئلن کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. سندس هي ناول، “هڪ مهمان ڇوڪري” جيتوڻيڪ هڪ رومانوي ناول آهي، تڏهن به ان ۾ سنڌي سماج، تهذيب ۽ ثقافت جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
ناول جو تنقيدي جائزو.
پلاٽ:
“ڪن واقعن کي مناسب ترتيب ۽ تنظيم يعني رٿا سان پيش ڪرڻ واري عنصر کي پلاٽ چئبو آهي.” (1)
هي ناول بياني(Narrative) انداز ۾ لکيل آهي. يعني ناول نگار هڪ راوي جي حيثيت ۾ ناول جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. هن ناول جو پلاٽ سوڍي ۽ اناميڪا جي پيار جي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هن ناول جو پلاٽ سادو آهي جنهن ۾ هڪ ئي ڳالهه يا ڪهاڻيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. جنهن سان پلاٽ جي وحدت قائم رهي ٿي. ناول جو پلاٽ جديد دور ۾ گهڻي استعمال ٿيندڙ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ميل سهولت جي ذريعي ميلاپ ۽ پوءِ پيار جي شروعات تي رٿيل آهي. جنهن ۾ ڪردارن جي داخلي دنيا جي ڪيفيت سان گڏ خارجي ماحول، ڪردار جي ڪشمڪش ۽ زندگيءَ جي مختلف روين کي نروار ڪيو ويو آهي، اهڙيءَ ريت ناول ۾ پلاٽ دلچسپ لڳي ٿو.
موبائل فون ڪالز ۽ ايس ايم ايس ذريعي ٿيندڙ عشق ۽ ميلاپ اڄ جي دور ۾ جيتوڻيڪ نئون نه آهي، پر اهڙي واقعي تي ناول جو پلاٽ جوڙي پيش ڪرڻ منهنجي خيال ۾ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي. ان حوالي سان هي ناول اڄ جي دور جي حقيقي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل ناول چئي سگهجي ٿو، ڇو جو سنڌي توڙي ٻين علائقن ۾ اهڙا اتفاقي رانگ نمبر تي جوڙن جو ميلاپ عام آهي.
هن ناول جي پلاٽ جو آغاز(Exposition) اتفاقي رانگ نمبر اچڻ سان ٿئي ٿو، اِهو 15 جون جو ڏينهن هو. اُن ڏينهن سوڍو آفيس نه ويو هو. منجهند جو هڪ وڳي ڌاري سندس موبائل فون جي گهنٽي وڳي. هِن فون کڻي هيلو چيو. پَريان کان ڪوبه آواز نه آيو. هن ٽي دفعا هيلو هيلو چئي فون رکي ڇڏي.
ڏهن پندرهن منٽن کانپوءِ کيس هڪ ايس ايم ايس آيو، جنهن ۾ لکيل هو:
Please don’t attend my call, I want to listen your ring tone. I like this song. I do feel that you are alone like rhythm, words and voice of `Hoo-a kedi na bay chai aa monkhy hekhal chhadey waee aa.
مهرباني ڪري منهنجي فون نه کڻجو. مان اوهان جو رِنگ ٽوَن ٻڌڻ چاهيان ٿي. مون کي اِهو گيت پسند آهي. مان محسوس ٿي ڪريان ته توهان “هوءَ ڪيڏي نه بي چئي آ، مون کي هيکل ڇڏي وئي آ” جي رڌم، لفظن ۽ آواز وانگر اڪيلا آهيو. (2)
اتان پلاٽ ۾ مونجهاري(Complication) جي شروعات ٿئي ٿي، يعني ڪردارن جي وچ ۾ گفتگو ۽ اها گفتگو رومانس جي لڙيءَ ۾ پوئجي وڃي ٿي ۽ اناميڪا ان جو اظهار هن طرح ڪري ٿي، سوڍا! تنهنجي ميل پڙهي، سچ ته توسان ملڻ تي دل ٿي چوي توکي مِس ڪرڻ لڳي آهيان. ڏاڍي گهڻي انتظار کانپوءِ تنهنجي ميل مِلي. اسان جو ڏاڍو مضبوط رشتو آهي سوڍا. ڀلي کڻي تون اِن کي ڪو نانءُ نه ڏي ڪي رشتا بي نانءُ به هوندا آهن. امر جليل جي ڪردار جو سنڌوءَ سان ڪهڙو رشتو هو؟ ساڳيو رشتو تنهنجو منهنجو به آهي. مون کي تڪڙي ميل ڇو نه ڪندو آهين؟ (3) ۽ ليکڪ سوڍي جون فيلنگس ڪجهه هن طرح ظاهر ڪري ٿو، جنهن وقت انا جو مئسيج آيو، ان وقت سوڍو آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو. ٽي ويءَ تي ميوزڪ هلي رهي هئي ۽ هو انا جو مئسيج پڙهي، پنهنجي اندر ۾ تيز طوفان محسوس ڪرڻ لڳو، جيڪو سندس نااميديءَ جي وڻن کي پاڙون پٽي اڇلائڻ لڳو. صوفي تي ويهي، گهڙي کن لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪري، انا کي ڏسڻ لڳو، جنهن لکيو هو ته، سچ ته تو سان ملڻ تي دل ٿي چوي، توکي مِس ڪرڻ لڳي آهيان.
اهو جملو سوڍي کي پنهنجو ماضي وسارڻ ۽ حال سان جوڙڻ تي مجبور ڪرڻ لڳو. هن اُٿي آئيني ۾ ڏٺو. پاڻ کي ڏسي، انا جي مئسيج تي سوچي مُرڪي پيو، پوءِ جلدي تيار ٿي آفيس لاءِ نڪري پيو، پر سڄي واٽ ڄڻ ته هُو خيالن ۾ انا سان گفتگو ڪندو ويو. (4)
اهڙيءَ ريت ناول ۾ پلاٽ جو اُهو Complication، اناميڪا ۽ سوڍي جي پيار جي ابتدا سان شروع ٿئي ٿو ۽ پلاٽ جوClimax ٻنهي جي وڇوڙي سان ٿئي ٿو.
