شڪارپور جو مٺو پاڻي زهريلو ڪيئن بڻيو؟ نسيم بخاري
شڪارپور شهر جي چوڌاري گندي پاڻيءَ لاءِ ٺهرايل ڪچا تلاءَ مناسب سارسنڀال نه لهڻ جي ڪري انساني صحت جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا پيا اچن. انهن جو جڏهن پاڻ گهمي جائزو ورتوسين ته درگاهن، قبرستانن ۽ انساني آبادين ۽ ذرخيز زمينن وٽ قائم انهن ڪچين کڏن ڀرسان بيهڻ به برداشت نه پئي ٿيو. اهڙي ته خطرناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ بدبوءِ پئي آئي جو ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. حاجاڻا روڊ وارين کڏن وٽ پهتاسين ته جيئي شاھ پير لڳ نلڪن جو پاڻي ايئن پئي نڪتو ڄڻ ته صَرف جي جَهڳُ نڪري رهي آهي ۽ گڏوگڏ بدبوءِ جا ڦوهارا وسائي پئي. هتي شڪارپور جو پهريون ۽ اوائلي دائودپوٽن وارو قبرستان به آهي ۽ سيدن جون قبرون به آهن جڏهن ته عام ماڻهن جون پڻ ڪيتريون ئي قبرون موجود آهن.
شاهي باغ لڳ بيگاري روڊ وارين ڪچين کڏن وٽ پهتاسين ته ان جي ويجهڙ ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي اسٽيڊيم، ڪامپليڪس ۽ شاهي باغ جهڙا عوامي ميڙاڪن ۽ تفريح وارا ماڳ موجود هئا. شاهي باغ جي تاريخي حيثيت آهي اهڙي تاريخي باغ جي ويجهو انتظامي بي ڌيانيءَ جو شڪار ڪني پاڻيءَ وارين ڪچين کڏن پنهنجي سيڪ ۽ سم سان شهر جي آباديءَ کي ڪيترو نقصان رسايو آهي يا مستقبل ۾ اڃان وڌيڪ ڪيترو نقصان رسائينديون سو اندازو پاڻ ڪري سگهون ٿا. ڳڙهي ياسين موڙ کان ايندي باءِ پاس روڊ تي موجوده مال پڙيءَ ڀرسان ڪچين کڏن به بدبوءِ سان آڌر ڀاءُ ڪيو، جتي ميونسپل شڪارپور وارا اڪثر گند به ڦٽو ڪن ٿا. اهڙو ئي حال زرخيل روڊ لڳ شهيد ملنگ شاھ بابا درگاھ ڀرسان ڪچين کڏن ۾ مستقل بيٺل گندي پاڻيءَ سبب هو. انتظامي لاپرواهيءَ جي ڪري بدترين بدبوءَ سان گڏوگڏ سم ۽ سيڪ جو اثر خود درگاھ جي مسجد ۽ مزار تي به پيو آهي جيڪي سيڪجي ويون آهن ۽ درگاھ جي ميدان ۾ بيٺل وڻ به سڪڻ شروع ٿي ويا آهن ڪيترا وڻ ته سڪي به ويا آهن.
پاڪستان کان اڳ يا پاڪستان کانپوءِ شڪارپور مٺي پاڻي ۽ صحت افزا ماحول لاءِ مشهور هو. جنهن جاِ مکيه ٻه سبب هئا پهريون ڊرينيج جو بهترين نظام، جنهن تحت شهر جي نالين جو گندو پاڻي شهر کان پري غيرآباد علائقن ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو هو. انهيءَ ڪري بيٺل گندو پاڻي صحت جي لاءِ هاڃيڪار نه هو نه ئي سم سيڪ جو شهري آبادي تي اثر پئي پيو نه وري جر پئي خراب ٿيو.
ٻيا هئا شهر جي چوڌاري وڏي تعداد ۾ باغ جن صحت افزا ماحول پئي پيدا ڪيو ۽ شهر جي آسپاس ۾ ساريالي فصل لاءِ بيهندڙ پاڻي ۽ شهري آباديءَ درميان بفرزون جو ڪردار ادا پئي ڪيو.
