خاص

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد عورتن جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.

عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ان بهادر عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو جنهن پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهي. هن ڏينهن  سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن جون هزارين تنظيمن جي عورتن کي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريليون ۽ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو.

پاڪستان ۾ به ان حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. سول سوسائٽي جي تنظيمن طرفان عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ چيلنجن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ واڪس، سيمينارز ۽ مباحثن جو اهتمام ڪيو ويو آهي. عورتن جي  عالمي ڏينهن جي موقعي تي دنيا جي مختلف ملڪن جن ۾ روس، ويٽنام، چين ۽ بلغاريه ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن تي عام موڪل ٿيندي آهي هي ڏينهن عورتن جي جدوجهد جي نشاني آهي.

1908 ۾ 15 هزار مزدور عورتن پگهارن ۾ واڌ ووٽ جو حق ۽ ڪم جي وڌيڪ وقت جي خلاف نيويارڪ شهر ۾ احتجاج ڪيو ۽ پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آواز اٿاريو. جن تي پوليس طرفان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو هو پر عورتن طرفان پنهنجي جبري مشقت جي خلاف تحريڪ کي جاري رکيو ويو هو.

عورتن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي نتيجي ۾ 1910 ۾ ڪوپن هيگن ۾ عورتن جي پهرين عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي هڪ سئو کان وڌيڪ عورتن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.