ليکڪ ناول جي آخري حصي کي وڌائي مونجهاري کي ٻيهر جنم ڏنو آهي ۽ آخر ۾ ناول اُلجهاوءُ جو شڪار ٿئي ٿو. ان ڪري ناول جو آخري حصو ڊيگهه جي ڪري اجايو محسوس ٿئي ٿو.
بهرحال هن ناول جو پلاٽ پنهنجي نئين ٽيڪنيڪ، هئيت جي بنا تي ٻين ناولن کان منفرد اهميت جو حامل آهي.
ناول جي ڪهاڻيءَ جو تنقيدي جائزو:
ناول جي ڪهاڻي سوڍي ۽ اناميڪا جي اتفاقي فون ڪال کان شروع ٿئي ٿي، جيڪا مختصر مان طويل ٿي وڃي ٿي جو ٻنهي ڪردارن ۾ رومانس جي شروعات عروج ۽ آخر ۾ وصال جي صورت اختيار ڪري وڃي ٿي.
ناول جي ابتدا ۾ ڪردارن کي ملائڻ ۾ ليکڪ ٿورو جلد بازي کان ڪم ورتو آهي، مثال اناميڪا جي ڪال اچي ٿي ۽ سوڍو ان ڪري رسيو نٿو ڪري جو اناميڪا کيس ايس ايم ايس ڪري ٿي ته هن جي فون تي رکيل رِنگ ٽوَن هُوءَ ڪيڏي نه بي چئي آ، مون کي هيکل ڇڏي وئي آ، وڻي وڃي ٿي، پر مسلسل ٽي ڏينهن يعني 15 جون کان 17 جون تائين اهو سلسلو هلي ٿو ۽ نيٺ سوڍو فون جي رنگ جي مسلسل وڄڻ جي ڪري تنگ ٿي اناميڪا کي پيغام موڪلي ٿو ته کيس تنگ ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ اُهو مئسيج به سوڍو غلط فهمي جي بنا تي ڪري ٿو جو هُو کيس چندرا سمجهي ٿو.
هاڻي ڪهاڻيءَ جو آغاز اتان ٿئي ٿو جڏهن ٻئي ڪردار پهريون ڀيرو هڪ ٻئي سان فون تي مخاطب ٿين ٿا ۽ اتي پهرين ڪچائي اُها سامهون اچي ٿي ته سوڍو پهرين ئي گفتگو ۾ هڪ اڻڄاڻ ڇوڪريءَ کي پنهنجي پيار جي ڪهاڻي ۽ ان ۾ حاصل ٿيل وڇوڙي جو روداد ٻڌائي ڇڏي ٿو…! جيتوڻيڪ اناميڪا ڪو گهڻو زور نٿي ڀري، پر لڳي ٿو ته ليکڪ ناول جي اصل ڳالهه کي ٻڌائڻ لاءِ گهڻو بيچين آهي ۽ ڪهاڻيءَ جي ابتدائي سسپينس کي جلد ئي ختم ڪري ڇڏي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ليکڪ ڪردار کي همدردي وصول ڪرڻ ۾ جلد باز ڏيکاريو آهي ٻيو ته ڪردار نفسياتي طور تي ايترو ڊسٽرب آهي جو هڪ ڇوڪري جي هٿان شڪست کائي لاشعوري طور تي ٻي ڇوڪري ۾ پناهه وٺڻ جو خواهشمند آهي.
اهڙيءَ ريت ڪهاڻيءَ ۾ هر جاءِ تي سوڍو اهڙا لفظ ۽ جملا ورجاءِ ٿو، جنهن ۾ ڪردار جي مظلوميت ۽ درد ظاهر ٿئي ٿو ۽ ان مان واضح ٿئي ٿو ته ڪردار همدردي ۽ توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا جملا چوي ٿو جو اناميڪا سندس لفظن مان ان جي اداسي محسوس ڪري وٺي ٿي ۽ ساڻس همدردي ڪري ٿي، ان سان گڏ صلاحون ۽ نصيحتون ڏئي ٿي.
هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ٻي ڪچائي يا خامي اُها آهي ته سوڍو جيڪو پڙهيل لکيل آهي، پر کيس ايتري خبر نه آهي ته ڪئناڊا ۽ دبئي جي فون ڪوڊ نمبرن ۾ فرق هوندو آهي! جڏهن اناميڪا ڪئناڊا مان کيس فون ڪري ٿي ته هو رسيو نٿو ڪري ته ڪٿي چندرا نه هجي. هتي مثال ٿا وٺون.
ٽن ڏينهن کانپوءِ رات جو سوڍي کي فون آئي. موبائل فون تي ٻاهرئين ملڪ جو نمبر ڏسي، هِن اِهو سمجهندي فون اٽينڊ نه ڪئي ته متان چندرا جي فون هجي. هِن ڏٺو ته ان نمبر تان کيس پندرهن دفعا فون آئي هئي. پوءِ هڪ ميسيج آيو: سوڍا! پليز ڳالهائي. فون اٽينڊ ڪر. مان اناميڪا ٿي ڳالهايان. (5)
ايئن هُو مئسيج پڙهي فون رسيو ڪري ٿو ۽ اناميڪا کي چوي ٿو: بس، ساڳئي پراڻي شڪ جي بنياد تي نه پئي کنيم.
ڪهڙو ساڳيو پراڻو شَڪ؟ پَري کان ساڳيو پُراڻو آواز آيو.
اِهوئي ته متان چندرا جي فون هُجي.
