بلاگ

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سنڌ جو ناميارو محقق ۽ نقاد

(حصو ٻيون)
هتي ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي لکيل اِنهيءَ شخصيت بابت جنهن نموني مراد ورتي وئي آهي ته جنهن مان هڪ عالم، اديب ۽ شاعر جي حالات، علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي بيان ڪيو ويو آهي. تن مان دين جي ٻين بزرگ هستين تي به قلم کنيو ويو آهي. مذڪوره شخصيت جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي متعارف ڪرائڻ جي مقصد کي مدنظر رکيو وڃي ته ان جو مقصد سنڌ جي ويجهي ماضي جي علمي شخصيتن جي ادبي خدمتن کي نمايان ڪري بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن جي ياد باقي رهي. اهڙي تحقيق ۾ ڊاڪٽر حامد علي، حاجي نظر محمد ديهاتي جي علمي، ادبي ڪارنامن کي ساراهيندي سندس تصنيفن 1. مجموعه نظم ديهاتي، 2. انوار الاحمديه في حالات المشائخ النقشبديه، 3. احسن التقرير في جواب التحرير 4. دارالمنظوم في تذڪرت المخدوم، 5. رساله ابتدا سلوڪ جو مختصر تعارف پيش ڪيو آهي ۽ ان جي سوانح ۽ اولاد بابت ٻڌايو آهي ته: ”مولوي صاحب کي خداوند تعاليٰ ٻه فرزند مولوي غلام حسين ۽ مولوي ميان نور احمد عطا ڪيا. اهي ٻئي بزرگ پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي، علمي ۽ ديني خدمت ڪندا رهن ٿا.“ (خانائي: 2006ع، ص، 216)
هن وقت مولوي صاحب جا ٻئي فرزند به وفات ڪري چڪا آهن ۽ ديني فيض سندن پويان جاري رکيون پيا اچن. تحقيق ۾ صحتمند قدر ئي ترقي ڏانهن گامزن ڪندا آهن. ادبي دنيا ۾ سياسي، سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي آگاهي لاءِ ڪنهن به ادبي شخصيت جي زندگي جي دور ۾ ان جي علائقي جي متعلق اهم معلومات ڏني ويندي آهي ۽ مولوي نظر محمد ديهاتي ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي وڏڙن جا پاڻ ۾ علمي، ادبي علائقائي ۽ ڀائپي وارا تعلقات هئا ان نسبت سان به ته هي ٻئي ننڍڙا شهر خانواهڻ ۽ ديهات، ساهتي پرڳڻي جي تعلقي ڪنڍياري ۽ محرابپور تعلقي جي نَو لکي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هڪٻئي کان ٽن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهن. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي ڪتاب ”مقالات خانائي“ ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معروف مختلف شخصيتن تي ويهه مقالا لکيا. انهن مقالن کي بشير احمد هيسباڻي ترتيب ڏئي 2006ع ۾ ڇپرايو آهي. هن سموري تحقيق ۾ ويهن اهم شخصيتن جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڪارنامن کي متعارف ڪرايو ويو آهي. سموري تحقيق مان جيڪي نتيجا آڏو آيا آهن تن کي هيٺ بيان ڪريون ٿا.
