”هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ“ يان پال سارتر ناوليٽ- قسط-5 ترجمو: منور سراج June 2021
برجري پنهنجي نفيس ڊگهين آڱرين واري هٿ ۾ ليوسين جو هٿ ورتو ۽ هيٺ ويهڻ لاءِ سندس هٿ تي هلڪو زور ڏنائين. برجري ليوسين کي پنهنجي نرم گرم نهار جي دائري ۾ ويڙهي ڇڏيو هو ۽ اڃان تائين سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو بيٺو هو.
“تون پريشان آهين ڇا؟” هن نرم لهجي ۾ ليوسين کان پڇيو.
“ها، مان پريشان آهيان” ليوسين ٺهه پهه چيو.
جنهن سان ايئن پئي لڳو ڄڻ هو ٺيڪ هن مهل آڏي پڇا جي مرحلي مان گذري رهيو هو.
بارلياڪ ٿورو هٻڪيو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان پنهنجو ٽوپلو ميز تي سٽيندي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ليوسين برجريءَ کي پنهنجي آپگهات واري ارادي بابت تفصيل ٻڌائڻ لاءِ اتاولو ٿي رهيو هو. هو واقعي به اهو ۽ اهڙو شخص هو جنهن کي بنا ڪنهن سوچ ويچار جي تڙ تڪڙ ۾ ماڻهوءَ جي دل سڀ ڪجهه ٻڌائڻ گهرندي آهي.
پر بارلياڪ جي ڪري هن ۾ ٻڌائڻ جي جرئت نه ٿي.
هن کي بارلياڪ کان نفرت هئي.
“ڏي خبر ميان! ڪا راڪي ٻاڪي آهي؟”
برجري بي تڪلف انداز ۾ ويٽر کان پڇيو.
“نه راڪي انهن وٽ ڪونهي” بارلياڪ اتاولائيءَ مان چيو.
“اها ڀلي شيءِ آهي، پر ماڻهو گهڻي ڀاڱي ورمائوٿ ٿا واپرائين.”
“تو واري بوتل ۾ اهو هيڊو هيڊو ڇا آهي؟”
برجري ڀرپور نرم دليءَ سان چيو.
“اڇو ڪريو سيفيڪس”
“هلو ٺيڪ آهي ان مان ئي ڪجهه پيار”
بارلياڪ پنهنجي ڪرسيءَ تي سوڙهو سوڙهو ٿيڻ لڳو. هو ان خيال جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پيو هو ته هو پنهنجي دوست ليوسين جي لئي ڇو ٿيڻ ڏئي!! سو به وري پنهنجي خرچ تي!
هن نيٺ پنهنجي مرڻينگ آواز ۽ ڏکاري لهجي ۾ ڦاٽ کاڌو “هن همراهه پاڻ کي مارڻ ٿي چاهيو” “اوهه خدايا!” برجري کان رڙ نڪري وئي “هان واقعي!”
ليوسين حجاب مان اکيون جهڪائي ڇڏيون، پر کيس پڪ نه هئي ته بارلياڪ ڳالهه جي پڇ مان هٿ ڪڍندو.
“تو واري ڊينٽسٽ جو ڇا ٿيو” برجري پنهنجي واچ ڏي ڏسندي چيو.
بارلياڪ نه چاهيندي به ڄڻ مرندي جهرندي اٿي بيٺو.
“تون مون سان گڏ هلندي برجري” بارلياڪ منٿ واري انداز ۾ چيو.
“نه… هونئن به تون جلدي موٽي ٿو اچين نه، ايستائين آئون هتي آهيان ۽ تنهنجي هن دوست کي ڪمپني ٿو ڏيان.”
بارلياڪ هڪ قدم کڻي وري سندس انتظار ۾ هڪ پل لاءِ بيهي رهيو.
“هاڻي ڦُٽ ڀلا” برجري طنزيه انداز ۾ چيو.
“تون موٽي هتي ئي اچي اسان سان مل”
بارلياڪ هليو ويو ته برجري پنهنجي ڪرسي ڇڏي ليوسين جي ڀر ۾ اچي ويٺو.
ليوسين کي تفصيل سان خودڪشيءَ وارو واقعو ٻڌايو:- ۽ ساڻس اها به وضاحت ڪيائين ته ڪيئن سندس اندر ۾ ماءُ سان سمهڻ جي خواهش ڪر کنيو هو ۽ اهو به ته بنيادي طور کيس ڪنهن سان به پيار ڪونهي ۽ منجهس جو ڪجهه به آهي سو رڳو سوانگ آهي. انهيءَ دوران برجري بنا ڪم هڪ به لفظ ڳالهائڻ جي لڳاتار ڏانهنس ڏسندو ۽ کيس ڌيان سان ٻڌندو رهيو.