ڇو؟ اِها به ٻاهر ٿي رهي ڇا؟ هُن دڙڪي سان پڇيو.
ها، سوڍي آهستي وراڻيو.
ڪٿي؟ هُن جو لهجو ساڳيو رهيو.
دبئي ۾. (6)
جيتوڻيڪ دبئي ۽ ڪئناڊا جي فون ڪوڊ نمبرن ۾ واضح فرق آهي. دبئي جو فون ڪوڊ نمبر 9714 آهي، جڏهن ته ڪئناڊا جو ڪوڊ نمبر 1 (هڪ) آهي، پر ليکڪ ان تي ڪو خاص غور نه ڪيو آهي ۽ مختلف هنڌن تي سوڍي کي ان غلط فهمي جي بنا تي فون نه کڻندي ڏيکاريو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح ناول جي ڪهاڻي وڌندي رهي ٿي، ڪردار هڪٻئي سان پنهنجي رهڻي ڪهڻي، عادتون طور طريقا، خيال ونڊين ٿا ۽ گڏوگڏ تهذيب ثقافت، سنڌ جي قدرتي سونهن، ماحول، سياسي ۽ سماجي حالتن تي بحث ڪن ٿا. ليکڪ ڪردار سوڍي کي عورتن بابت آزاد خيال ۽ نئين سوچ رکندڙ مرد ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سوڍو عورتن سان ٿيندڙ ناانصافي کان واقف آهي ۽ انهن سان ٿيندڙ ٻيائي جي خلاف آهي، هو عورتن جي آزادي جي خلاف ناهي، پر هو اهو به واضح ڪري ٿو ته عورتون پنهنجي آزادي کي ڇڙواڳي ۾ تبديل نه ڪن.
ڪابه ڇوڪري، ڪنهن جي به ڪنوار بڻجي، پر اُن کان سندس مڙس کي سندس آزادي نه کسڻ کپي، سوڍي چيو.
۽ اسان عورتن وٽ آزادي هوندي به ڪيتري آهي؟
اوهان وٽ آزادي ته وڏي هوندي آهي، پر اوهان اُن ۾ مرد جي اعتبار جي رڳو پاسداري ڪيو.
ڇا مطلب؟
مطلب اِهو ته آزاديءَ جو اِهو مطلب ناهي ته ڇوڪري بي انتها ڇڙ واڳ ٿي وڃي ۽ چوي ته مان آزاد آهيان، سوڍي لِڪل لفظن ۾ پنهنجي راءِ ڏني. (7)
اهڙيءَ طرح اناميڪا جو ڪردار هڪ طرف ايترو بولڊ ۽ آزاد آهي، جو هوءَ ٻاهرين ملڪ رهي ٿي، اُتي پڙهائي ڪري ٿي، جينز پائي ٿي، عورتن جي حقن لاءِ احتجاج ڪري ٿي ۽ سوڍي جي فليٽ تائين پاڻ هلي وڃي ٿي، وري ٻئي طرف پنهنجي روايتن قدرن جي پابند ايتري آهي، جو پنهنجي پيار کي قربان ڪري ڇڏي ٿي، پر پنهنجي حق لاءِ آواز نٿي اٿاري سگهي…! ليکڪ کي جڏهن اناميڪا جي فيملي پڙهيل لکيل ۽ ايتري باشعور ڏيکارڻي آهي جو هو هڪ نوجوان ڇوڪري کي ٻاهرين ملڪ مان پڙهائين ٿا ان جي تعليم جو فڪر ڪن ٿا ته انهن کي گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي ڌيءَ جي شادي جي معاملي ۾ به ايترا ئي آزاد خيال هجڻ گهرجن ها جو ان کي پنهنجي مرضيءَ جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏين ها.
بهرحال هي ناول هڪ طرح سان الڳ آهي جو پراڻي محبت کي نئين انداز سان جديد دور جي گيجيٽ ورلڊ (Gadget World) کي ڏيکاريو ويو آهي. جنهن دور ۾ فون تي مُحبتن جا قصا ۽ شاديون، ٺڳيون ۽ طلاقون عام آهن، اُتي هن ناول ذريعي منفرد محبت ۽ وصال کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ قدرن جي پاسداري سان گڏ محبت ۾ وصال کانپوءِ زندگي نئين اميد ۽ نئين سري سان گذارڻ جو پيغام شامل آهي.
ڪردار نگاري:
هن ناول ۾ جيتوڻيڪ ذڪر ٽن ڪردارن جو آهي، جن مان خاص ٻه ڪردار آهن جن جي چوڌاري ناول جي ڪهاڻي ڦري ٿي. انهن ڪردارن ۾ سوڍو، اناميڪا ۽ چندرا جا ڪردار آهن. سوڍو ۽ اناميڪا حاضر ڪردارن ۾ شمار ٿين ٿا، ڇو ته ناول جي پوري ڪهاڻي ٻنهي ڪردارن جي گرد گهمي ٿي ۽ انهن ٻنهي ڪردارن جي وچ ۾ گفتگو اهم آهي جڏهن ته انهن مکيه ڪردارن جي گفتگو ۾ مرڪز چندرا جو ڪردار آهي، جيڪا ٻنهي جي وچ ۾ موجود نه هئڻ باوجود ذڪر طور ٻنهي ۾ موجود آهي ۽ ٻنهي جي ميلاپ جو سبب به چندرا هجي ٿي، دراصل مان ڪنهن غلط فهميءَ جو شڪار هئس. مون سمجهيو ته چندرا ٿي فونون ڪري، جيڪا مون کي ڇڏي هلي ويئي آهي. هُن مون کي ڇڏي ته ڏنو، پر پوءِ به گذريل پنجن سالن کان مون کي نٿي ڇڏي. فون ۽ ايس ايم ايس ڪرڻ هُن پنهنجي عادت ٺاهي ڇڏي آهي ۽ مون هن سان ڪوبه رابطو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. مون سمجهيو ته هن ٻي سِم وٺي، چالاڪيءَ سان مون سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هوءَ هئي به ته وڏي چالاڪ نه! جڏهن مان ساڻس ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿيندو هئس ته مون کي پرچائڻ جا عجيب عجيب طريقا ڳولي ڪڍندي هئي ۽ نيٺ پرچائي وٺندي هئي. سو، مون سمجهيو ته هوءَ هاڻي به ايئن ڪري رهي آهي. سوڍو کيس هڪ ساهيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ويو.
