جرمني، جاپان ۽ اٽلي جا سائنسدان نوبيل کٽيندڙن ۾ شامل
دنيا جو سڀ کان وڏو انعام ڏيندڙ سوئيڊن جي سوئيڊش اڪيڊمي آف نوبيل پرائز سال 2021ع جو طبيعات (فزڪس) جو نوبيل انعام جرمني، جاپان ۽ اٽلي جي سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪمپني گذريل سال به فزڪس جو انعام هڪ عورت سائنسدان سميت ٽن سائنسدانن کي ڏنو هو. نوبيل ڪميٽي جي ويب سائيٽ موجب هن سال جي طبيعات جي نوبيل انعام جو حصو جاپان جي سائنسدان ڊاڪٽر سيوڪورو منابي ۽ جرمني جي ڊاڪٽر ڪلاس هسلمين. جڏهن ته ٻيو حصو اٽلي جي سائنسدان ڊاڪٽر جارجيو پريسي کي ڏنو ويندو. ڪميٽي ٽنهي ماهرن جي خدمتن جو اعتراف ڪندي لکيو ته هنن جي ڪوششن سبب ماحولياتي گدلاڻ ۽ ان جي انساني جسم ۽ زندگي تي اثرن جا معاملا حل ٿيا.

