سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط وقت جي ضرورت
انسان جڏهن ٻارڙي جي روپ ۾ پهريون ڀيرو هن ڌرتيءَ تي اکيون کولي ٿو ته سندس سڀ کان پهرين سڃاڻپ ماءُ سان ٿئي ٿي ۽ هُو سڀ کان پهريون اثر يا سبق ماءُ کان ئي وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي هُو پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان بهتر نموني جنهن ٻوليءَ ۾ پنهنجن جذبن، احساسن ۽ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو، اُها هُن جي ماءُ جي ٻولي هجي ٿي. انهيءَ ڪري سڄي دنيا ۾ بهتر تعليم جو واحد ذريعو مادري زبان کي ئي سمجهيو وڃي ٿو.
21 فيبروري سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين (زبانن) جو عالمي ڏينهن (International Mother language day (IMLD) طور ملهايو وڃي ٿو. اقوام متحدہ جي ھڪ ٺھراءُ جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ماءُ جي ٻوليءَ جي حق کي تسليم ڪندي اهو مڃيو ويو ته ٻارن لاءِ تعليم، ذهني اوسر، اظهار ۽ رابطي جو بهتر ذريعو ماءُ جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻي ٻولي ٿي نٿي سگهي ۽ اھڙي ريت 21 فيبروري تي ھر انسان جي لاءِ اُن جي ماءُ جي ٻوليءَ جي بنيادي حق کي تسليم ڪيو ويو. 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏيڻ جي پويان هڪ وڏي تاريخ ۽ جدوجهد جو پسمنظر موجود آهي. اچو ته ٿورڙو ان بابت ڄاڻي پوءِ مضمون جي ٻين پهلوئن کي بحث هيٺ آڻيون.
19 مارچ 1948ع تي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح اردو کي پاڪستان جي واحد قومي ٻولي قرار ڏنو. 21 مارچ 1948ع تي هن ڊاڪا ۾ چيو ته بنگال (ايسٽ پاڪستان) جا سياسي نمائندا بنگالي ٻولي کي ڀلي سرڪاري(Official) ٻولي قرار ڏين، پر قومي ٻولي اردو ئي رهندي. حالانڪه ان وقت پوري ويسٽ پاڪستان (جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جا صوبا شامل هئا) جي ڪل آبادي بنگال (ايسٽ پاڪستان) کان گهٽ هئي. ان فيصلي ۾ حيرت جي ڳالهه اها به هئي ته اردو جنهن کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو اُھا پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي زبان نه هئي، بلڪه هندستان جي صوبي يو پي ۽ بهار ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي هئي. جڏهن ته ويسٽ پاڪستان جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان آيا ٿي انهن جي مادري زبان ترتيبوار پنجابي، سنڌي، پشتو ۽ بلوچي هئي ۽ ايسٽ پاڪستان (بنگال) جي مادري زبان بنگالي هئي.
ڌريندر ناٿ دتا اهو پهريون ماڻهو هو جنهن 23 فيبروري 1948ع ۾ آئيني اسيمبلي آڏو اِهو مطالبو رکيو ته ٺيڪ آهي اردو کي ڀلي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏني وڃي، پر ان سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي به اُهو ئي درجو ڏنو وڃي. پر پاڪستاني سرڪار بنگالين جي ان جائز مطالبي کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. 21 فيبروري 1952 ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن جن کي عام عوام جي به حمايت حاصل هئي. سرڪار جي ان ناجائز فيصلي خلاف مظاهرا ڪيا. پوليس ان پر امن ريلي تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ عبدالله برڪت، شفيع الرحمان، رفيق الدين احمد، عبدالسلام، عبدالجبار ۽ ٻيا گولين جو کاڄ ٿي ويا ۽ سوين شاگرد زخمي ٿيا. هن واقعي کي رپورٽ ڪندڙ صحافين مان ڪن جو رايو هو ته مري ويلن جو تعداد ويهن کان به مٿي هو. سڄي دنيا ۾ مادري ٻوليءَ جي مڃتا لاءِ هيِ پهريون مظاهرو هو، جنهن ۾ انيڪ بنگالين پنهنجي حياتي ارپي. ڍاڪا ۾ ان واقعي جي ياد ۾ ٻوليءَ جي شهيدن لاءِ يادگار شهيد مينار کڙو ڪيو ويو ۽ هِن ڏينهن (21 فيبروري) کي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ قومي ڏينهن جو درجو ڏنو ويو.
