شاعري | # فيبروي 2022
وائي
محمد علي پٺاڻ
سارُنِ جون وِيرُون،
ذھن ڪناري تي ڦٿڪن ٿيون..
جهيرَ ڏينِ ٿيون توءِ نه ھوندي، ھُٻڪارَنِ ھِيرُون،
سارُنِ جون وِيرُون،
ذھن ڪناري تي ڦٿڪن ٿيون..
وقتُ وڇوڙي ٿِيو ڪاسائي، ساھَنِ کي سِيرُون،
سارُنِ جون وِيرُون،
ذھن ڪناري تي ڦٿڪن ٿيون..
موتَ گهڙيءَ تائين ماتم جون، رڳ رڳ زنجيرون،
سارُنِ جون وِيرُون،
ذھن ڪناري تي ڦٿڪن ٿيون..
***
نظم
تاڙيون
علي اظهار
دنيا ۾
جيتري به خوبصورتي آھي
اسان ان ۾
اڃان به وڌيڪ
اضافو آڻينداسين
پر خوبصورتيءَ جو معيار
اسان جو پنھنجو ھوندو.
اسان توھان جي مزاج کان
چڱيءَ ريت واقف آھيون ان ڪري
توھان جڏھن ڌرتيءَ کي
غلاظتن سان ڀري ڇڏيو
ته پريشان نه ٿئجو
اسان توھان لاءِ
مريخ تي اربين کربين ڊالرن جون
اسڪيمون جوڙي ڇڏيون آهن.
اسين توھان سان پيار ڪريون ٿا
ڇو ته توھان جي ڪري ئي اسان
حڪمران آھيون
اوھان ٻيو ڪجهه به ڪونه آھيو
حڪمران ھجڻ جي ناتي سان
رڳو اسان جي ذميواري آھيو
ان ڪري توھان پنھنجي دماغ کي
گھڻي تڪليف نه ڏيو
سوچڻ وارو ڪم
رڳو اسان جو آھي…
تاڙيون…
***
مُنهنجي شاعرِي پڙهندڙن لاءِ وضاحتَ
نزار قباني
مُترجم: بلقيس ابڙو
مان ڄٽن کي چوان ٿو…
ته مان عورتن جي رهائش گاهن ۾ داخل ٿي چڪو آهيان…
جن کي مان ڪڏهن به نه ڇڏيندُس…
۽ هُو مون کي ٽياسَ تي ٽَنگڻ جي منادِي گُهمائي چڪا آهن
ڇاڪاڻ ته مون پنهنجي محبوبا جي مسئلن تي…
شاعري لکي آهي…
مون ڪڏهن به سوداگري ناهي ڪئي
ٻين وانگر…
مون ڪڏهن به چرسَ جي نشي ۾ ڌُت ٿِي
چوري ناهي ڪئي…
مون ڪڏهن قتل ناهي ڪيو
مُون، طويل ڏينهن ۾، محبت ڪئي آهي…
ڇا مون پاپ ڪيو آهي…!؟
۽ مُورکَ مون کي چون ٿا:
”شاعريءَ ذريعي
مون آسماني حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي…“
ڪنهن پُڇيو:
”مُحبّت
آسمان جي توقيرَ جي توهِينَ آهي…“
آڪاش سان منهنجي گهرِي اُنسيت آهي…
هُو روئَي ٿو…
جَي مان نِيرَ هاريان ٿو…
هُو کِـلَي ٿو،
جي مان ٽهڪَ ڏيان ٿو…
۽ هُن جا ستارا
پنهنجيءَ چمڪَ کي وڌائين ٿا…
جيڪڏهن
ڪنهن ڏينهن مون کي محبّت ٿي وئي،
ته ڇا ٿي پوندو…!؟
جي مُون پنهنجي محبوبا جو نالو ڳايو
ته ديالَ جي وڻ جيان…
هر راڄڌانِيءَ ۾
مان…، هُوءَ… ۽ اهو وڻُ…
سدا پيا ٻُجنهداسِين…
محبّت منهنجَي سڏَ ۾ رهِي آهي…
سمُورن نبين جيان
۽ ٻالڪ پڻي، معصوميت
۽ پوترتا جيان…
مان پنهنجي محبوبا جي موضُوئن تي لکندو رهندُس…
جيستائين مان هن جا سونهري وارَ…
اُڀَ جي سونَ جيان رِجائي نه ڇڏيان…
مان،
ها مان…
اميد ٿو ڪريان…
ته مان نه مَٽبُس…
هڪُ ٻارُ
ستارَن جي ڀِتيُن کي رهڙَي…
جنهن ريت خوش ٿئي ٿو،
عشقَ جي جوهَر ماڻڻ تائين…
منهنجِي سر زمين ۾
اُنَ هوا جو ڪو مَٽُ ناهي…
۽ مان نينهَن جو سودائِي بڻجي ويُس…
هڪ لُغت جيان،
هُنن جي چپن تي مان ازبر ٿِي وَيُس
”الف“…
۽ ”الف ب“ جيان..
