خاص

عمران خان جي جاءِ تي ڪنهن شريف انسان کي وزيراعظم بڻائينداسين: آصف زرداري

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم کي ڪڍڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ هاڻ ڪنهن شريف انسان کي عمران خان جي جاءِ تي وزيراعظم آڻينداسين. اسلام آباد ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پنهنجي دشمنن ۽ پيار ڪندڙن کي به سڃاڻان ٿو، عمران خان کي گهر موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته اسان عوام جي غريبي ۽ ڏکيائين کي ختم ڪنداسين، مهانگائي ختم ڪنداسين ۽ عوام کي سڪون فراهم ڪنداسين.