ليوسين کي اها ڳالهه ڏاڍي سٺي پئي لڳي ته برجري گرم جوشي ۽ همدردي وچان پنهنجي ٻانهن مضبوطيءَ سان سندس ڪلهي تي ورائي ڇڏي. ليوسين جي ساهن ۾ وڻندڙ پرفيوم ۽ انگلش تماڪ جي دلڪش سرهاڻ ڀرجي وئي.
“ليوسين! توکي خبر آهي مان تنهنجي ان ذهني حالت جي ڪهڙن لفظن ۾ وضاحت ڪندس؟”
ليوسين پر اميد اکين سان ڏانهس ڏٺو، منجهس ڪنهن به قسم جي نا اميدي نه هئي.
“مان ان حالت کي چوان ٿو” برجري ڌيرج سان چيو. “Disorder”
Disorder: لفظ چانڊاڻ وانگر نفيس ۽ سفيد ٿيڻ شروع ٿيو، پر انهيءَ جي آخر ۾ ڇيڙي وٽ موجود اڌ لفظ Order ۾ ٽامي جي رنگت جهڙو تيز چمڪاٽ هو.
“ڊس آرڊر” ليوسين لفظ ورجايو.
هن پاڻ کي ڏکارو ۽ آنڌ مانڌ ۾ مبتلا محسوس ڪيو، بلڪل انهيءَ وقت واري ڪيفيت جيان جنهن وقت هن ريري کي ٻڌايو هو ته هو ننڊ ۾ هلندو آهي.
دروازو ٻاهرين پاسي کليل هو، جتي بهار جو هلڪو ڌنڌ ڇانيل هو:- برجري جي جسم مان اڀرندڙ ذهانت ڀري خوشبوءَ جي ذريعي ليوسين اونداهين ڪمري جي ڳري بوءِ کي ڄاتو جنهن ۾ آلي ڪاٺ ۽ ڳاڙهي شراب جي ڌيمي ڌيمي سڳنڌ به شامل هئي.
“ڊس آرڊر” هو سوچڻ لڳو “اها وري ڪهڙي هچا آهي!! ۽ مون سان ڇا حال ڪندي؟”
کيس خبر نه هئي ته منجهس ڪا نئين بيماري يا ڪا عظمت دريافت ٿي چڪي آهي.
هن پنهنجي اکين جي بنهه ويجهڙو برجري جي چپن وٽ موجود هڪ سوني ڏند جو چمڪو ڏٺو.
“مون کي مضطرب ماڻهو وڻندا آهن”
برجري چيو “۽ مان سمجهان ٿو ته تون غير معمولي طور ڀاڳ وارو شخص آهين جو توکي اهو مرض مليو آهي. تون هي سمورا سوئر ڏسين ٿو نه… اهي سڀ پيادا آهن. تون انهن جي اڳيان رڳو ڪجهه ڳاڙها ماڪوڙا ڇڏي ڏس، ڪيئن ٿو انهن ۾ ٻڙڌڪ مچي وڃي. انهن ۾ درندن وارو شعور آهي.”
“ڇا اهي ماڻهن کي کائيندا آهن؟” ليوسين چيو.
“ها، اهي پنهنجي ڍانچن تي انساني گوشت جون پٽيون ٻڌندا آهن.”
“اڇا!” ليوسين چيو ۽ وڌيڪ پڇيائين “۽ مان؟ مان ڇا ڪيان؟”
“ڪجهه نه، خدا جي واسطي” برجري مذاق ۽ ڊپ ۾ ڀريل نهار وجهندي چيو.
“سڀ کان مٿانهين ڳالهه هيءَ ته ڪڏهن به هيٺ نه ويهجان جيستائين” هن کلندي چيو.
“اها گهوڙي جي پٺي نه هجي تو ريمباد پڙهيو آهي؟”
“نه… نه ته” ليوسين وراڻيو.
“آئون توکي سندس The Illuminations ڏيندس ۽ ها ٻڌ… پاڻ کي هڪٻئي سان ملندو رهڻ گهرجي. جيڪڏهن تون هن خميس تي فارغ هجين ته ٽئين وڳي ڌاري مون سان ملجانءِ.
مان مونٽپراس 9 ريو پريميئر ۾ رهندو آهيان. ٻي خميس تي ليوسين ساڻس ملڻ ويو ۽ پوءِ مئي ۾ تقريبن ڏهاڙي سندن ملاقات ٿيندي رهي.