ڇا هن جو نالو چندرا هو؟ هِن ڇوڪريءَ تجسس وچان پڇيو.
جي ها، سوڍي جي جواب ۾ هيڻائي لهي آئي.
چندرا جي معنيٰ اوهان کي اچي ٿي؟ هِن سمجهڻ چاهيو.
ها، چنڊ جهڙي خوبصورت، سوڍي جي اکين ۾ اونڌاهي لهڻ لڳي.
واهه، نالو ته ڏاڍو ڀلو آهي. هن اجنبي ڇوڪريءَ چيو.
هوءَ پاڻ به ڏاڍي ڀلي هئي، سوڍي درد ۾ ٻڏل مُرڪ مرڪي آهستي وراڻيو.
ڀلي هئي؟… جو ڇا مطلب هاڻي ڀلي ناهي رهي ڇا؟ هن ٿوري تيز لهجي ۾ پڇيو.
هوندي، پر مون لئه نه، سوڍي جي آواز ۾ هلڪي تلخي اچي ويئي.
ڇو؟ هن ڇوڪريءَ جا سوال وڌڻ لڳا.
ٻڌايان ٿو اوهان کي، ايئن چئي سوڍو پنهنجي گهرَ جي صحن مان اُٿي ٽي وي لائونج ۾ اچي ويٺو ۽ پوءِ اِن ڇوڪريءَ کي پنهنجي درد جي ڪهاڻيءَ جا سڀئي ورق هڪ ساهيءَ پڙهي ٻڌائي ويو. (8)
ڪردار نگاري جي بنا تي هي ناول مختصر آهي. هن ناول ۾ مخصوص ٽي ڪردار آهن جن جي رهڻي ڪهڻي، طور طريقا، مزاج، عادتن ۽ خيالن کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
سوڍي جو ڪردار سلجهيل، پنهنجي ذات تائين محدود، پيار جي درد کان واقفيت رکندڙ، باشعور ڏيکاريل آهي. هو هڪ دفعو پيار ۾ ڌڪ کائي ٿو ۽ ٽُٽي پوي ٿو، ٻيهر پيار ۾ پيچ اڙائي ويهي ٿو ۽ ٻيهر ڌڪ کائي ٿو، پر هن واري زندگيءَ ڏانهن منفي رويو رکڻ جي بجاءِ زندگيءَ ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ پڙهندڙ ڏانهن هڪ مثبت پيغام پهچائي ٿو.
نصير مرزا هن ناول جي ڪردار بابت لکي ٿو، هن ناول جي ٽنهي مکيه ڪردارن، سوڍي، چندرا ۽ اناميڪا جي ڪردارن جي وِچ ۾ انور هڪ Message به ته رکيو آهي. ڏکن ۽ وڇوڙن جي باوجود جيئڻ ۽ زندگي سان Compromise ياPositive رويو اختيار ڪرڻ جو سبق… (9)
هن ناول ۾ ان مثال کي سوڍي جو ڪردار وڌيڪ نڀائي ٿو ۽ زندگيءَ مان مليل درد تي بس هڪ شڪايت ڪري ٿو، زندگي، تو مون سان هر ڀيري ڏاڍي مذاق ڪئي آهي.
سوڍي جو ڪردار روايتي مرداڻي سوچ کان هٽيل هڪ باشعور ۽ آزاد خيال آهي، اناميڪا عورت جي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿي ته سوڍي جو هي جواب سندس سوچ کي واضح ڪري ٿو گڏوگڏ ڪردار جي ذريعي ليکڪ پنهنجي خيالن جي تشريح پڻ ڪري ٿو، اناميڪا کانئس پڇيو: تو وٽ ڇڙواڳيءَ جو ڪهڙو مطلب آهي؟
مون وٽ اِن جو مطلب آهي ته ڪابه عورت يا ڇوڪري جيڪڏهن ڪنهن ٻئي مرد سان ناجائز تعلقات رکي ۽ چوي ته ايئن ڪرڻ منهنجو حق آهي ته اها ڇڙواڳي آهي، جنهن جي ڪير به حمايت نه ڪندو.
۽ مردن جون ڀل ڏهه ڏهه گرل فرينڊز هجن؟ اناميڪا جي لهجي ۾ هلڪي ڪاوڙ لهي آئي.