اوڀر بنگال ۾ بنگالي ٻولي، قومي ٻولي لاءِ هليل جدوجهد ۽ بنگالين ۾ غير يقيني، بيچيني ۽ مستقبل ۾ ڪنهن خطرناڪ قسم جي واقعي يا رو داد جنم وٺڻ جي نتيجي کي ذهن ۾ رکندي 21 سيپٽمبر 1954 ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ اردو سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي بنائڻ جي قرار داد منظور ڪئي وئي ۽ اڳتي هلي پاڪستان جي 1956 جي آئين ۾ به بنگالي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. 1958 ۾ فوجي آمر ايوب خان ملڪ ۾ مارشلا لڳائي ۽ هن 6 جنوري 1959 ۾ 1956 واري آئين ۾ بنگالي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري آرٽيڪل کي ختم ڪندي فقط اردو ٻوليءَ کي ئي پاڪستان جي واحد قومي ٻولي قرار ڏنو. پاڻ واري ملڪ ۾ نه صرف آمرن صوبن جي ٻولين سان زيادتي ڪئي بلڪه عوام جي چونڊيل نمائندن به وسان ڪونه گهٽايو. ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل حڪومت جي ٺاهيل 1973 جي آئين ۾ به صوبن جي ٻولين سان ساڳيو ستم روا رکندي فقط اردو کي ملڪ جي واحد قومي ٻولي قرار ڏنو ويو. هي ته ٿيو اسان جي ملڪ ۾ ڌرتي ڌڻين جي ٻولين سان ويڌن جو منظر نامون (قصو)، پر دنيا جي عالمي ضمير کي ان انياءُ جي مذمت ڪندي انصاف ڪرڻ کان ڀلا ڪير ٿي روڪي سگهيو؟
09 جنوري 1998 تي بنگلاديش جي شهرين رفيق اسلام ۽ عبدالسلام اُن وقت جي اقوام متحده(UNO) جي سيڪريٽري جنرل اوٿانٽ کي هڪ خط لکي دنيا جي ٻولين کي بچائڻ لاءِ 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ڏينهن تي بنگالين پنهنجي ٻوليءَ لاءِ جان جو نذرانو ڏنو ھو. اُنهن جي تجويز کي اُن وقت جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد مان ڏيندي بنگلاديش جي پارليامينٽ مان به اهڙو ريزوليشن پاس ڪرائي يونيسڪو کي اماڻيو. نيٺ 17 نومبر 1999 تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ ان ريزوليشن (ٺهراءُ) کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪندي 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو. نه صرف اهو پر 21 فيبروري 1952 تي ٻولي لاءِ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو. ڀلي کڻي 17 نومبر 1999 تي يونيسڪو (اقوام متحده) جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ مادري ٻوليءَ جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو، پر منهنجي نظر ۾ مادري ٻولي جي ڏينهن جي اهميت اڄ کان به لکها سال اڳ اُن ڏينهن کان آهي جڏهن پهرئين انسان هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو، بلڪه آئون اڃان به ايئن چوندس ته اھا شروعات ته ان ڏينهن کان ئي ٿي وڃي ٿي، جڏهن ٻارڙو ڪُک ۾ پنهنجي جيجل ماءُ جي کنيل قدمن ۽ سواسن جي رڌم کي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. هڪ ٻار جي ڪل ڪائنات جي پهرين پَٽي ماءُ جي ٻولي ئي آهي.