سندن وچ ۾ طئي ٿيو ته اهي بارلياڪ کي رڳو اهو ٻڌائيندا ته هو پاڻ ۾ هتي اٺين ڏينهن ملندا آهن ته جيئن ساڻس انهن جو دوستاڻو تعلق به قائم رهي ۽ کيس ڪو رنج به نه پهچي ۽ بارلياڪ وري ڪجهه اهڙو ڏيک ڏنو ڄڻ کيس سندن باري ۾ پتو پهي ڪونهي.
هن اکين ئي اکين ۾ مرڪندي ليوسين کان پڇيو “ٻيو حال حوال ڏي! پڙهڻ وڃين پيو؟ هن توکي ڳاراڻن ۾ ڳرڻ جي ڪرت سان لڳائي ڇڏيو ۽ تو کيس پنهنجي خودڪشي جي خبرن حوالي ڪري ڇڏيو:- هڪ وڏي چال…”
“ڇا” ليوسين احتجاج ڪندي چيو. “جناب! مان توکي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته منهنجي خودڪشيءَ جو قصو مون کان تو پاڻ ٻڌرايو”
“اوهه” بارلياڪ چيو. “اهو ته مون رڳو توکي شرمندگيءَ کان بچائڻ لاءِ چيو ته جيئن توکي پنهنجو قصو پاڻ پنهنجي واتان ٻڌائڻو نه پئي”
هاڻي هنن ٻنهي جي وچ ۾ تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿيڻ لڳيون.
“هن ۾ جيڪي ثبوت ۽ ڳالهيون مون کي پسند هيون اهي سڀ اهي هيون جيڪي” هڪ ڏينهن ليوسين برجري کي ٻڌايو. “هن جون توکان اڌار ورتل هيون. اهو اندازو مون کي هاڻي ٿيو آهي.”
“اصل ۾ بارلياڪ صفا گڏهه آهي.” برجري کلندي چيو “۽ اها ئي سندس خوبي آهي جنهن مون کي ڏانهنس ڇڪيو. توکي خبر آهي سندس ڏاڏي يهودڻ هئي، ان مان ئي گهڻو ڪجهه سمجهي سگهجي ٿو.”
“ها… پر… بهرحال” ليوسين هڪ پل کانپوءِ وري ڳالهايو “هو آهي ڏاڍو دلڪش”
برجري جو ڪمرو عجيب و غريب ۽ کل جوڳين شين سان سٿيل هو. هڪڙو رانديڪو، جنهن جا ڳاڙها پير هڪ عورت جي ڄنگهن تي رکيل هئا، هڪ نيگرو جو مجسمو، پاڪ دامنيءَ واري نشان وارو لوهي پٽو، پلاسٽر آف پيرس جا ارهه جن ۾ ننڍڙا چمچا کتل هئا، ميز تي رکيل هڪڙو تمام وڏو بادامي رنگت مائل ڄامڙو ۽ مسترا جي مساڻ مان چورايل هڪ درويش جي کوپڙي جنهن کي هن ويٽ پيپر طور استعمال ٿي ڪيو. ڀتين تي سريئلسٽ برجري جي موت جي اعلان وارا نوٽيس چنبڙيل. ان جي باوجود سندس اپارٽمينٽ ذهانت سان ڀرپور سڪون جو تاثر پئي ڏنو، جنهن جو وسيع ۽ ويڪرو دالان ته ليوسين کي ڏاڍو وڻيو.
خصوصي طور ليوسين کي جنهن شيءِ تمام گهڻو متاثر ڪيو اها شيءِ هئي اتي وڏي تعداد ۾ موجود عملي ڀوڳ ڀوڳ ۾ جيڪي هن شيلف ۾ سٿي ڇڏيا هئا:- ڄميل پاڻياٺ، نڇون ڏياريندڙ پائوڊر، خارش وارو پائوڊر، ترندڙ کنڊ ۽ ڪنوار جو پيٽي ڪوٽ.
“هنن ڀوڳن کي” برجري چيو “هڪ انقلابي قسم جي اهميت آهي، اهي ٽوڙ ڦوڙ ڪن ٿا، انهن ۾ لينن جي سڄي ڪم کان به وڌيڪ ٽوڙ ڦوڙ جي طاقت آهي.”
ليوسين حيران ٿي ويو ۽ پنهنجي چنجهين اکين سان ور ور ڪري برجري جي خوبصورت، اداس چهري ۽ نفيس ڊگهين آڱرين ڏي ڏسڻ لڳو.