نه، مان اِن جي به حق ۾ ناهيان… مان شاديءَ کان اڳ ۾ اڻ پرڻيل ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ يا اڻ پرڻيل عورت ۽ مرد جي پيار جي حق ۾ آهيان، پر مان اِن حق ۾ بلڪل به ناهيان ته ٻئي ڄڻا اڳواٽ پرڻيل به هجن ۽ وري ٻنهي جا ڪنهن سان الڳ الڳ ناجائز تعلقات به هجن، سوڍي ڪجهه تفصيل ۾ ڳالهايو. (10)
اهڙي طرح ليکڪ سوڍي جي ذريعي درد جي فلسفي کي هر جاءِ تي ورجائي ٿو ۽ درد کي مختلف تشبيهون ڏي ٿو مثال: انا درد ته اُهو نانگ آهي، جيڪو دل جي ٻِرَ ۾، جي هڪ بار به داخل ٿيندو آهي ته اِهو اُتان ڪڏهن به ٻاهر ناهي نڪرندو ۽ هر بار پيو ڏنگيندو آهي. مون سالن کان اِن جي ڏنگن جو لطف ماڻيو آ. (11)
۽ وري ٻئي هنڌ درد سان واقفيت جي باري ۾ هن طرح چوي ٿو، انا، مون پنهنجي درد کي ڪڏهن به فقير جي خيرات وارو ڪستو بڻائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. (12)
اهڙيءَ ريت ليکڪ سوڍي جي ڪردار جي صورت ۾ زندگيءَ ڏانهن اميد پرستيءَ واري رويي سان سهڪار ڪري ٿو، سوڍو مايوس نٿو ٿئي بلڪه پيار ۾ ڌڪ کائي ان مان سبق حاصل ڪري ٿو. هِن دنيا ۾ مون کي زندگيءَ جا جيڪي به سيارا، بهارون، اونهارا ۽ سرءُ مليا آهن، هن دنيا ۾ زندگيءَ جا جيڪي به اُس، ڇانورا ۽ ڪوسا، ٿڌا پهر مليا آهن، هِن دنيا ۾ جيڪي به اوندانهان ڏينهن، ڪاريون ۽ چنڊ راتيون مليون آهن، انهن بابت سوچيندو آهيان ته جيڪر اُنهن ۾ مست ٿي وڃائجي وڃان، اُنهن کان خفا نه ٿجي ۽ انهن جي تپش کي به اوترو ئي دل جي ڇانوري ۾ آڻجي، جيترو سياري جي سج جي اُس کي بدن جي ويجهو اچڻ ڏبو آهي. هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته وقت ته ٿورو آهي. وقت ته اک پَٽِ ۽ اک ڇنڀ آهي. وقت ته هڪ مَنڊي ڪڪري آهي ۽ وقت ته پوياڙيءَ جو پاڇو آهي، تنهنڪري ان کي مسلسل ماتم جي موسم جي حوالي ڪرڻ ٺيڪ ناهي. (13)
اهڙيءَ طرح اناميڪا جو ڪردار هڪ خوبصورت، آزاد خيال، پر روايتن جي قيد ڇوڪري جو آهي، جيڪا جيتوڻيڪ ٻاهرين ملڪ ۾ رهي ٿي، اُتي تعليم پرائي ٿي، ذهين ۽ باشعور آهي، پر پنهنجي حق لاءِ خاموش رهي ٿي ۽ سوڍي کي هٿن سان وڃائي ڇڏي ٿي. هوءَ هڪ سنڌ ڄائي هجڻ جي ناتي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي نٿي وساري ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت لاءِ پنهنجي روايتن جي پاسداري ڪندي سوڍي کي پنهنجي سوچ کان آگاهه ڪري ٿي ته جڏهن مان ڪئناڊا پڙهڻ پئي ويس ته امان چيو هو، ڌيءَ، تون جوان آهين، ولايت پئي وڃين، پر پنهنجي ۽ اسان جي لَڄ ۽ عزت جو خيال رکجانءِ، مان امان جي اُن ڳالهه کي رئي جي پلاند ۾ ڳنڍ ڏيئي ٻڌي ڪئناڊا کڻي وئي هئس، جنهن جي مون اڃان تائين حفاظت ڪئي آهي. مان شادي ڪنديس ته ڪنهن سنڌيءَ سان ڪنديس، پر تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ. (14)
ايئن اناميڪا جي ڪردار ۾ پُر اعتمادي ۽ پنهنجي ذات جي حوالي سان سيلف ڪانشس ڪردار آهي، جنهن کي ايترو يقين آهي ته سوڍو هڪ واري کيس ڏسندو ته مٿان فدا ٿي ويندو. تون ڀلا مون سان ملندينءَ؟ سوڍي ڏاڍي معصوميت مان کانئس پڇيو.
نه، هُن ٺهه پهه وراڻيو،
ڇو؟ هِن حيرت مان کانئس پڇيو.
ان ڪري جو مان توکي هڪ ڀيرو ٻيهر روئاڙي وڃڻ نٿي چاهيان.
ڇا مطلب؟
مطلب اِهو ته مان توسان ملان ته سهي، پر مان ايتري ته سهڻي آهيان، جو جڏهن توسان ملنديسِ ته توکان چندرا وِسري ويندي. (15)
اهڙيءَ ريت اناميڪا جو ڪردارsupportive پڻ آهي جو هوءَ هر وقت سوڍي کي همٿائيندو رهي ٿي. اناميڪا جو ڪردار عورتن جي حوالي سان پڻ سرگرم ڏيکاريو ويو آهي ۽ هوءَ عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ اڳڀري نظر اچي ٿي. سندس ڪردار چست ۽ چلولو آهي، پر سندس ڪردار ۾ ليکڪ اُها ڪچائي ڏيکاري آهي، جو پهرين اناميڪا چوي ٿي ته هن پنهنجي لڄ ۽ پنهنجي ثقافت جي پاسداري ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف ايتري پُر تڪلف ۽ ايڊوانس ٿي وڃي ٿي جو سوڍي سان ملڻ سندس فليٽ تي پهچي وڃي ٿي…!