شهري آبادي لڳو لڳ (شڪارپور-لاڙڪاڻو باءِ پاس اوريان ۽ داون شاهه ريلوي اسٽيشن لڳ) توڙي بيگاري روڊ تي شاهي باغ ڀرسان حاجاڻا روڊ ۽ زرخيل روڊ تي شهر جي چوڌاري ڪچا تلاءَ ٺاهي انهن کي ٽريٽمينٽ پلانٽن جو نالو ته ڏنو ويو آهي، شهر جي وڌندڙ آباديءَ سبب پاڻي جو ججهي مقدار ۾ استعمال ۽ آسپاس ۾ ساريالي پوک ۽ گندي پاڻيءَ جي مستقل بيهڻ سبب خطرناڪ صورتحال تي پهچي ويل ٺهيل ڪچن تلائنَ سِمَ ۽ سيڪ جو سبب پيدا ڪيو، جنهنڪري سرڪيولر روڊ جي ويجهو هيٺانهين وارن تقريبن 15-20 پاڙن جي جَرَ جو پاڻي خراب ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته ڪچن تلائن جي بدترين صورتحال سبب جيڪو سيڪ پيدا ٿئي ٿو اهو شروع ته چند فٽن کان ٿئي ٿو، پر اهو وڌي ميلن تائين پکڙجي وڃي ٿو. ان ڪري ان جي دائري ۾ ايندڙ سموري علائقي جو پاڻي خراب ٿي وڃي ٿو.
چون ٿا ته ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ اسڪارپ ٽيوب ويلن جي شروعات سبب گهڻو بچاءُ ٿيو نه ته اڄ شڪارپور ۾ جيڪو ڪجھ بچيو آهي اهو مٺو پاڻي ئي نه هجي ها، پر جيڪو بچيل پاڻي آهي سو به ڏينهون ڏينهن انساني صحت لاءِ هاڃيڪار ٿيندو پيو وڃي.
زرخيل روڊ وارا تلاءَ درگاهه سيد شهيد ملنگ بابا جي مسجد، مدرسي ۽ مزار لڳو لڳ، حاجاڻا روڊ وارا تلاءَ جيئي شاهه جي اوائلي ۽ تاريخي قبرستان (شڪارپور جي بانين دائودپوٽن جو قبرستان) جي لڳو لڳ ٺهيل آهن. ان ڪري مسجدون، مزارون ۽ قبرن سان گڏ پيئڻ جو پاڻي تباهه ٿي رهيو آهي. باءِ پاس وارو تلاءُ ڪاروباري مرڪز ۽ رهائشي علائقي ۾ بدلجي ويو آهي. شهر جي وڌندڙ آباديءَ سبب ڪچين آبادين ۽ رهائشي ڪالونين ۾ اضافي سبب ڪجهه سالن اندر سمورا ڪچا تلاءَ شهري آباديءَ جو حصو ٿي ويندا ۽ انهن ڪچن تلائن مان پيدا ٿيندڙ سِمَ ۽ سيڪ باقي بچيل علائقن ۽ شهر جي چوڌاري جَرَ جو پاڻي خراب ڪرڻ سان گڏ مڇرن ۽ ٻين خطرناڪ جيتن سبب ماڻهن جي صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
مستقل ۽ مفيد حل خاطر ضروري آهي ته ڪچن تلائن کي آر سي سي پڪو ڪيو وڃي ۽ صحت جي اصولن مطابق ضروري ڪم ڪرايا وڃن. انهن ۾ ضروري دوائون ۽ ڪيميڪل وڌا وڃن. گڏوگڏ مسلسل صفائيءَ جو پڻ ڌيان رکيو وڃي يا وري کيرٿر بئراج ۽ سم شاخن جيڪي شهر جي چوڌاري آهن ۽ ڪرن ڀرسان پاڻ ۾ گڏجن ٿيون انهن جي وچ واري خالي ايراضيءَ ۾ ميگا سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ ٺاهيو وڃي شهر جو گندو پاڻي تلائن بدران سڌو سم شاخن ۾ لاٿو وڃي سم شاخن ڀرسان اڳواٽ ئي پائيپ پڻ وڌل آهن سم شاخن ۾ وهندڙ پاڻي ابتدا ۾ ڪچن تلائن وارو ڪم ئي ڪندو هو اهڙيءَ طرح ڪچن تلائن جي سم سيڪ ۽ صحت جي نقصانن کان بچاءُ سان گڏوگڏ گهڻن تلائن جي ڀيٽ ۾ خرچن ۾ به گهٽتائي ايندي انتظاميه لاءِ سهولت به پيدا ٿيندي. شڪارپور واسين توڙي سندن ايندڙ نسل لاءِ صاف پاڻي به ممڪن بڻجي سگهندو جنهن جي ڪري سندن صحت به محفوظ رهي سگهندي. شهر ۾ جتي جتي مٺو پاڻي گمان ڪيو ويٺا آهيون حقيقت ۾ اهو ذائقي جي حساب سان ڀل ته مٺو لڳندو هجي، پر ويجهڙ ۾ ٿيل