***
“گھڙي کن جي ملاقات”
سدر شاھ
ھڪ شام ھئي
توکي ياد ھوندو
ڪويل جي ڪوڪ ٻڌي
ڇرڪ ڀري
پوء ساحل تي
پير رکي چيو ھيئي
جذبن جا محتاج اسين
وقت کي،
ايلاز ڪري اڄ ٿا ڏسون
گھڙي کن جي
ھن ملاقات کي ،
ورھ گذاري اچ ٿا ڏسون
پوء ڇا خبر سج لھي وڃي
۽ تون پاڇو بڻجي ھلي وڃي
تنھنجي ياد ۾ آئون
روئي پوان
اھڙو متان ڪوئي ظلم ٿئي
***
نظم
ماءُ
احمد شاڪر
هيءُ جهان توڙي،
ٻئي جهان جي تخليق جا آثار
تنهنجن قدمن ۾.!
کنڀ مورڙين جا
ڀونئرن جا ڀيرا
خوشيءَ جا سڀ پُراسرار پهلو
جيون جا ناچ گانا
بي معنيٰ بڻجن ٿا
تنهنجي ٻاجهه ۾.!
خوشبو جي کيپ کان
جهرڻن جي موسيقي ۽
تنبُوري جي زبان کان
پُر سُڪون تنهنجي لولي.!
هيءَ دعويٰ حقيقت ناهي
خدا جي مالڪي،
انسانن تي آهي.!
ڏهه مهينا،
ڀڃ، ڊاهه جا ڀنڊار
توئي ڀوڳيا.!
تنهنجي مالڪيءَ جي دعويٰ
هن ڌرتيءَ جي گولي کان
وزنائتي آهي.!
***
غزل
اياز لطيف دايو
توکي دانهن ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو آهي،
تو سان سور سلڻ جو ڪهڙو فائدو آهي.
تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڪيئي ويڇا آهن،
تو سان يار ملڻ جو ڪهڙو فائدو آهي.
تنهنجي نيڻن ۾ پاڪ پويتر باکون هن،
ڪنهن ٻئي پار وڃڻ جو ڪهڙو فائدو آهي.
تون احسان فراموشي ۾ يڪتا آهين،
توکي هر بار چوڻ جو ڪهڙو فائدو آهي.
رات سڄي تنهنجي من ۾ ڪا مير ڏسان ٿو،
تو وٽ رات اچڻ جو ڪهڙو فائدو آهي.
بس منهنجي ٻولي سنڌي ٻولي آهه اياز،
ٻي ٻوليءَ ۾ لکڻ جو ڪهڙو فائدو آهي.
