ادبخاص

ڪراچي ۾ ڪجهه اعليٰ عملدارن جون بدليون ۽ مقرريون، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ۾ اعليٰ عملدارن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون جنهن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي جي ڪي ڊي اي آصف ميمڻ کي تعليم کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي ايڊيشنل چارج ملي وئي، جڏهن ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ليگل عبدالقدير انصاري کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن لٽريسي ڊرپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي. محمد علي کوسو کي ڊي جي اربن اينڊ اسٽريجڪ پلاننگ ڊولپمنيٽ ڊپارٽمينٽ جي عهدي تان هٽايو ويو، محمد علي کوسو کي  ايم ڊي سنڌ ٽور ازم ڪلچر ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حفيظ رضا شيخ کي ايڊيشنل سيڪريٽري هيومن رائٽس جي عهدي تان هٽائي کيس پروجيڪٽ ڊائريڪٽر انگلش ميڊيم اسڪول مقرر ڪيو ويو آهي.