يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شين جي قيمتن ۾ ٻيهر واڌ
يوٽيلٽي اسٽورن تي هڪ دفعو ٻيهر مختلف شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب يوٽيلٽي اسٽورن تي هڪ ڪلو چانهه جي پتي 100 کان 200 رپيا مهانگي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٻارن جو 500 گرام کير جو دٻو 60 رپيا ۽ هڪ ڪلو ڪپڙن ڌوئڻ جو پائوڊر 10 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي. سرڪاري اسٽورن تي ڪافي جي 100 گرام جار جي قيمت 50 رپين تائين وڌائي وئي آهي. اهڙي طرح هڪ ڪلو ڪسٽرڊ جي 300 گرام جو پيڪٽ 5 رپيا، ڪارن فلور 300 گرام 20 رپيا، 250 گرام ماکي 95 رپين تائين مهانگي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو گوجرانوالا ۽ ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي قيمت 120 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. يوٽيلٽي اسٽورز جي ترجمان چيو ته اسٽورن تي کنڊ، دال، اٽو ۽ گيهه سميت 5 اهم شين تي سبسڊي ڏني پئي وڃي.