مڪالمه:
هڪ سٺي ناول لاءِ معنيٰ خيز ۽ وڻندڙ مڪالمه ضروري آهن، مڪالمه ڪردار جي سڃاڻپ هجن ٿا جن جي ذريعي ڪردار جي سوچ ۽ فڪر، سندس لاڙو، عادتن جي ڄاڻ ملندي آهي. ان سان گڏ سٺا ۽ برجستا مڪالمه ناول جي ڪهاڻي ۾ دلچسپي پيدا ڪن ٿا ۽ ناول جو تسلسل برقرار رهي ٿو. ڪردارن پاران ڪيل گفتگو يا ڳالهه ٻولهه کي مڪالمه Dialogues سڏبو آهي. مڪالمه ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي جان ٿين ٿا، ڪهاڻين جي هيئت جي لحاظ کان هڪڙو قسم ڊائلاگ ڪهاڻي پڻ آهي. مڪالمن ذريعي ڪهاڻي جي ڪردارن توڙي پلاٽ کي واضح ڪيو ويندو آهي. مڪالمه ٻن ڪردارن وچ ۾ يا هڪڙي ئي ڪردار جي ذهني ڪيفيت ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. (16)
هن ناول ۾ ليکڪ ٻن ڪردارن جي وچ ۾ مڪالمن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، ان ۾ ٽيون ڪردار به اهم آهي جيڪو جيتوڻيڪ مڪالمن جي وچ ۾ شامل نه آهي، پر هن جي وجهه سان مکيه ڪردار پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ مڪالمن جي ڏي وٺ پڻ ٽئين غير موجود ڪردار جي ڪري ٿئي ٿي، ايئن مڪالمن جو موضوع گهڻي حد تائين اهو غير موجود ڪردار آهي. مڪالمه ان لحاظ کان تمام وڻندڙ ۽ برجستا ۽ معنيٰ خيز آهن. 1. هڪ سٺي ناول لاءِ ضروري آهي ته ناول نگار ڪردارن کان اهڙا جملا ڳالهرائي جيڪي نه صرف معنيٰ خيز هجن، پر سهڻا سخن ۽ دل کي موهيندڙ به هجن. 2. سٺن مڪالمن جي ڪري ڪردارن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي. (17)
ان حوالي سان ناول مان مڪالمن جو مثال کڻون ٿا جنهن ۾ اناميڪا ۽ سوڍي جي رانگ نمبر تي ملڻ جي اتفاق جو ذڪر پڻ آهي، ٺيڪ آ تون ڀلي نه مِلُ. مان توکي ملڻ جي لاءِ زور به نٿو ڀريان. ڇاڪاڻ جو زندگي نالو ئي اکين جي ڳچيءَ ۾ لڙڪن جون مالهائون پائي جيئڻ جو آهي. ڪير مون سان، ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿو ملي؟ يا نٿو ملي، اِهو هاڻ مون لاءِ ڪو مسئلو ناهي رهيو. مان هاڻي اِنهن ڳالهين مان ٻاهر نڪري آيو آهيان. سوڍي چيو.
تون ڀلي ته اِنهن ڳالهين مان ٻاهر نڪري آيو هُجين، پر توسان مِلي مان به ڪنهن مدهوشيءَ واري وڇوڙي جو درد پاڻ سان گڏ ڪئناڊا کڻي نٿي وڃڻ چاهيان. ائين نه ٿئي، جو مان به اُتي جي نه سگهان؟
اهڙي ڳالهه هئي ته پوءِ اوهان مون کي فون ڇو ڪيو هو؟ سوڍي هلڪي غصي مان کيس ميار ڏني.
اوهان جو نمبر ته غلطيءَ سان ملي ويو هو. مون ته اصل ۾ پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ جو نمبر پئي ملايو ته اوهان جو نمبر ملي ويو. پوءِ جڏهن اِن تي سنڌي ٽِيون هليو ته اِهو مون کي ايترو ته سُٺو لڳو، جو مون اِهو بار بار ٻڌڻ پئي چاهيو. بس اهو واقعو ائين ئي ٿي ويو. ها، اِهو سچ آهي ته پرديس ۾ ديس جو پيار ماڻهوءَ جي اندر ۾ وڌي ويندو آهي. سوڍي چيو. پوءِ سندن گفتگو بند ٿي ويئي. (18)
اهڙي طرح اناميڪا ۽ سوڍي جنهن ڳالهه کان پري ڀڄندا آهن، ٻنهي سان اهو ٿيندو آهي، يعني ٻنهي کي هڪٻئي جي ايتري عادت پئجي ويندي آهي جو جڏهن فون تي ڳالهين ٿا ته سوڍو کيس التجا ڪري ٿو، توهان پليز مون سان ڳالهائيندا ڪريو. اِهو اسان ٻنهي جي صحت لاءِ به ضروري آهي. ڀٽائي سائينءَ به چيو آهي نه ته، اچو سورن واريون ڪريون سُور پچار، سو سُورَ ته هر ڪنهن وٽ آهن، تنهنڪري توهان کي پنهنجا ڏک سُور مون سان ضروري سلڻ گهرجن. (19)
اهڙيءَ طرح اناميڪا ۽ سوڍي جي وچ ۾ سنڌي ماڻهن جي بدلجندڙ روين تي گفتگو ٿئي ٿي، جنهن مان سنڌي سماج جي وڏيرڪي طبقي جي حقيقت کي نروار ڪيو ويو آهي. ڪئناڊا ۽ ڪراچي ۾ فرق آهي سوڍا. تو وٽ سنڌ ۾ اسان جي وڏيرن جون مايون چادري پائي گهمنديون آهن. ستن پردن ۾ رهنديون آهن. وڏيرا پنهنجين ڪارُن کي چوڌاري ڪارو پردو ويڙهي، پوءِ پنهنجين ماين کي ڄڻ ته ڪاريون ڪري ڪيڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ جڏهن اهي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجين ماين کي وٺي ايندا آهن ته ايئر پورٽ تي ئي سندن مايون پنهنجا برقعا لاهي بيگن ۾ بند ڪري رکي، پوءِ جڏهن ڪنهن ٻاهرين ملڪ پهچنديون آهن ته اُتي وڏيون ماڊرن لڳنديون آهن، انا چيو.
