خاص

آرمي چيف جو پي ايم اي ڪاڪول ۽ بلوچ ريجمينٽ سينٽر جو الوداعي دورو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۽ بلوچ ريجمينٽ سينٽر جو الوداعي دورو ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪاڪول پهچڻ تي راولپنڊي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي چادر چاڙهي فاتحه پڙهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پي ايم اي ۾ جوانن ۽ آفيسرن کي خطاب ڪندي فوجي ٽريننگ جي حوالي سان پي ايم اي جي اعليٰ معيار ۽ مستقبل لاءِ تيار ڪئي ويندڙ ليڊرشپ جي تياري لاءِ ملٽري اڪيڊمي جي ڪردار کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته ڪيڊٽس پيشوراڻا مهارتون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون توانائيون استعمال ڪن. ان کانپوءِ آرمي چيف بلوچ ريجمنيٽ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن سوڌو جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڏنل بيمثال قربانين تي ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ بلوچ ريجمينٽ پهچڻ تي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس آرمي چيف جو استقبال ڪيو.