برجري اڪثر ريمباد بابت ۽ سڀني حواسن جي Systemic Disordering بابت ٿي ڳالهايو. “جڏهن تون زندگيءَ جو اصلي روپ ڏسندين ته ڄاڻندين ته زندگي ڇا آهي. وقت توکي ٻڌائيندو ته گهڻي ويهين سئو آهي. هن کيسThe Illuminations, Les Chants de Maladoror ۽Marquis de Sade جو ڪجهه مواد پڙهڻ لاءِ اڌارو ڏنو. ليوسين پوري ايمانداري سان انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کوڙ ڳالهيون سندس مٿان گذري ويون ۽ کيس اهو ڄاڻي ڪري ڀنواٽي اچي وئي ته دراصل ريمباد لونڊيباز هو.
هن اها ڳالهه برجري سان ڪئي ته هو کلڻ لڳو.
“پوءِ ڇا آهي منهنجا ننڍڙا دوست!”
ليوسين ڏاڍي ذلت محسوس ڪئي.
هو شرمندگيءَ جي احساس ۾ ڀرجي ويو ۽ کيس برجري کان شديد نفرت محسوس ٿيڻ لڳي.
پر ٻئي لمحي هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ اکيون مٿي کڻي دوستاڻي انداز ۾ چيائين “مان چرين واريون خبرون پيو ٿو ڪيان”
برجري سندس وارن کي ڇُهيو ته هو ٿورو لرزي ويو.
“هي تنهنجا ڏک ۾ ڀرجي ويل وڏا وڏا نيڻ” برجري چيو “هاءِ! هي هرڻيءَ جهڙيون اکيون… هائو ليوسين تون ڄٽڪيون خبرون پيون ڪرين… ريمباد جي اها ڇوري بازي واري عادت سندس حساسيت جي بنيادي ۽ واجب اندروني ڀڃ ڊاهه Disorder آهي. اسين سندس نظمن کي پنهنجو ڪيون ٿا. اهو سوچڻ ته جنسي خواهش لاءِ رڳو ڪجهه مخصوص شيون آهن ۽ اهي شيون آهن عورتون ته اها انهن زنده لاشن جي ڄاڻي واڻي ڪيل هڪ گندي غلطي آهي. “ڏس!” هن دراز مان ڏهه ٻارهن کن ڦڪي رنگ جون تصويرون کنيون ۽ ليوسين جي هنج ۾ اڇليائين.
ليوسين ڦڏي وات سان کلندڙ ڀيانڪ قسم جي اگهاڙين طوائفن ڏي گهوريو.
“مون ٽي فرانسس خرچ ڪري بائو- سادا مان اهي تصويرون خريد ڪيون.” برجري چيو “تون انهن مان ڪنهن به عورت کي چمندي ته هرهڪ چوندو ته تون مرد آهين… ڇو جو اهي عورتون آهن. آيئي ڳالهه سمجهه ۾؟ مان توکي تنهنجي سمجهڻ لاءِ ٻڌايان ٿو ته ڪابه شيءِ بلڪه هر شيءِ جنسي تسڪين جو رستو بڻجي سگهي ٿي. جيئن ڪپڙن سبڻ واري مشين، توريندڙ شيشو، هڪ گهوڙو يا هڪ جوتو” برجري پريشاني مان ليوسين جو ڪن مهٽيندي چيو.
ليوسين انهيءَ گفتگوءَ مان جلندڙ ٻرندڙ ڳلن سان ٻاهر نڪتو.
ليوسين کي لڳو ته برجري جينئس آهي، پر هو رات جو اڪثر ڪري ڪنهن ڪنهن مهل پگهر ۾ شل ٿي جاڳي پوندو هو، ان مهل سندس دماغ ۾ بڇڙين ساروڻين وارا منظر ڀريل هوندا هئا ۽ کيس خبر نه پئي پئي ته مٿس برجري جو اثر سٺو پيو آهي يا نه.
“اڪيلو ٿيڻ… معنيٰ…” هن پنهنجا هٿ مليندي دانهن ڪئي “منهنجي ويجهو اوڏو ڪنهن اهڙي شخص جو موجود نه هجڻ جيڪو مون کي هدايت ڪري ۽ ٻڌائي ته مان سهي دڳ تي آهيان يا نه! جيڪڏهن آئون آخري ڪناري تائين وڃي واقعي به حواسن جي ڀڃ ڊاهه جي تجربي مان گذران ته ڪٿي منهنجا پير اکڙي ته نه ويندا؟ آئون لڙهي لهوارو ته نه ٿيندس…”
هڪ ڏهاڙي برجري ساڻس آندري بريٽن (مشهور فرينچ ليکڪ ۽ سريئلسٽ مينيفيسٽو 1929ع جو ليکڪ) بابت ڳالهايو هو:
ليوسين ڄڻ خواب ۾ مڻ مڻ پئي ڪئي.