هي ته ٿيو مادري ٻولين جي حوالي کان اهميت ۽ جدوجهد جو پسمنظر، پر فقط مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهائڻ سان ته ٻولين کي بچائي نٿو سگهجي. پاڻ جيڪڏهن ٻولين جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هن ڌرتيءَ تي انسان اشارن جي ٻولي کي ڇڏي، جڏھن زبان سان ٻولي (ڳالهائڻ) جو استعمال شروع ڪيو، ته ان زماني کان وٺي هيل تائين چون ٿا ته تقريبن 31000 کان مٿي ٻوليون انسان استعمال ۾ آنديون آھن. وقت، حالتن، ماحول، سماجي اوسر ۽ قدرن ۾ تبديلي سان گڏ جتي ٻولين ۾ نوان لفظ، محاورا ۽ گهاڙيٽا آيا، اُتي ڪجهه ٻوليون اُنهن تبديلين سان نه ٺهڪڻ جي ڪري فنا ٿي ويون، يا انهن ٻين ٻولين سان ملي ماحول ۽ حالتن جي مناسبت سان پاڻ ۾ تبديلي آڻي نيون شڪليون به اختيار ڪيون، جيئن اردو ٻولي جو مثال اسان جي اڳيان آهي، جيڪا ھندي، عربي ۽ فارسي ٻولي جي آميزش (کچڻي) آھي. پراڻي دور کان وٺي هن دور تائين حالتن ۽ سماج جي اوسر، تبديلي ۽ ترقي سان مناسبت نه رکندي 31000 ٻولين مان تقريبن 23000 ٻوليون فنا ٿي ويون ۽ باقي بچيل 8 هزار ٻولين مان به مروجه ٻولين جو تعداد صرف 270 وڃي بچيو آهي، جن مان به 121 ٻوليون ڳالهائيندڙن جو تعداد 10000 کان به گهٽ آهي. هيڏي ساري هندستان ۾ به رجسٽرڊ ٻولين جو تعداد فقط 22 آهي. جڏهن ته باقي ٻوليون ٿورن ماڻهن ۽ قبيلن ۾ موجود هئڻ سبب آخري پساهه کڻي رهيون آهن. وري وٺون ٿا اسان جي پاڪستان کي، ته ان ۾ به نادرن ايرياز ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي باديشي (Badeshi)، حيدرآباد ۽ ڪنري جي آسپاس ڳالهائي ويندڙ ٻولي اير (Aer)، ڪوهستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي گوورو(Gowro) ۽ گلگت ۽ هنزا جي آسپاس ڳالهائي ويندڙ ٻولي ڌوماڪي(Dhomaaki) به پنهنجي خاتمي (فنا) تي پهچي رهي آهي.
دنيا ۾ سائنس جي ترقي ۽ خاص طور تي ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ ماس ڪميونيڪيشن جي مروج ٿيڻ سان جيئن پوءِ تيئن ڌرتيءَ تي موجود انسانن جي وچ ۾ فاصلو گهٽبو وڃي ۽ جيئن جيئن دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿيڻ ڏانهن وڌي رهي آهي، تيئن تيئن گهڻيون ٻوليون به سڪڙنديون (سسنديون) سگهارين ٻولين جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندي گم ٿي رهيون آهن. هن وقت جيڪا به ٻولي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جون ضرورتون پوريون ڪري نٿي سگهي ۽ ان جو اثر قبوليندي ۽ ان جي ٽرمينالاجي کي پاڻ ۾ ضم ڪري عام فهم نٿي بڻائي سگهي، اُها پنهنجو وجود وڃائي ويهندي، پوءِ ڀلي اُن جو ادبي، علمي ۽ فني خزانو ۽ ماضي شاندار ڇو نه هجي. هڪ اندازو آهي ته هن وقت دنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ 8 هزار ٻولين مان هن صدي جي آخر تائين انهن ٻولين جو 40 سيڪڙو ختم ٿي ويندو. پر منهنجي خيال ۾ جنهن رفتار سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (هاڻي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور به اچي ويو آهي) دنيا کي تبديل ڪري رهي آهي، اُن حساب سان ڪي چند ٻوليون ئي قائم رھنديون ۽ باقي تمام ٻوليون ان طوفان جي سٽ سهي نه سگهنديون ۽ هِن صدي جي آخر تائين فنا ٿي وينديون. ڪجھ ٻولي جي ماھرن جو اھو به خيال آھي ته اُھي ٻوليون جيڪي سائنسي ترقي، مضبوط معاشي نظام ۽ جديد تعليمي سرشتي سان جُڙيل آھن اُھي زنده رھنديون، جڏھن ته باقي تمام ٻوليون ايندڙ صدي ۾ وجود نه کندي تاريخ جي پنن ۾ محفوظ ٿي وينديون. اُھي 10 ٻوليون جيڪي ان مقابلي ۾ طاقتور ٿي پنهنجو وجود مڃائي رهيون آهن، جن کي ڪو خطرو ڪونهي ۽ زنده (برقرار) رهنديون، انهن ۾ انگريزي، اسپينش، چيني، روسي، جاپاني، عربي، جرمن، فرينچ، پورچيگيزي ۽ هندي/اردو ٻوليون شامل آهن، پر انهن ڏهن ٻولين ۾ به