ليبارٽرين جي چڪاس کانپوءِ اهو انڪشاف تلخ حقيقت جيان نڪري نروار ٿيو آهي ته اهو پاڻي به صحت لاءِ وڏو هاڃيڪار آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته هاڻ اڪثر شهري منرل واٽر پيئڻ تي مجبور آهن، پر ڇاڪاڻ ته اهو پيئڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي ان ڪري اڪثريتي ماڻهو اڄ به عام سادو نلڪي جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. هڪڙي آفيسر سان ڪچهري دوران معلوم ٿيو ته هو به مسلسل منرل واٽر پيئڻ کان قاصر آهي، ڇو ته مسئلو پئسن جو نه آهي، پر مسئلو ضرورت وقت ويجهڙ ۾ منرل واٽر جي دستيابيءَ جو آهي. ان ڪري هن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن اُڃ هن کان برداشت نه پئي ٿي. ان ڪري هن منرل واٽر تي دارومدار رکڻ بدران عام ۽ سادي پاڻي تي گذارو ڪرڻ کي ئي ترجيح ڏيڻ شروع ڪري ڏني آهي.
صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻيءَ جي واهپي جي ڪري گڙدن جي بيماري توڙي ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون عام ٿي پيون آهن، شڪارپور جا گهڻا ماڻهو ڊائلاسز تي هلي رهيا آهن، ڪيترا حياتيون وڃائي چڪا آهن ۽ جيڪي بچي ويا آهن ۽ عارضي ۾ مبتلا آهن اهي جيئڻ کان مرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
سو ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته شڪارپور جي صحت جي لاءِ هاڃيڪار پاڻيءَ مان ڇوٽڪاري جا ترجيحي بنيادن تي دڳ رستا ڳوليا وڃن ڪٿي ائين نه ٿئي جو پاڻي مٿي کان چڙهي وڃي. شڪارپور جي هڪ شهري ۽ رٽائرڊ پي ٽي سي ايل آفيسر وزير علي ابڙو پهريان ته واسطيدار اختيارين اڳيان احتجاج ۽ درخواستون ڪيون ليڪن ڪوبه نتيجو نه نڪرڻ جي صورت ۾ لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ عبدالرحمان ڀٽو معرفت شهيد ملنگ بابا جي درگاھ کي زهريلي پاڻيءَ سبب پهتل نقصان کي آڏو رکندي پٽيشن داخل ڪئي آهي جنهن ۾ ظاهري طور حوالو ته درگاھ جو ڪتب آندو ويو آهي، پر حقيقت ۾ نمائندگي سڄي شڪارپور شهر جي ڪئي آهي. 2020ع کان اهو ڪيس هلندو پيو اچي جنهن ۾ ڊي سي، ايس سي، انجنيئر پبلڪ هيلٿ ۽ سنڌ سرڪار کي ڌر بڻايو ويو آهي ان ڪيس جون هن وقت تائين ٿيل شنوائين جو کڙ تيل اهو نڪتو آهي ته فقط اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عدالت ۾ پنهنجو جواب داخل ڪرايو آهي. ان صورتحال مان ڪيس جي وڌيڪ اڳڀرائيءَ جو خود اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
نامياري قانوندان شهاب اوستو جو چوڻ آهي ته شڪارپور جو پاڻي ڊرينيج جي پاڻيءَ واهن ۽ شاخن ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب خراب ٿيو آهي. اسان ان ڏس ۾ ڪوششون وٺي سپريم ڪورٽ ۾ شڪارپور سميت سڄي سنڌ جو ڪيس کڻي وياسين جنهن جي حڪم تي هڪ خصوصي ڪميشن ٺهي، جنهن معرفت ٽريٽمينٽ پلانٽ ٺهرايا جتي 3-4 ڏينهن گندو پاڻي گڏ ڪري رکڻو هو جنهن سان ٿئي ايئن ها جو غلاظت وارو پاڻي ڌرتيءَ ۾ جزب ٿئي ها ۽ صاف ٿي ويل پاڻي وري زرعي مقصدن جي لاءِ ڇڏيو وڃي ها. هاڻي جيڪڏهن انهن ٽريٽمينٽ پلانٽن جي مناسب سار سنڀار نٿي ٿئي ته ڇا ڪجي؟ انهن جي سارسنڀال جي لاءِ پورو هڪ ڊپارٽمينٽ قائم ڪيل آهي ان حوالي سان شهرين کي سجاڳ ٿي پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اڳ شهر ننڍو هو آبادي گهٽ هئي هاڻ تيز رفتاريءَ سان وڌندڙ آبادين جي ڪري شهر پري پري تائين وڌي ويو آهي ان ڪري ٽريٽمينٽ پلانٽ شهر جي ويجهو ٿي ويا آهن يا شهر جو حصو ٿي ويا آهن. وڌندڙ آباديءَ جي تناظر ۾ گهربل اپاءَ وٺڻ جن جي ذميواري آهي سي پنهنجو فرض نه ٿا نڀائن نه ئي وري انهن کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ وارو آهي نه ئي وري انهن تي ڪو گهربل ڪردار جي ادائگيءَ جي حوالي سان دٻاءُ وجهي رهيو آهي ان ڪري صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي بڻجي وئي آهي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شڪارپور سميت سنڌ جي 80 سيڪڙو پيئڻ جي صاف پاڻي جي آلوده ٿي وڃڻ جي پسمنظر ۾ سنڌ واٽر ڪميشن جڙيو هو، جيڪو بعد ۾ ختم ڪري معاملا سنڌ سرڪار حوالي ڪيا ويا. ڪميشن جي سفارش ۾ چيو ويو هو ته شڪارپور سميت سڄي سنڌ ۾ ساڍا ٽي سئو واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون ٺهنديون. واٽر فلٽريشن پلانٽ بحال ٿيندا. سنڌو درياءَ ۽ مٺي پاڻيءَ جي ندين ۾ لڳ ڀڳ جيڪي 6 سئو مختلف هنڌن وٽان غلاظت واري پاڻيءَ جا ڇوڙ ٿين پيا، تن جي رستا روڪ ڪئي ويندي. 2 هزار آر او پلانٽ هڻڻا هئا. اهو به طئي ٿيو ڪيو ويو ته سنڌ واٽر ڪميشن جون سفارشون رول تصور ڪيون وينديون، جيڪي پنهنجي پسمنظر ۾ قانون سمجهيون وينديون، پر اڳتي هلي انهن سفارشن جي رول هئڻ واري حيثيت ختم ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ سنڌ جي زهريلي ٿي ويل پاڻيءَ واري صورتحال بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ دستاويزي فلم ڏيکارڻ جي حوالي سان بندوبست ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو ۽ چيو هو ته ان جي روشني ۾ چونڊيل نمائنده پنهنجي ووٽرن جون زندگيون بچائڻ لاءِ گهربل ڪردار ادا ڪن، پر ٿيو ڇا؟ تنهن جي وضاحت جي ڪا ضرورت نه آهي، ڇو ته حقيقت عوام آڏو چِٽي ۽ پڌري ٿي چڪي آهي. شڪارپور ۾ سياسي حوالي سان جماعت اسلامي جر جي پاڻي خراب ٿي وڃڻ خلاف پنجن مرحلن ۾ هڪ مهم هلائي چڪي آهي، جنهن ۾ پهريان شهر اندر عوامي سجاڳيءَ لاءِ پنج هزار هينڊ بل ورهايا ويا. لکيدر چوڪ تي ڪئمپ لڳائي وئي. پريس ڪلب شڪارپور ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. شهرين کان دستخط به ورتا ويا ۽ شڪارپور جي ٻن وارڊن واڳوڻو در ۽ ڳڙهي ياسين موڙ ۾ ڪارنر گڏجاڻيون به ڪوٺايون ويون. شڪارپور شهر جي امير عبدالسميع ڀٽيءَ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٺهيل ٽريٽمينٽ پلانٽ ڏانهن انتظاميا جي بي حس رويي خلاف جماعت اسلامي اعليٰ عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿيڻ تي توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جيڪو جلد عمل ۾ ايندو.