“ها، پر مان بعد ۾ ڪڏهن به واپس موٽي نه سگهيس؟” برجري شروع ٿيو.
“واپس اچڻ؟ واپس موٽڻ بابت ڪير ٿو ڳالهائي؟ ان کان ته وڌيڪ بهتر ٿيندو جو تون چريو ٿي وڃين… ان کانپوءِ جيئن Rimbaud چئي ٿو.”.
“Viendront d’aurtes horribles travailleurs” “اهو ئي آهي جيڪو مون سوچيو” ليوسين ڏک مان چيو. هن محسوس ڪيو هو ته هنن ڊگهين ڪچهرين جو مٿس ان جي ابتڙ اثر پيو هو جنهن اثر جي برجري مان توقع ڪري پئي سگهجي:- جيئن ئي ليوسين پاڻ ۾ ڪجهه بهتري پيدا ٿيڻ جي يا ڪنهن اصلي تاثر جي اڀرڻ جي شروعات ٿيندي محسوس ٿي ڪئي ته هو ڏڪڻ ٿي لڳو “هاڻي ان جي شروعات پئي ٿئي” هن سوچيو.
هو پاڻ ئي ڄاڻي واڻي اهڙن اوٽ پٽانگ خيالن جي لهرن ۾ لڙهڻ جي خواهش ڪرڻ لڳو هو:-
هو رڳو والدين سان گذرندڙ شامن ۾ پاڻ کي پُرسڪون ۽ مطمئن محسوس ڪرڻ لڳو هو:- اهو سندس پناهگاهه هو. هنن بريانڊ (فرانس جو اڳوڻو وزيراعظم) بابت ڳالهيون ڪيون. جرمن لوڪن جي وهمن وسوسن جي باري ۾ ڳالهايائون. جيني (فرانس ۾ وڏي ۾ وڏي ڄمار واري عورت جيڪا لڳ ڀڳ هڪ سئو ٻاويهه ورهين جي عمر تائين زنده رهي) جي قيد جهڙي حياتي ۽ زندگيءَ جي قيمت بابت حال احوال ڪيائون.
ليوسين ڏاڍي گرم جوشيءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
هڪ ڏينهن برجري وٽان موٽڻ کانپوءِ پنهنجي ڪمري ۾ گهڙيو ته مشيني انداز ۾ دروازو بند ڪيائين ۽ پوءِ جنهن مهل پنهنجي سراپي تي نظر وڌائين ته ان تي زوري کلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو:- پر ان رات هو سڄي رات سمهي نه سگهيو، کيس هڪ ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته هو ڊنل آهي. بهرحال دنيا جي ڪابه طاقت کيس برجري سان ملڻ کان روڪي نه پئي سگهي.
“هن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي” هن پاڻ کي چيو. هو برجري جي پاران جوڙيل شاندار قسم جي دوستاڻي ماحول تي دل ئي دل ۾ سندس ٿورائتو هو. پنهنجو سگهارو مرداڻو آواز وڃائڻ بنا البته ڪافي گهري لهجي سان هن ۾ ليوسين کي گهڻو ڪجهه محسوس ڪرائڻ جي اهليت هئي. ڳالهائڻ جي انهيءَ مخصوص انداز سان هو ليوسين جي فطري نفاست کي ڇُهڻ لڳو هو.
مثال طور: هن سندس ٽاءِ جي ڳنڍ کي ورائي سرائي ٻڌندي کيس ان ڳالهه تي پنهنجائپ مان ڇنڀيو ته هو پنهنجي صفائي سٿرائيءَ جو جوڳو خيال ڇو نٿو رکي! ڪموڊيا جي سون واري ڦڻيءَ سان سندس وار سنواريائين. ليوسين کي سندس جسم جي دريافت جو راز سمجهايائين ۽ سندس اڳيان جوانيءَ جا جذبا جاڳائيندڙ الهڙ سونهن جي تشريح ڪيائين.
