خاص

چين پاڪستان کي وڏي مالي سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي

پاڪستان جي مالياتي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائو لي جيان بريفنگ دوران چيو ته چين ۽ پاڪستان سدا بهار سهڪار تي ٻڌل ڀائيوار آهن، اسان گڏيل ترقي ۽ ڏکيائين تي ضابطي لاءِ ڪوششن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رهيا آهيون. هن چيو ته چين پاڪستان جي مالي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به ائين ڪندو رهندو.