جر جي پاڻي زهريلي ٿيڻ خلاف شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين جي هڪ ميڙاڪي ڪوٺائيندڙ شهري آغا شمشاد پٺاڻ جو چوڻ آهي ته ميگا ڊرينيج پراجيڪٽ ٽُٽي وڃڻ ۽ ان جي لاڳيتو صفائي نه ٿيڻ يا روزانو جي بنياد تي پاڻيءَ جي نيڪال نه ٿيڻ، شهر جي مٺي پاڻي کي وڏو هاڃو رسايو آهي. ايڊووڪيٽ علي اصغر پهوڙ جو چوڻ آهي ته شڪارپور ڊي سي آفيس، ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۽ تاريخي هاءِ اسڪول ون سميت اڄ جي جديد دور ۾ هن وقت تائين شهر جي اهم انتظامي ادارن کي ڊرينيج ئي ميسر نه ٿي سگهي آهي. ان کان وڌيڪ ڏک جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ضلعي ۾ 53 ۽ سٽيءَ ۾ 13 اسڪارپ جا ٽيوب ويل هئا، جيڪي جڏهن مسلسل هلندا هئا ته ان جو ڪافي مثبت اثر پوندو هو. هاڻي شهر ۾ جيڪي ٻه ٽي اسڪارپ جا ٽيوب ويل هلن ٿا، تن جي سارسنڀال ۽ لاڳاپيل خرچ شهري پنهنجي کيسي مان ڀرين ٿا.
شاعر زبير سومرو جو خيال آهي ته ڊرينيج سان جر جي پاڻي ملي وڃڻ ڪري ان ۾ سنکيو پيدا ٿيو آهي، جنهنڪري ڪنهن دور ۾ انساني صحت لاءِ تمام مفيد سمجهيو ويندڙ شڪارپور جو مٺو پاڻي هاڻي انسانن لاءِ خطرناڪ بڻجي ويو آهي. بد انتظامي صورتحال کي ويتر خراب بڻائي ڇڏيو آهي. ڏک اهو آهي ته شڪارپور جي شهرين لاءِ موت ۽ زندگيءَ واري اهميت حاصل ڪري ويل هن اهم مسئلي تي مستقل مزاجيءَ سان ڪا ڀرپور سگهاري ۽ نتيجا ڏيندڙ عوامي جدوجهد نه پئي ڪئي وڃي. محقق مهدي شاهه جو چوڻ آهي ته ميگا ڊرينيج پراجيڪٽ واري نالي ۾ ترو هنيو ئي نه ويو آهي نه وري ان جي ڪڏهن صفائي ٿي آهي نه ئي وري صفائيءَ واري ايجنڊا انتظاميا جي ترجيح بڻجي سگهي آهي. ظاهر آهي شهر جي وچ ۽ چوگرد ڊرينيج ميگا پراجيڪٽ واري نالي ۾ مسلسل غلاظت وارو پاڻي بيٺو هوندو ته اهو نقصان ته ڏيندو نه؟
انجنيئر وجاهت حسين مهر 26 اپريل کان 02 مئي 1995ع واري جنگ اخبار جي مڊ ويڪ رسالي ۾ شڪارپور جي جر جي پاڻي خراب ٿيڻ جي پسمنظر ۾ لکيو هو ته شڪارپور ۾ پاڻي خراب ٿيڻ جي شروعات مسندپور واڳوڻي در کان ٿي آهي جنهن جي جيڪڏهن روڪٿام نه ٿي ته سڄي شڪارپور جو پاڻي خراب ٿي ويندو. ساڳئي ليکڪ 05 ڊسمبر 1998ع جي روزاني هلال پاڪستان ۾ لکيو هو ته ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته زماني جي حساب سان شهر شڪارپور اڳي کان به وڌيڪ ترقي ڪري ها، پر ان جي ابتڙ ڪيئي سال پوئتي هليو ويو آهي. شڪارپور جي چئوطرف خاص ڪري اولھ طرف سم جو پاڻي پکڙيل آهي اڳ سم جو پاڻي هر سال اونهاري جي موسم ۾ ٻاڦ بڻجي سڪي ويندو هو ۽ زير زمين پاڻيءَ کي به نقصان نه پهچائيندو هو ۽ هاڻي انهيءَ ڪري پاڻي سڪي نه رهيو آهي جو سڄي شهر جي پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپالٽيءَ جو پاڻي پنهنجيOxidation Pond ۾ پوڻ کان اڳ سڄو پاڻي سم ۾ ڪري رهيو آهي. جنهنڪري سم جي کڏي ۾ هڪ ته سم جو پنهنجو پاڻي، برسات جو پاڻي ۽ پبلڪ هيلٿ توڙي ميونسپالٽيءَ جي گندي پاڻي ۽ شهر جو گند ڪچرو(Solid Waste) به سم ۾ پوي ٿو ته پوءِ سم ۾ تباهي ئي ايندي جيڪا اچي چڪي آهي.