“تون ريمباد آهين” هن کيس چيو “هو جڏهن ويرلين سان ملڻ پيرس آيو هو ته سندس هٿ به تنهنجي هٿن وانگر هئا وڏا ۽ سهڻا، سندس اهڙو ئي ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ڳڀرو جوان جهڙو گلابي چهرو هو ۽ اهڙو ئي ڪنهن ڊگهن سهڻن وارن واري وينگس جهڙو نازڪ نفيس بدن هئس”
هن آهستي آهستي ليوسين جي شرٽ جا بٽڻ کوليندي سندس شرٽ لاهي ۽ پوءِ مرڪندي کيس درسنيءَ جي آڏو ڪندي سندس پرڪشش سونهن جون ساراهون ڪندي، سندس ڳلن ۽ ڳچيءَ جي تعريف ڪندي سندس دڏ کي هٿ سان هلڪو هلڪو سهلائيندي ڏکاري آواز ۾ چيائين “اسان ماڻهن کي ويهن ورهين جي ڄمار تائين پهچندي پهچندي سڀ ڪجهه ڪري گذرڻ گهرجي.”
پوءِ اڪثر ليوسين پاڻ کي درسنيءَ ۾ ڏسڻ لڳو ۽ آهستي آهستي پاڻ به پنهنجي جواڻ جماڻ سونهن مان لطف اندوز ٿيڻ سکي ويو.
“مان ريمباد آهيان” هو اڪثر شامن مهل پنهنجا ڪپڙا لاهيندي ۽ درسنيءَ ۾ پنهنجي بدن جا مختلف رخ ڏسندي سوچڻ لڳو چاهيائين ته هوند سندس زندگي ڪنهن ننڍڙي گل وانگر بنهه مختصر ۽ حسين هجي!
انهن لمحن ۾ سندس ذهن ۾ ماضيءَ جي يادگيرين ۽ تصورن جو هڪ دلڪش احساس جاڳڻ ٿي لڳو، جنهن ۾ هن پاڻ کي ٿي ڏٺو. هڪ ننڍڙي ٻار طور جنهن کي ڊگهو آسماني رنگ جو چوغو پهريل آهي ۽ فرشتن واري لباس ۾، اڇن پرن سان ڪنهن خيراتي پروگرام ۾ گل ورهائي رهيو آهي. هن پنهنجي ڊگهين ڄنگهن ڏي نهاريو “ڇا واقعي به اهو سچ آهي ته منهنجي چمڙي اهڙي نفيس آهي؟” هن حيرت مان سوچيو ۽ هڪ دفعي ته هن پنهنجي هٿ جي ڪارائيءَ کان ويندي ٺونٺ تائين ۽ ٺونٺ کان ٿيندي بغل تائين پاڻ پنهنجي جسم کي چميو.
هڪ ڀيري کيس برجري ڏانهن ويندي هڪ حيرت سان مُکاميلو ٿيو. برجري هڪ چاقوءَ سان هڪڙو ڪاراڻ مائل مٽي جهڙو ناسي ٽڪرو ڪپڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ٻنهي همراهن جو گذريل ڏهاڪو کن ڏهاڙن کان هڪٻئي سان ملڻ جلڻ ڪونه ٿيو هو. بنا ڪنهن گرم جوشيءَ جي هڪٻئي سان هٿ ملايائون.
“هيءَ شيءِ ڏس” بارلياڪ چيو “اها هشيش اٿئي، اسين اها هنن سُلفين ۾ ڀرينداسين، ان ۾ ڪجهه تماڪ به پوندو. وڏو مزو اٿئي هن شيءِ ۾، اصل ڪمال جي شيءِ آهي! تو لاءِ به ونڊ آهي” هن وڌيڪ چيو.
“جي نه… مهرباني” ليوسين چيو “مون کي ضروت ناهي”
ٻئي همراهه وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا ۽ پوءِ ٻوٿ بڇڙو ڪري مٿس زور ڀريائون “تون ته صفا چرٻٽ آهين، تون تصور به نٿو ڪري سگهين ته هيءَ ڪيڏي نه مزيدار شيءِ آهي.”
“مون توکي چيو نه ته “نه” ليوسين رکائي سان چيو.
بارلياڪ وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهايو ۽ رڳو پنهنجي وڏائيءَ جا تاثر پيدا ڪندڙ انداز ۾ مرڪڻ لڳو. ليوسين ڏٺو ته برجري به مرڪي رهيو هو.
“پر بهرحال مون کي نه کپي” ليوسين چوڻ لڳو “مان پاڻ کي ذليل ۽ خوار خراب نٿو ڪرائڻ چاهيان. مان سمجهان ٿو ته اوهان جو به پنهنجو پاڻ کي ان شيءِ سان چوتيو ٺاهڻ جنوني حرڪت آهي.”