اهڙا لقاءُ ته اسان هِتي سنڌ ۾ به ڏسندا آهيون انا. جڏهن اسان جي ٻين ضلعن جي وڏيرن يا ڀوتارن جون مايون پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ هونديون آهن ته اُتي ستن ڪوٽن ۾ بند هونديون آهن ۽ جڏهن بيمار ٿينديون آهن، تڏهن به اُهي پردي ۾ هونديون آهن ۽ ڊاڪٽر مُنهن هيڏي ڪري رڳو سندن نبض ڏسندو آهي ۽ اِهي جڏهن ڪراچيءَ اينديون آهن ته برقعا سُرڪا گهر ۾ ڦِٽي ڪري شام جو ٻاهر نڪري شاپنگ ڪرڻ وينديون آهن، سوڍي به ساڳي ڳالهه ڪئي. (20)
منظر نگاري:
منظر نگاري ناول جي بنيادي عنصرن ۾ شامل آهي. ڏٺو وڃي ته هن ناول ۾ ڪا خاص منظر نگاري نظر نٿي اچي. ناول ۾ گهڻي قدر احساساتي منظر نگاري کي فوڪس ڪيو ويو آهي. احساساتي منظر نگاري مان مراد ڪردارن جي احساس جو بيان، خوشي، ڏک ۽ پِيڙا، جذبن جي ڪيفيت وغيره کي ليکڪ مختلف هنڌن تي ڏاڍي پُراثر انداز سان بيان ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ناول ۾ منظر نگاري جي ڪمي ايترو محسوس نٿي ٿئي. مثال ڏسو:
سمجهه ۾ ته مون کي به نٿو اچي ته هيءُ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي؟ ۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟ اِن جو انت ڇا هوندو؟ اسان چپ چاپ ڪيڏانهن وڌي رهيا آهيون؟ ۽ جيڪڏهن اسان جي اندر جون خواهشون ائين چپ چاپ جوان ٿي ويون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ سوڍو رات جو بيڊ تي، وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي مٿي کي مُنڊا ڏيئي ويهي، پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو.
مان پنهنجي هِن ڀيري واري تقسيم برداشت نه ڪري سگهندس.
مون کي اناميڪا جي ويجهو نه وڃڻ گهرجي.
مان وري رڃ ۾ ڀٽڪڻ جي آرزو ڇو پيو ڪريان؟
مان چندرا جو ڏک سنڀالي سنڀالي ٿڪجي پيو آهيان ته وري هيءُ نئون اناميڪا جو ڏک مان ڪيئن سنڀالي سگهندس؟ (21)
اهڙيءَ ريت سنڌ جي مُندن ۽ موسمن بابت جڏهن اناميڪا سوڍي کان پچي ٿي ته سوڍو کيس هن طرح ٻڌائي ٿو، سنڌ جي قدرتي سونهن، موسم جي تبديل ٿيڻ سان پنهنجي جوڀن تي اچي رهي آهي. ٿڌي ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. ڏينهن وڻندڙ رهي ٿو ۽ رات پاڻ سان ماڪ کڻي اچي ٿي. (22)
اهڙيءَ طرح اناميڪا ۽ سوڍو سمنڊ ڪناري ملن ٿا تڏهن ليکڪ اناميڪا جي ڏيک ويک جي منظر نگاري ڪئي آهي. مثال: ٻئي ڏينهن تي سوڍو جيئن ئي وليج هوٽل ۾ اندر گهڙيو ته سامهون هڪ حسين ڇوڪري، ڳاڙهي چولي ۽ اڇي شلوار ۾ ويٺل ڏٺائين. هِن کي اِهائي انا لڳي، ڇاڪاڻ جو هيءُ اڳ ۾ سندس تصويرون ڏسي چڪو هو. (23)
ان کان علاوه ليکڪ صفحي نمبر 147 تي منظر نگاري ۾ واڌارو ڪندي ڪنهن فلمي سين جي ڪاپي ڪئي آهي جيڪا اجايو وڌاءُ محسوس ٿئي ٿي ۽ اُها منظر نگاري انڊين توڙي پاڪستاني هر ٻئين ٽئين موويءَ ۾ نظر ايندي آهي ته ڪنهن وجهه سان هيروئن جو پير ترڪي وڃي ٿو ۽ هيرو پنهنجون ٻانهون وڌائي کيس قابو ڪري ٿو. بهرحال ناول ۾ منظر نگاريءَ جي حوالي سان ڪا خاص ڳالهه نمايان نه آهي، پر پوءِ به ناول پنهنجي اسلوب جي ڪري ان ڪمي کي ڍڪي ڇڏي ٿو.