انجنيئر وجاهت حسين مهر لوڪ پچار جي نومبر، ڊسمبر 2013ع جي شماري ۾ لکيو هو ته شڪارپور اهو شهر هو جنهن جي چئني طرفن کان گهاٽا باغ هئا اهي باغ پلاننگ ڪري لڳايا ويا هئا ته جيئن ٻاهران ايندڙ طوفان، مٽي ۽ هوا شهر ۾ هڪدم داخل نه ٿئي، پر صاف شفاف هوا شهر کي مهيا ٿئي. شڪارپور شهر جي ترقيءَ جي تاريخ جو هڪ اهڃاڻ شهر جي اتر اولھ پاسي قائم مين پمپنگ اسٽيشن عيدگاھ آهي، جنهن جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته شهر جي پاڻيءَ واري اسٽيشن شهر جي ترقيءَ ۾ خاصي ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته هڪڙيون لائينون زير زمين هيون ته ڪي بلڪل لڪل رهنديون هيون شهر جي ماحولياتي ترقيءَ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهبو ته اڳ عام رستن ۽ روڊن تي ميونسپالٽيءَ طرفان ڇڻڪار ڪيا ويندا هئا، بازارون ڌوتيون وينديون هيون ۽ ايمرجنسيءَ خاطر هر هنڌ نل لڳل هوندا هئا جنهن جا نشان اڄ به شاهدي ڏين ٿا.
پر حقيقتون جيڪي حال احوال ڪن ٿيون سي انجنيئر وجاهت حسين مهر جي نشاندهين جي بلڪل به ابتڙ آهن.
محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو سمجهي ٿو ته کوهن ۽ اسڪارپ جي ٽيوب ويلن جي بند هئڻ جي ڪري توڙي فصلن ۾ ناقص ٻج ۽ ڀاڻ پوڻ سان گڏوگڏ سنڌ واھ جي رونقن جي خاتمي يا بيگاري واھ جي سڪڙجي ننڍڙي نالي ۾ تبديل ٿيڻ ڪارڻ به پيئڻ جو صاف پاڻي کارو ۽ زهريلو بڻجي ويو آھي. پراڻي زماني ۾ جيڪو سامان شھر مان نه ملندو هو سو سنڌ واھ تي قائم مستقل بازار مان ميسر ٿي ويندو هو.
اسان وٽ هاڻي سماج دشمن عملن ۽ منصوبن تي عوام ۾ رد عمل جي سگھ ختم ٿي وئي آھي، ان ڪري شڪارپور ڏينهون ڏينهن گهڻ رخين مصيبتن جو ڳڙھ بڻبو پيو وڃي.
شڪارپور جڏهن ضلعو بڻيو هو تڏهن ان جي بهتري ۽ خوشحالي جي اميد پيدا ٿي هئي، پر حقيقت ۾ مايوسين کانسواءِ ڪجھ ۾ نه ڏنو آھي. اڳ ميونسپل وارا نالين تي چونو هاريندا هئا ته جيت جڻا مري ويندا هئا، پر هاڻي ميونسپل شھرين لاءِ نه رڳو آزار پر وڏي مصيبت ثابت ٿي آھي.
ليکڪ امتياز منگي جو چوڻ آهي ته سِم ۽ ڪلر سبب مٺي پاڻيءَ ۾ پيدا ٿي ويل سنکيو سلو پوائزن آهي، جيڪو آهستي آهستي انساني جسم ۾ لهي ان کي ڀوران ڀور ڪري ڇڏي ٿو. ابتدا ۾ ئي کاري ۽ زهريلي پاڻي جي روڪٿام ايوانن ۾ ويٺل ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪن ها ته اڄ صورتحال سنگين ۽ خطرناڪ رُخ اختيار نه ڪري چڪي هجي ها.
ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي اڳوڻي چيف ميونسپل آفيسر ۽ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر لالا عبدالقادر خان پٺاڻ جا ويچار اهي آھن ته باغ وڍجي ويا ڪچين آبادين جي نالي ۾ جيڪا پلاٽنگ ڪئي وئي ان ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جو سرشتو نه رکيو ويو، کڏون کوٽائي مسئلي جو حل ڪڍيو ويو، شهر ۾ جيڪي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ کڏا هئا سي قبضا مافيا جي نه رڳو ور چڙھي ويا، پر رشوت جي مهربانين سان انهن جا کاتا به ٺھي ويا. اڳ ميونسپل ۾ جهڙو تهڙو ٽائون پلاننگ جو شعبو هوندو هو جيڪو هاڻ عملي طور تي فوت ٿي چڪو آھي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاران لڳرايل 65 اسڪارپ واپڊا جا ٽيوب ويل ڪم نٿا ڪن، ٽيوب ويلن وارا پلاٽن جا ٽڪرا به قبضي ٿي ويا آھن. ميونسپل جي جنريٽرن ۽ موٽرن مناسب سارسنڀال نه هئڻ ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. اڄ به سم شاخون بحال ٿين ۽ گندي پاڻي کي مناسب نيڪال ملي وڃي ته مستقبل جي امڪاني نقصانن کان بچي سگهجي ٿو.
ميونسپل جي اڳوڻي سي ايم او پير عبدالستار سرهندي ٻڌائي ٿو ته هاڻي به جيڪڏهن نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ساکائتن ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن ۽ چونڊيل نمائندا حساس ۽ ذميوار شهرين جيان صورتحال جي سنگيني کي سامهون رکندي ثابت قدمي سان پنهنجا فرض نڀائڻ شروع ڪن ته مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي. زراعت کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر شفيع محمد لاڙڪ ٻڌائي ٿو ته موجوده ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ شهر جي چپي چپي تي آر او پلانٽ لڳرائي شهرين جون زندگيون بچايون وڃن. ان کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ۽ چاڙهو ئي نه آهي.
شڪارپور سان تعلق رکندڙ چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ حيدرآباد صابر شيخ جو موقف اهو آھي ته صورتحال جي سنگيني جا ذميوار اسين شھري پاڻ آھيون، هڪ طرف قدرتي برساتن ۾ زبردست حد تائين گهٽتائي آئي آھي ته ٻئي طرف گهرن جي موٽرن جي ذريعي پاڻي جي وڏي پئماني تي غير ضروري استعمال توڙي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ مسئلا پيدا ڪيا آھن، زمين جو فلٽر خراب ٿي ويو آهي، جيڪو خراب ٿيڻ کانپوءِ ٺھندو نه آهي ۽ ان کي قدرت ئي ٺيڪ ڪري سگهي ٿي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته امير طبقو توڙي ڪامورا ڪڙا، سياستدان، پير، مير، وڏيرا چونڊيل نمائندا توڙي وزير مشير يا سندن خاندان ته منرل واٽر واپرائين ٿا، پر انهن جا مٽ مائٽ عزيز قريب به ته ڪي اهڙا هوندا جيڪي منرل واٽر واپرائي نه سگهندا هوندا. جيڪڏهن عام ماڻهوءَ تي وسوارن کي ڪا ڪهل نه ٿي اچي ته پنهنجن مٽن مائٽن جي صدقي ئي شڪارپور جي صحت لاءِ سازگار پاڻيءَ جي فراهمي کي يقيني بڻائين، ان ڪم ۾ جيترو ترت سنجيده ڪردار ادا ڪيو ويندو اوترو ڀلو ٿيندو نه ته جيڪو اڄ نقصان ٿي رهيو آهي سو شايد سڀاڻي وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان ٿيڻ لڳي. حيرت انهيءَ ڳالهه تي به آهي ته سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل واٽر ڪميشن جي طئي ڪيل اصولن ۽ ڏنل هدايتن جي شڪارپور ۾ انتهائي بي خوفيءَ سان ڀڃ ڪڙي ٿيندي آئي آهي، جنهن جي پبلڪ هيلٿ سميت ڪنهن به اداري کي ڪا پرواهه ئي نه آهي ۽ نه ئي وري اهڙين سنگين خلاف ورزين خلاف هنن سٽن لکجڻ تائين ڪنهن ڌر توهين عدالت جي درخواست داخل ڪندي اعليٰ عدليه جو در کڙڪايو آهي.