هو چوڻ لاءِ ته جذبات ۾ چئي ويٺو، پر پوءِ جڏهن سوچيائين ته سندس اهڙي جملي تي برجري ڇا محسوس ڪيو هوندو ته کيس ڏاڍي شرمندگي محسوس ٿي. هن بارلياڪ کي پادرن جي ڦيهه ڏيڻ چاهي. سندس اکين جا ڳوڙها وهي آيا.
“تون بورجوا طبقي جو ماڻهو آهين” بارلياڪ ڪلها لوڏيندي چيو “تون هن حوض جو پاڻي پيئڻ ته چاهين ٿو، پر ٻڏڻ کان به ڊڄين ٿو”
“مان نشي جي عادت ۾ پوڻ نٿو چاهيان”
ليوسين نرمي سان چيو “هڪ غلامي به ٻي غلاميءَ جهڙي ئي هوندي آهي مان صاف سٺو رهڻ گهران ٿو.”
“بس هاڻي ٺهيو، سڌو سنئون چئو نه ته ڊڄان ٿو.”
بارلياڪ ڀڙڪندي چيو.
ليوسين ڪاوڙ ۾ ذري گهٽ ٻوٿ وارو چنبو هڻڻ تي هئس جو برجري جو ڳرو آواز ڪن تي پيس. “چارلس… هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي” هن بارلياڪ سان ڳالهايو “هيءُ پنهنجي جاءِ تي سهي آهي، هن جو ان نشي کان هي ڊپ دراصل سندس Disorder جو ئي حصو آهي.”
هو ٻئي صندل تي رهلجي هشيش جي سُلفي سر ڪرڻ ۾ لڳي ويا. سڄو ڪمرو آرمينيائي تماڪ جي سرهاڻ ۾ واسجي ويو.
ليوسين هڪ محفل واري ڳاڙهي مُوڙي تي ويهي چپ چپ کين ڏسڻ لڳو. ڪجهه دير کانپوءِ بارلياڪ ڪنڌ پوئتي لاڙي ڳهريل اکين سان گِهميل گِهميل مرڪ مرڪڻ لڳو.
ليوسين ڏانهس ڏسندي پاڻ کي بي عزتو ٿيندو محسوس ڪيو. نيٺ بارلياڪ اٿي بيٺو ۽ لڏندو لمندو ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. ويندي مهل سندس چپن تي هڪ ننڊاکي طنزيه مرڪ پکڙيل هئي.
“هڪڙي سُلفي ڏيو مون کي به ڀلا”
ليوسين اوچتو ڀڙڪو کاڌو.
برجري کلڻ لڳو.
“تون اها تڪليف نه ڪر” برجري چوڻ لڳو.
“بارلياڪ جي ڳالهين جي ڳڻتي نه ڪر. توکي خبر آهي هن وقت اهو ڇا پيو ٿو ڪري؟”
“مان ڪنهن تي به الزام نٿو ڏيان” ليوسين چيو.
“چڱو چڱو مان پاڻ ٿو توکي ماجرا ٻڌايان، هو ٻاهر الٽي پيو ٿو ڪري” برجري نرم لهجي ۾ چيو. “بس هن تي رڳو اهو اثر پوندو آهي هشيش جو… آئون کيس ڪڏهن ڪڏهن رڳو ان ڪري ٻه ٽي سُوٽا هڻائيندو آهيان جو هو مون کي لئي ڏيکاريندو آهي ۽ مون کي ان تي مزو ايندو آهي.”
بارلياڪ ٻئي ڏينهن لائسي آيو ۽ ليوسين جي آڏو ساڳي ٽرڙائپ ڏيکارڻ لڳو.
“معنيٰ تون پنهنجي هوڏ تان نٿو لهين ايئن نه” بارلياڪ چيو، پر جلدي سمجهي ويو ته ڪنهن سان پيو ڳالهايان.
“تون صفا ٽرڙو ڪڪڙ آهين” ليوسين چيو “ٿي سگهي ٿو ته تون سمجهندو هجين ته مون کي خبر ئي ناهي ته تو ڪالهه باٿ روم ۾ ڇا پئي ڪيو! تو الٽي پئي ڪئي پوڙها ماڻهو” بارلياڪ صفا بر ٿي ويو.
“اها ڳالهه توکي برجري ٻڌائي آهي؟”
“ٻيو نه ته تون ڇا ٿو سمجهين ته ڪنهن؟”
“ٺيڪ آهي” بارلياڪ تپندي چيو.
“پر مون ته سوچيو به ڪونه هو ته ڪو برجري جهڙو ماڻهو پنهنجي لنگوٽين يارن کي ڪنهن رنگروٽ جي آڏو ڏٺو ڪندو.”