ٻولي ۽ اسلوب (اندازِ بيان):
خيالات بيان ڪرڻ ۽ جذبات ظاهر ڪرڻ جي ڍنگ جو نالو اسلوب آهي. اسلوب ليکڪ جي لکت جو ڏانءُ ظاهر ڪندو آهي، جنهن مان اهو پتو لڳائي سگهجي ٿو ته ليکڪ ڪهڙن لفظن وسيلي خيالن جي ادائگي ڪري ٿو. (24)
لکڻ جو هر ليکڪ وٽ پنهنجو ڏانءُ ۽ پنهنجو انداز آهي. اهڙيءَ ريت انور ابڙي وٽ به پنهنجو هڪ مخصوص انداز آهي. هن جي لکڻين ۾ جدت ۽ انفراديت آهي، جنهن ڪري سندس نثر ۾ رونق نمايان آهي. هن جي لکڻين ۾ مقاميت نگاريءَ سان گڏ تشبيهن، اصطلاحن ۽ چوڻين سان سينگاريل جملا، نج لفظن سان نون استعارن جي تخليق ڪئي آهي. مثال ناول ۾ سوڍو اناميڪا کي پنهنجي ۽ چندرا جي رشتي بابت ڏاڍا وڻندڙ استعارا جوڙي ٻڌائي ٿو. ها، اسان ڪافي ڪلوز هئاسين. چندرا ۽ منهنجي وچ ۾ ڪي به روايتي حجاب نه هئا. هوءَ ٽهڪ ڏيندي هئي ته منهنجون اکيون روشن ٿي پونديون هيون ۽ جڏهن هوءَ روئندي هئي ته منهنجون اکيون منڇر بڻجي پونديون هيون. هوءَ ڪنهن تڪليف ۾ هوندي هئي ته مان پنهنجيءَ دل ۾ پيڙا محسوس ڪندو هئس ۽ جڏهن هوءَ خوش هوندي هئي ته اسان ٻئي هوائن ۾ پيا اُڏامندا هئاسين. هاڻي، اِهو ماڻهو، ايتري سولائيءَ سان ته اندر جي دنيا مان ٻاهر نٿو نڪري سگهي نه؟ (25)
يا ٻئي هنڌ تي لکي ٿو، اناميڪا وري پنهنجن ٽهڪن جي لغڙن جون ڏوريون کوليون. (26)
اهڙيءَ طرح ليکڪ هڪ ٻئي هنڌ اناميڪا جي درد کي بيان ڪندي لکي ٿو، سوڍي محسوس ڪيو ته سڏڪا اناميڪا جي ڳلي ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ سندس اکين ۾ سنڌوءَ جون ڇوليون لهي آيون آهن. سڏڪا ته سوڍي جي ڳلي ۾ اَٽڪي پيا هئا ۽ سندس اکين جي موسم پڻ جهڙالي ٿيڻ لڳي هئي. (27)
اهڙيءَ طرح ليکڪ وٽ نثر ۾ تخيل جي هڪ نئين دنيا جنم وٺي ٿي. پراڻن لفظن کي نئين انداز ۽ نئين طريقي سان پيش ڪرڻ جو هنر به کيس آهي. مثال: ڳوٺ ويو هئس، ڳوٺ ۾ ساريون پچي رهيون آهن. ڪٿي ڪٿي سارين جا سونا سنگ حسين ڇوڪرين جي ڳچين ۾ سونن هارن جيان محسوس ٿي رهيا هئا. ڪيترين زمينن ۾ ڄڻ ته سارين جون چادرون وڇايل هيون. سنڌ واقعي ڏاڍي سهڻي آهي. (28)
اهڙيءَ ريت ناول ۾ ليکڪ ڪيترائي ڀيرا شاهه سائين جي بيتن جون سٽون ڏيندو ٿو رهي جنهن سان ليکڪ جي شاهه لطيف رح سان محبت ۽ پنهنجي ٻولي ۽ ادب سان محبت جو اظهار ملي ٿو.
مقصديت:
ڪابه لکڻي چاهي اُهو نثر جي صورت ۾ هجي يا نظم ۾ ان ۾ ڪو نه ڪو مقصد رکيل هوندو آهي. ليکڪ جڏهن ڪابه تخليق ڪندو آهي ته ان جي اکين جي آڏو پوري سماج جو عڪس وکريل هوندو آهي جنهن مان هُو، ڪو واقعو، ڪو حادثو، ڪا وارتا کڻي ان کي پنهنجي لکڻي جو موضوع بڻائيندو آهي. هي ناول مقصديت جي لحاظ کان نوجوانن لاءِ هڪ پيغام ڏئي ٿو. انهن نوجوانن لاءِ جيڪي محبت ۾ وڇوڙي کي زندگيءَ جو روڳ بڻائي زندگي تباهه ڪري ويهندا آهن ۽ انهن نوجوان ڇوڪرين لاءِ اناميڪا جي صورت ۾ هڪ پيغام سمايل آهي، جيڪي جديد دور ۾ موبائل فونن تي واستا وڌائين ٿيون، عشق ۽ ان جي حصول ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت جي پرواهه نٿيون ڪن ۽ پنهنجي ريتن رسمن کي ٽوڙي نڪري پون ٿيون ۽ اهڙيءَ ريت ڪنهن اڻڄاڻ جي هٿان پنهنجي عزت ۽ زندگيءَ به برباد ڪرائي ويهن ٿيون.
حوالو:
(1) خواجه، امين، نور افروز، پروفيسر، ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر، گلشن حيدرآباد سنڌ، 1999ع، ص: 176. (2) ابڙو، انور، هڪ مهمان ڇوڪري (ناول)، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2016، ص:19. (3) ساڳيو ص:90. (4) ساڳيو ص:91. (5) ساڳيو ص:44. (6) ساڳيو. (7) ساڳيو ص:60. (8) ساڳيو ص:21. (9) ساڳيو ص:12. (10) ساڳيو ص:60. (11)ساڳيو ص:67. (12) ساڳيو ص:78. (13) ساڳيو ص:81. (14) ساڳيو ص:30. (15) ساڳيو ص:38. (16) ڪوريجو، عباس، جديد ڪهاڻي فن ۽ موضوع، ڪنول پبليڪيشن، قمبر 2015، ص:22. (17) ملاح، احمد، مختيار، سنڌي ناول جي مختصر تاريخ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، آگسٽ 2012ع، ص:34. (18) ابڙو، انور، هڪ مهمان ڇوڪري (ناول)، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2016، ص:39. (19) ساڳيو ص:57.
(20) ساڳيو ص:137. (21) ساڳيو ص:63. (22) ساڳيو ص:85. (23) ساڳيو ص:144. (24) ڪوريجو، عباس، جديد ڪهاڻي فن ۽ موضوع، ڪنول پبليڪيشن، قمبر 2015، ص:23. (25) ابڙو، انور، هڪ مهمان ڇوڪري (ناول)، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2016، ص:28. (26) ساڳيو ص:64. (27) ساڳيو ص:42. (28) ساڳيو ص:50.