نالي واري قانوندان شهاب اوستي هڪ باشعور فرد جي حيثيت ۾ پنهنجي شهر ۽ پنهنجي ديس جي دانهن بڻجي اڳڀرائي ته ڪئي، پر هاڻي هن سميت شڪارپور جي سمورن باشعور فردن توڙي سڄاڻ ڌرين کي موجوده صورتحال جي پسمنظر ۾ به اڳڀرائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اهو شهرين جي زندگين ۽ وجودن جي بقا وارو سوال آهي. هتي اهو به ويچار ڪرڻو پوندو ته برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ اڳ جيڪي کڏون هونديون هيون، تن مان اڪثر تي جيڪو قبضو ٿي ويو آهي يا شهر جي روڊن سان لاڳاپيل نالين مٿان جيڪي حد دخليون ٿي ويون آهن، تن جو ازالو ڪيئن ڪجي؟ گڏوگڏ اڳ جيڪا شڪارپور شهر ۾ انڊر گرائونڊ ڊرينيج هوندي هئي، تنهن کي به استعمال هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي.
شهر جي چوڌاري جيڪي تلاءُ هئا، سي اڪثر قبضن جي گهيري ۾ آهن يا اتي وڃي ميونسپل وارا شهر جو گند اڇلائين ٿا، جنهنڪري بدبوءِ ۽ بيماريون پکڙجن ٿيون. انهن تلائن کي جنهن مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو، تن مقصدن جي حاصلات کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي يا وري شهر کان ٻاهر غير آباديءَ واري علائقي ۾ هڪ وڏو ٽريٽمينٽ پلانٽ بڻايو وڃي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان شهر ۽ شهرين کي بچائي سگهجي.
هتي اها وضاحت ڪرڻ به ضروري آهي ته رڳو شهر شڪارپور جو ئي جر خراب نه ٿيو آهي، پر شڪارپور جي تعلقن، ڀرپاسي وارن ڳوٺن توڙي ٻين اهم علائقن ۽ شهرن جو به پاڻي زهريلو بڻجي ويو آهي. شڪارپور سميت سنڌ جي پيئڻ واري پاڻي جي صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي، پر جانور به اهو پاڻي پيئن ٿا ته بيمار ٿي پون ٿا.
پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ چوڏهن سالن واري حڪومت ۾ پارٽيءَ جي منشور موجب خلق کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ته جيڪو مليو سو مليو، پر عوام زندگيءَ جي جياپي لاءِ سڀ کان اهم حيثيت واري پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ٿي ويو آهي. پاڻي زندگي جي علامت آهي. ماڻهو بک ته برداشت ڪري سگهندو آهي، پر اڃ تي رهي نه سگهندو آهي. ان ڪري بنيادي انساني حقن جي اها گهرج هر صورت ۾ پوري ڪرڻ رياست ۽ سياست جي منهندارن جي ذميواري آهي، جنهن جي ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ پڻ ضمانت ڏنل آهي.
هاڻي جڏهن سياسي ۽ اقتداري حوالي سان نئين پاڪستان تبديلي سرڪار کان جان ڇڏائي پنهنجي پراڻن دڳ رستن تي موٽ ڪئي آهي ته ڏسڻو اهو آهي ته پراڻي پاڪستان جي سياسي ۽ اقتداري افق جي ڌڻين وٽ شڪارپور ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ زندگيءَ ۽ موت جي اهميت اختيار ڪري ويل پيئڻ جي صاف پاڻيءَ واري ايجنڊا تي ڪيتري ايمانداري، ثابت قدمي ۽ سچائيءَ سان ٿي اڳ ڀرائي ٿئي؟
هتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته موجوده صورتحال ۾ جيڪا بهتري جي ضرورت آهي سا ته ضرور ٿيڻ گهرجي، پر شڪارپور جي پاڻيءَ سان سياست ۽ رياست جا منهندار جيڪو پاڻي ڪندا آيا آهن، تن جي به ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي. ڇو ته انهن جي اها غفلت تاريخ، سماج ۽ قانون جو وڏو ڏوهه آهي ۽ هر ڏوهه جي جيئن سزا طئي ٿيل آهي، ايئن ئي شڪارپور سميت سنڌ جي بدترين پاڻي صورتحال جي ذميوارين کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن وري ڪٿي ڪنهن ٻئي کي اهڙي جرم ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿئي.
***