ليوسين ٿورڙو پريشان ٿي ويو.
هن برجري سان وچن ڪيو هو ته هو سندس ٻڌايل ڪابه ڳالهه ٻاهر نه ڪڍندو. “ٺيڪ آهي… ٺيڪ آهي…” چوڻ لڳو “هن تنهنجي ڪا گهڻي پئسوري پڌري ڪانه ڪئي”
پر بارلياڪ سندس ڳالهه ٻڌڻ بنا ٻوٿ بڇڙو ڪري موڪلائڻ کانسواءِ سٽاڪ ٻٽاڪ ڪندو ٻاهر نڪري ويو.
ليوسين برجري سان مليو ته اندران اندران ملول ۽ ناخوش هو.
“تو بارلياڪ کي ڇا چيو آهي؟” برجري بي خيالو بڻجندي اڻ ڌرئي انداز ۾ چيو.
ليوسين جواب ڏيڻ بدران ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
پنهنجو من ڳئورو ڳئورو ڀاسڻ لڳس.
اوچتو هن برجري جو هٿ پنهنجي ڳچيءَ تي محسوس ڪيو: ان سان ڪو فرق نٿو پئي. ان قصي کي هر حال ۾ ڪناري تي پهچڻو هو:- مون کي مسخرا گهڻي وقت تائين متاثر نه ڪري سگهندا آهن.
ليوسين کي ساهه ۾ ساهه پيو مرڪندي ڪنڌ مٿي ڪيائين.
“پر آهيان ته آئون به مسخرو” هن اکيون ڇنڀيندي چيو.
“هائو، پر تون ڏاڍو دلفريب ۽ پيارو آهين”
برجري کيس ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪندي چيو.
ليوسين پاڻ کي سندس قريب ٿيڻ ڏنو.
هو پنهنجي اندر ۾ ڪجهه ڪرڻ جهڙي نرملتا محسوس ڪرڻ لڳو ۽ سندس نيڻن ۾ لڙڪ تري آيا. برجري سندس ڳلن تي چميون ڏنيون ۽ ڪن تي هلڪو چڪ پاتائينس ان دوران ڪنهن مهل کيس “منهنجو ننڍڙو بدمعاش” ته ڪنهن وقت “منهنجو ننڍڙو ڀائڙو” ٿي ڪوٺيائين.
۽ ليوسين اها ڪيڏي نه وڻندڙ ڳالهه آهي جو ڪنهن کي اهڙو سمجهدار ۽ وڏو ڀاءُ هجي.
مسٽر ۽ مسز فليوريئر برجري نالي ان همراهه سان ملڻ لاءِ اتاولا پئي ٿيا جنهن جي ڳالهين مان سندن پٽ جو پيٽ ئي نٿي ڀريو. هنن کيس رات واري مانيءَ تي گهرايو. هو سڀني گهر ڀاتين کي وڻيو. ايتري تائين جو هو جرمائين کي به ڏاڍو سٺو لڳو جنهن جو ڪم ئي سڀني مان وِڏون ڪڍڻ هو.
مسٽر فليوريئر برجري جي چاچي جنرل نيزان جو واقف هو جنهن جي باري ۾ برجري گهڻو گهڻو پئي ڳالهايو، هو گڏجي ڪار ذريعي روئن ويا. ليوسين روئن ۾ گرجا گهر ۽ هوٽل De-Ville ڏسڻ پئي چاهيو، پر برجري کيس ٺپ جواب ڏنو.
“هونهه… فضول…” برجري وڏائي مان ڀڻڪيو.
آخر ۾ هنن روديس ڪورڊليئر جي قحبا خاني ۾ ڪجهه ڪلاڪ گذاريا، جتي برجري جي وڏي لئي هئي. اصل همراهه جي بلي بلي لڳي پئي هئي!:- هن ليوسين جي هٿ تي زور ڏيئي آسپاس موجود عورتن کي “نينگريون” چئي پئي ڳالهايو. ڪجهه دير کانپوءِ هو انهن نينگرين مان هڪ سان گڏ اندر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر پنجن منٽن ۾ ئي موٽي آيو. “ڌوڙ وڃي پائي” هو ڀڻڪيو “اهو سڀ ڪجهه بيڪار آهي.”
هو تڙ تڪڙ ۾ حساب ڪتاب چڪتو ڪري واپس موٽيا.
رستي ۾ برجري کيس تفصيل سان ٻڌايو ته اندر ڇا ڇا ٿي گذريو.
…(هلندڙ)…