قريشي حامد علي خانائي هڪ محقق جي حيثيت ۾ تحقيق ۾ جيڪو بنيادي خاڪو ٺاهيو ويو آهي، اهو ڪتاب جي فهرست مان معلوم ڪري سگهجي ٿو. پيش لفظ کانپوءِ مهاڳ ۽ پوءِ شخصيتن جي احوال ۾ بيان ڪيل ڳالهين کي اڳ ۾ پيش ڪيل ڳالهين سان ملائي انهيءَ روشنيءَ ۾ اڀياس پيش ڪيو ويو آهي ۽ جتي ڪا کوٽ محسوس ڪئي اٿس ان جاءِ تي نشاندهي ڪئي وئي آهي. مثال طور: شيخ هوٿي لاکي بابت لکي ٿو ته: ”سنڌ جي ڪنهن به مورخ ۽ تذڪره نگار سندس آباءُ واجداد جي باري ۾ ڪوبه تفصيل سان احوال نه ڏنو آهي. البته سندس ڪماليت ۽ بزرگيءَ جي باري ۾ ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ ڪرامتون ۽ روايتون بيان ٿيل ملن ٿيون. شيخ هوٿيءَ جو سڀ کان پهريائين سيد عبدالقادر رضوي نصرپوريءَ جي تاليف ”حديقته الاولياءَ سنڌ“ (سن 1016ھ/1607ع) ۾ تذڪرو ملي ٿو.“ (خانائي: 2006ع، ص، 15)
جائزو:
ڪنهن به ڳالهه کي غير ضروري ڊيگھ ڏيڻ خامين جي ذمري ۾ ايندو آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي کي گهرجي ها ته وڌ ۾ وڌ حقيقي مفهوم کي مختصر لفظن ۾ چٽو ڪري ها ۽ غير ضروري اختصار کان به پنهنجي تحقيق کي بچائي ها ۽ غير ضروري تفصيل ڏيڻ کان به پاسو ڪيو وڃي ها، اهي تحقيق ۾ عيب هوندا آهن. ڊاڪٽر حامد علي خانائي کي گهرجي ها ته پنهنجي مواد ۾ اهم نقطن کي موزون ۽ اعتدال پسنديءَ سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ته اڃان به ڪي پهلو رهجي به نه وڃن ها ۽ ڪوبه غير اهم پهلو شامل نه ٿي سگهي ها ۽ آخر ۾ هُو پنهنجي طرفان ڪي اضافي پهلو اجاگر ڪري پيش ڪري ها ۽ رڳو ٻين جي حوالن کان پاسو ڪيو وڃي ها. مثال طور: مخدوم جعفر بوبڪائي جي شخصيت جي علمي ڪارنامن کي بيان ڪرڻ وقت رڳو، عربي ۽ فارسيءَ جي شعرن جي هڻ مار ڪري ڏني آهي، سندس موضوع جو مقصد سنڌي زبان کي اجاگر ڪرڻو آهي، پر مخدوم جعفر بوبڪائي جي ادبي ڪارنامن سنڌي زبان وارا رخ گهٽ نظر اچن ٿا. اسان سندس هن تحقيق ۾ ٽن اکرن تي ڌيان ڌريون ٿا ته اسان کي تنقيدي جائزي وٺڻ دوران اڀياس مان جيڪا ڳالهه آڏو آئي ته سندس تحقيق ۾ جيڪا سچائي پيش ڪيل آهي تن جي ثبوتن پيش ڪرڻ ۾ يقين ٿئي ٿو ته سندس تحقيق صحيح رخن ۾ هلي ٿي ۽ ٽنهي نقطن يعني سچائي، ثبوت ۽ يقين ۾ جذبو ڏٺو ويو آهي، سندس تحقيق جو بنياد ٽنهي نقطن تي استوار ٿيل آهي، سندس تحقيق مان هڪ سچائي جو ثبوت پيش ڪريون ٿا.
ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو ته: ”محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ (ٽيون ايڊيشن 1990ع، ص 339) ۾ مخدوم جعفر جي والد جو نالو ”مخدوم يعقوب عرف مخدوم ميران“ ڄاڻايو آهي، جو درست نه آهي. مخدوم جي والد جو نالو ”مخدوم عبدالڪريم عرف ميران هو. مخدوم يعقوب سندس ڏاڏو هو.“ (خانائي: 2006ع، ص، 26)
اسان وٽ اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته تحقيق ۾ به خوشامد کان ڪم ورتو ويندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ احترام سان ورتو ويندو آهي ۽ وٺڻ به گهرجي، پر سچائي کي پيش ڪرڻ وقت بهادري ۽ ثبوت گهرجن، اُن لاءِ قريشي حامد علي خانائي ٻاويهن حوالن ۽ فوٽ نوٽس ۾ ڪيترائي ثبوت پيش ڪري، يقين سان پنهنجي تحقيق پيش ڪري ٿو، جنهن جو اعتراف خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب به ڪيو آهي جيڪا ڳالهه هڪ ڪتاب ”ساهتي پرڳڻي جو وِهائُو تارو“ ۾ موجود آهي، سا ڳالهه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مذڪوره ڪتاب جي تاثرات مان معلوم ڪري سگهجي ٿي. جيئن تحقيق وارو ڪم هڪ لڳاتار عمل آهي، انسانن کي انهيءَ معرفت ڪيترن ئي نون واقعن جو علم حاصل ٿيندو رهندو آهي. ڇاڪاڻ جو تحقيق هڪ جاءِ تي بيٺل جامد عمل نه آهي، پر سدائين هر دور ۾ تحرڪ ۾ رهندڙ علم آهي، انهيءَ ذريعي معلومات تبديل ٿيندي رهندي آهي ۽ ڄاڻ ۾ اضافه ٿيندا رهندا آهن ۽ خاص طور تي پراڻا واقعا يا تاريخون اڪثر منجهيل نظر اچن ٿا ۽ تاريخي حقيقتون پردن ۾ لڪل به هونديون آهن. ڊاڪٽر حامد علي خانائي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”مخدوم عبدالڪريم عرف ميران جي باري ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو: ”مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب، معقولي خواھ منقولي علمن جو جامع هو. مرزا شاھ حسن کي به ڪجهه وقت تعليم ڏني هئائين. اڪثر طالب، علم جو نور سندس روشن طبع جي فانوس مان وٺندا هئا. سن 949ھ ۾ گذاري ويو. ”علامه وارث الانبياءِ“ سندس تاريخ آهي. هن جي مزار مڪلي ٽڪري تي آهي.“ انهيءَ بيان ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي وڌيڪ چوي ٿو ته: ”اهڙيءَ طرح، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ٻين ڪتابن جهڙوڪ: ”مقالات الشعراءِ 3. ۽ ”معيارِ سالڪانِ طريقت“ ۾ پڻ مخدوم ميران جو اهو ساڳيو ئي ”تحفته الڪرام“ وارو احوال بيان ڪيو آهي. مير ”قانع“ ٺٽويءَ مخدوم ميران کي ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن ۾ شمار ڪري سندس مدفن مڪلي ٽڪريءَ تي ڄاڻايو آهي. دراصل مخدوم ميران جو تعلق ”ٺٽي“ سان نه بلڪه ”بُوبڪن“ سان هو. مخدوم ميران ديني ۽ فقهي مسئلن جي بحث مباحثي جي سلسلي ۾ ٺٽي جي عالمن ۾ رهندو هو.“ (خانائي: 2006ع، ص، ص، 28، 29)