***
نثري نظم
پنڊ پھڻ
گلزار احمد درس
ان رات جڏهن تون منهنجي خواب ۾ آئينءَ
انھي رات ھڪ مصور مري ويو ھو نه ته شاندار پورٽريٽ ٺھي پئي ھا
ان صبح جڏهن تون مرڪي رھي هئين
ريل ۾ چڙھندڙ ھڪ تو ڏانھن ڏسندي
پليٽ فارم تي رھجي ويو
انھي ڏينهن جنهن ڏينهن تو شاعريءَ تي تنقيد پئي ڪئي
تڏهن ھڪ شاعر خودڪشي ڪري رھيو ھو
ان شام تون جڏھن آرس موڙي آرسي ۾ ڏسي رھي هئين
ته سج جلدي لھڻ جي جستجو ڪرڻ لڳو
مصور جو موت
رھجي ويل مسافر
شاعر جي خودڪشي
سج جو جلدي لھڻ
تو سان ان ڪري لاڳاپيل رھيا جو
تون انهن لاءِ ڪائنات آھين
جڏهن ڪائنات ھلندي آهي ته سڀ ڪجهه ھلندو آهي
جڏهن ڪائنات ھڪ جاءِ بيھي ٿي ته سڀ ڪجھ بيھي وڃي ٿو
ان ڏينهن توتي نظم لکندي آئون رنو ڇو هئس
ان ڳالھ تي سمنڊ ۾ طوفان اٿي پيو آهي
سمنڊ، مصور، شاعر توتي سوچي پنڊ پھڻ ڇو بڻيا هئا
اھو تون پنهنجي اکين کان پڇي ڏس
***
غزل
ڪمال امر ھنڱورجو
وچڙي تنهنجي وارن ۾ سلجھي ڪونه سگھياسين پوءِ،
ارپيو جيڪو پيار ھيو تو ڀلجي ڪونه سگھياسين پوءِ.
جڏھن به تنھنجي وارن ۾ گذريون ھيون ڪي راتيون پرين،
وقت ھو ڏاڍو رلايو، پر رلجي ڪونه سگھياسين پوءِ.
ھا وقت وري آ ڪيڏو ٿيو تو ڇو ته ملڻ جي ڪو نه ڪئي،
موقعا ملڻ جا ڪيئي مليا بس ملجي ڪونه سگھاسين پوءِ.
ڪي ته واپاري آيا ھيا ھن دل کي خريدڻ لاءِ سڄڻ،
وڏي هئي قيمت يار لڳي اسان وڪجي ڪونه سگھياسين پوءِ.
ڪنهن زلف ڏنا ھيا قيمت ۾ پر وقت ھو سودو ڪونه ٺاھيو،
مقدر جي آ ڳالھ ڪمال پاڻ وٺجي ڪونه سگھياسين پوءِ.
***
غزل
خيال کتري
سوڙھ ڇو سنڌ لئه ٿو رکين ساھ ۾،
دين ايمان کـــــي ٿو ڪُھين ساھ ۾.
ساٿ ڏيو غير کي ٿو سگهارو ڪرين،
خوش ٿيو تون وري پيو مچين ساھ ۾.
دوست ٿو تون رکين يار سگريٽ کي،
زھر آلودگي ٿو ڀرين ساھ ۾.
سنڌ جي ٿو جڏھن ڳالهه چپ مان ڪڍين،
يار مون کي وڻي ۽ رھين ساھ ۾.
رب کي وقت ان ۾ ڪيڏو ٿو وڻين،
ہي زبانن کي ٿو جڏهن ڍڪين ساھ ۾.
معاملا ٿي پيا دل جا پيدا گهڻا،
پيو اڃان بي ته مکڙو مٽين ساھ ۾.
ڪيترا سنڌ سان يار ھاڃا ٿيا،
ڌيان کتري نٿو ڪو ڌرين ساھ ۾.
***
غزل
عبدالستار کوسو
توبن دل کي ٽوڪ تڪي ٿي،
گلشن کي ڄڻ سوڪ تڪي ٿي.
لکيو نانءُ جڏهن ڀي تنھنجو،
ڪاغذ کي ڇو نوڪ تڪي ٿي.
سج وھامي ويا ڪيين سنڌ تي،
زنجيرن جي طوق تڪي ٿي.
انگ اگھاڙا ڍڪ تون سانيڻ،
بدنيتي بد ذوق تڪي ٿي.
اوسيئڙن جا چاھ ڪسن پيا،
توکي ڪھڙي روڪ تڪي ٿي.
***

