نئون

سج جي توانائي سان هلڻ واري ڊبل ڊيڪر بس تيار

هانگ ڪانگ ۾ سج جي توانائي سان هلندڙ بس تيار ڪئي وئي آهي. هيءَ بس ٻن ماڙين جي آهي جنهن کي ڊبل ڊيڪر بس چيو ويندو آهي. هيءَ بس ڪولون بس سروس تيار ڪئي آهي. بس جي ڇت تي سلور پينل لڳايا ويا آهن جنهن جي مدد سان اهي بجلي پيدا ڪندا جيڪا بجلي ان بس کي هلائڻ ۾ مدد ڪندي. ان بس ۾ هن سولر بجلي سان بس کي ٿڌو يا گرم به رکي سگهبو. جنهن جي ڪري گرمين ۾ بس اندر موسم 10 ڊگري تائين گهٽ ٿي ويندو.