اهڙيءَ طرح اڄ جو تحقيقي نتيجو سڀاڻي غلط ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ هن عمل جو سلسلو جاري رهڻ ئي قومن لاءِ فائديمند آهي، سچائي جي تلاش ۾ انساني ڪاميابي جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هي آهي ته هر دور ۾ نوان انقلاب ۽ نيون ڳالهيون بحث مباحثي هيٺ روان دوان رهن ته چڱو عمل پيدا ٿيندو رهندو. اسان ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ڪم کي مرڪز بڻائيندي ان ۾ سندس مختصر تحقيقي ڪم جي اسلوب ۽ بيان جو به جائزو ورتو آهي ۽ سندس تحقيقي ڪمن مان جا ڳالهه سامهون آئي آهي ته سندس تحقيق ڏانهن لاڙو ڏاڍو دلچسپ ۽ جذبي سان سرشار نظر اچي ٿو سا ڳالهه اسان کي سندس تحقيق مان معلوم ٿئي ٿي. ٻي سندس تحقيق مان اها به ڳالهه ڏٺي وئي ته جنهن به موضوع تي لکي ٿو ان ۾ موضوع کي توڙ تائين پهچائي ٿو جنهن ۾ عنوان جو نتيجو واضح ٿي بيهي ٿو ۽ تحقيق جو مفهوم ذهن ۾ واضح ٿي بيهي ٿو ۽ مقصد به سمجھ ۾ اچي ٿو ته ڪهڙي نئين ڄاڻ ڏنائين جو اڳ جي ڀيٽ ۾ نئين آهي. هر علمي، ادبي، سماجي ڪم جي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن انسان جو ڪارنامو ۽ انساني ذهن شامل هوندو آهي ۽ ڊاڪٽر حامد علي به انسانن جي عقلي ڪارنامن کي تحقيق ڪري پيش ڪري ٿو. مثال طور: هُن هڪ شخصيت، عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ جي شخصيت فن ۽ فڪر تي قلم فراسائي لاءِ سندس تحريرن کان ويندي زندگيءَ جي احوال ذڪر هيٺ آندو آهي ۽ گهربل مواد جي ڳولا ڪندي لکي ٿو ته: ”بهرحال، عبدالرزاق ”رفعت“ جو هٿ اکر لکيل هڪ ”بياض“ قلمي صورت ۾ سندس لائق پوٽي اڪرام الله ميمڻ کان ميسر ٿيو آهي، جنهن ۾ پڻ سندس ٿورو ڪلام ملي ٿو.“ (خانائي: 2006ع، ص،246)
تنقيدي جائزو:
ان هٿ ڪيل بياض مان ڪي مثال پيش ڪري ٿو. تحقيق جي طالب علم کي ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي مختصر ڪم مان جنهن ڳالهه جي اڃان به ڪمي محسوس ٿي آهي سا هي آهي ته ان پنهنجي دور جي حالات ۽ واقعن کي تمام گهٽ ڇهيو آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق وارو زمانو 1962ع کان 2010ع تائين مشتمل آهي هن عرصي دوران سنڌ جي تاريخ ۽ ادب ۾ ڪافي نواڻ آئي آهي. انهيءَ عرصي جي جملي تحقيق ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي دور جي حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي تحقيق ۾ جاءِ نه ڏني آهي، انهيءَ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو ۽ ڪابه روشني نٿي ملي ته هُو پنهنجي دور جي ادبي حالتن کي ڪيئن ٿو ڏسي ۽ ان جو پنهنجي دور بابت ڇا خيال آهي. هن جي تحقيق مان ادبي بصيرت واري روشني ته نظر اچي ٿي، پر سراسري طور تي هُو پنهنجي دور جي ادبي معاملن تي گهٽ لکي سگهيو آهي، سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي سنڌ جي ادبي دنيا ۾ جيڪا نواڻ آئي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ ڪيتريون ٻاهريون صنفون داخل ٿيون آهن تن ڳالهين کي گهٽ ڇهيو ويو آهي ۽ انهن معاملن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي ان بابت لکيو آهي نه ئي پنهنجي همعصر دور جي عالمن ۽ اديبن جي ڪم کي به متعارف ڪرايو آهي. جڏهن سندس تحقيق جو گهرو مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن سندس تصنيفات يا مقالن جي اڀياس مان اطمينان ٿئي ٿو ته زندگي اڃان اجازت ڏئيس ها ته پنهنجي دور جا ادبي معاملا ضرور نڪري نروار ٿي بيهن