سواءِ انگريزيءَ جي باقي 9 سگهاريون ٻوليون به هر وقت انھي خوف ۾ رهن ٿيون ته ڪٿي انگريزي ٻولي جيڪا دنيا ۾ تمام تيزيءَ سان ڦهلجي رهي آهي، انهن ٻولين کي سندن ئي ڌرتيءَ تان پاڙئون پٽي نيڪالي نه ڏيئي ڇڏي. اسپينش ٻولي دنيا ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻيو نمبر وڏي ٻولي آهي ۽ اها توڙي جو تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي ۾ به مالا مال آهي، پر پوءِ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ٽرمينالاجي ۽ گهاڙيٽن کي سست رفتاري سان قبول ڪرڻ سبب عدم تحفظ جو شڪار آهي، ته پوءِ اسان ڪھڙي باغ جي موري آھيون؟
مٿيان انگ اکر ٻڌائين ٿا ته جن ٻولين جو وجود خطري هيٺ آهي، اُنهن ۾ پنهنجي سنڌي ٻولي به اچي وڃي ٿي. اسين ڀلي اِهو راڳ آلاپيندا وتون ته هيءَ قلندر جي نگري آهي جنهن کي لهر نه ڪو لوڏو، پر ٿيندو اُهو جيڪو زميني حقيقتن موجب هوندو. جي اسان جي ماضي واري سنڌ جنهن جون وسيع سرحدون هيون اُهي سُسي ننڍيون ٿي سگهن ٿيون ته اسان جي ٻولي کي خطرو ڇو نٿو ٿي سگهي؟ پري ڇو ٿا وڃو، موهن جي دڙي جو ئي مثال وٺو، ان ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، اها اڄ ڪٿي آهي؟ ۽ گهٽ ۾ گهٽ اها هيءَ ٻولي ته ناهي جيڪا اسان هِن وقت ڳالهايون ٿا، ۽ ٻي ڳالهه ته اسان هِن وقت تائين پنهنجي ٻولي لاءِ ڪهڙا وڏا تير هنيا آهن ۽ ان جي تحفظ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن جو چئي سگهون ته اسان جي ٻولي فنا ٿيڻ کان بچي ويندي!؟ دنيا جون ڪافي ٻوليون جيڪي علم ادب ۾ اسان کان شاهوڪار آهن ۽ جن جي ڳالهائيندڙن وٽ ڪافي وسيلا به آهن، جي اُهي به هن دور جي تقاضائن ۽ ضرورتن سان هم آهنگ نٿيون ٿي سگهن ته پوءِ ڀلا اسان جي ٻولي جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ رڳو ماضيءَ جي دور ۾ موهن جي دڙي جي ثقافتي ورثي جهڙي عظمت هئڻ ٻولي بچائڻ لاءِ ڪافي ته ناهي. جي اسان کي پنهنجي ٻولي بچائڻي آھي ته ان لاءِ اسان کي تياري به جديد بنيادن تي ڪرڻي پوندي.
هڪ ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جا ڪيل فيصلا غلط هئا جن جو ڪيتو اسان هن وقت به لوڙهيون پيا. انگريز حڪومت جي دور ۾ 1853 ڌاري جڏهن ان وقت جي انگريز ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي ٻوليءَ جي اسڪرپٽ (رسم الخط يا لپي) لاءِ ڪاميٽي ٺاهي هئي، اُها جي سنڌي ٻولي لاءِ رومن (لئٽن) رسم الخط تجويز ڪري ها ته اڄ اسان کي هي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها. اُها ڪاميٽي جنهن ۾ 6 هندو ۽ 6 مسلمان ميمبر هئا، جنهن ۾ هندن جو سنڌي ٻولي لاءِ ديو ناگري رسم الخط رائج ڪرڻ تي زور هو ۽ مسلمانن جو وري عربي رسم الخط تي. بس پوءِ ٿيو ائين جو ٿورين گهڻين ترميمن سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ فارسي زده عربي(Persio Arabic) رسم الخط تجويز ڪيو ويو.
خير اهو زمانو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو سست رفتاري وارو زمانو هو ۽ اڃان ماس ڪميونيڪيشن جا ذريعا به ايترا عام نه ٿيا هئا. جيئن جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترقي ڪندي وئي ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پنهنجو ڄار وڇائيندو ويو ته دنيا به سُسندي سوڙهي ٿيندي وئي. فاصلا گهٽجندا ۽ رابطا وڌندا ويا. هاڻي نئين ٺهندڙ دنيا ۾ ماڻهن جون ترجيحات به بدلجنديون ويون. جڏهن دنيا جي جديد علمن جي ڄاڻ جو پورائو اسان جون کوڙ ساريون ترقي يافته ٻوليون به ڪري ڪونه ٿي سگهيون ته سنڌي ٻولي ڇا ڪري سگهي ٿي؟ نئين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ ۽ جديد علم ۽ ادب انگريزي ۾ ئي ميسر هو. انهيءَ ڪري اسان جي ماڻهن لاءِ انگريزي پڙهڻ کانسواءِ علم جي حاصلات اڻپوري محسوس ٿيڻ لڳي.
…(هلندڙ)…