ها. ڇاڪاڻ جو هُو پنهنجي دور جو اکين ڏٺو شاهد هو، ان ڪري اهي معاملا تڪليف وارا نه پئي محسوس ٿيا، پر ماضيءَ جي ڌنڌلن عڪسن، روايتن ۽ تاريخن کي درست ڪري پيش ڪرڻ انهن تاريخي واقعن کي سڌارڻ انتهائي مشڪل ڪم هوندو آهي، جنهن لاءِ مواد جي ڳولا ۽ ان جو مطالعو گهڻي کان گهڻو ڪرڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ جو جڏهن ماضي جون غلط روايتون پنهنجون پاڙون پختيون ڪنديون آهن تڏهن انهن کي پٽي ٻاهر اڇلائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ اهي روايتون ماڻهن کان ڏکيون وسرنديون آهن تنهنڪري انهن ڳالهين کي سچائي سان پيش ڪرڻ لاءِ ڪيئي سچايون پيش ڪرڻيون پونديون آهن ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي ايئن ئي ڪندي تحقيق ۾ غلط ڳالهين کي مارڪ ڪري، پراڻن ادبي معاملن ۽ مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ گهڻن ئي احوالن يا ماخذن جي چونڊ ۾ انتهائي خبرداري سان ڪم کي اڳتي وڌائي غلط شين کي درست رخ ڏانهن تحقيقي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اهي ڳالهيون موجوده دور ۾ ڌيان ڇڪرائين ٿيون، ٻئي طرف قريشي حامد علي خانائي جي تحقيق مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته سندس تحقيق ۾ نهايت ئي اهم ۽ ضروري معلومات حاشين ۾ ڏني وئي آهي. سندس تحقيق مان اهو به نظر اچي ٿو ته مواد جي معلومات ڏيڻ وقت هڪ هڪ شيءِ کي ڏسڻ چڪاسڻ ۾ ڏاڍو محتاط نظر اچي ٿو. ڪنهن به ڪتاب جي حوالي يا اقتباس کي نقل ڪرڻ وقت گهڻي کان گهڻو احتياط پسندي جو مظاهرو ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو جنهن محقق جو حوالو کنيو آهي ته ان ۾ احتياط کان ڪم ورتو آهي ۽ جنهن محقق جي اقتباس يا حوالي ڏيڻ ۾ بي احتياطي جو مظاهرو ڪيو ته ايئن سمجهبو ته ان جو تحقيقي ڪم شڪي آهي، هي بنيادي عمل آهي ۽ تحقيق جي پيڙھ انهن شين تي ٻڌل هوندي آهي ۽ تحقيق جي عمارت جو دارو مدار هڪ نقطي تي هوندو آهي، اصل ڪتاب يا مقالي تان جيڪا شيءِ نقل ڪئي ويندي آهي ان جي وڏي اهميت هوندي آهي. جڏهن محقق ڪابه عبارت نقل ڪندو آهي اتان لفظ به لفظ نقل ڪري ٿو، ايتري قدر جو اعراب جو به خيال رکيو ويندو جيئن اصل شيءِ ۾ ڪابه خيانت يا بي احتياطي نظر نه اچي، نه ته اها تحقيق شڪي ٿي پوندي ۽ ايتري قدر جو محقق جي پاران اتاري ويندڙ عبارت ۾ معمولي به واڌارو يا گهٽتائي هڪ سنگين غلطي تصور ڪئي ويندي آهي. هر محقق جڏهن ٻئي جي ڳالهه نقل ڪندو آهي ته انهيءَ کي هميشه ٻٽين واڪ جي نشانين ”…“ ۾ رکي آخر ۾ ان کي واوين (…) ۾ رکندو آهي ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي حاشين ۾ ان جي ڪٿي ڪٿي وضاحت به ڪئي آهي، ان جو هڪ سبب هي به آهي ته اقتباس يا حوالي جي عبارت ڪهڙي ڪتاب ڪهڙي مقالي جي ڪهڙي صفحي تان کنئي وئي آهي ۽ اهو ڪتاب ڪنهن لکيو؟ ڪنهن شايع ڪيو ۽ ڪهڙي جڳھ تان شايع ٿيو. حاشي ۾ هي معلومات درج ڪندي محقق احتياط پسندي سان ڪم ڪيو آهي. حوالي ۽ اقتباس جي لاءِ ماخذ ۾ اها ڳالهه ضروري نه هوندي آهي ته حوالو مضبوط آهي يا نه ان جو تحقيق تي ڪوبه فرق نٿو پوي، محقق لاءِ ان طرح جي ڪابه پابندي نه آهي.
…(هلندڙ)…