18هين جنوريءَ تي رباني صاحب جي ورسيءَ جي مناسبت سان ڀيٽا
غلام رباني آگري جي ڪھاڻين جي رنگ ريکا ۽ ورهاڱي کانپوءِ
جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو شروعاتي دور
غلام رباني آگرو سنڌي ٻوليءَ جو پھريون ڪھاڻيڪار آهي، جنھن پنھنجي ڪھاڻين ذريعي مغرب جي جديد فلسفن کي بحث هيٺ آڻي، سنڌي ٻوليءَ جي ايندڙ پيڙهيءَ جي ڪھاڻيڪارن ۽ پڙهندڙن کي يورپ جي نئين فڪر ۽ فلسفي جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ان ڏس ۾ ڪيترن ئي ٻين ڪھاڻيڪارن به خاص طور تي مارڪسي فڪر تحت بک، غربت ۽ مدي خارج روايتن جي موضوعن تي سماجي حقيقت نگاريءَ جي لاڙي کان متاثر ٿي، ڪھاڻيون لکيون آهن، پر انھن مان اڪثر ڪھاڻيون فقط موضوعاتي سطح تي مارڪسي فڪر جي ترجماني ڪري سگهيون آهن، پر غلام رباني آگري شعوري طور تي، انھن سمورن ڪھاڻيڪارن کان اڳتي قدم وڌائيندي، پنھنجي ڪھاڻين ۾ وجود، ذهن، فنا، بقا، موت ۽ جنس جي موضوع تائين ڦھليل نفسياتي ۽ فلاسافيڪل نوعيت جي سوالن ۽ جوابن کي ڪمال فنڪاريءَ سان اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان لحاظ کان سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو، ” آبِ حيات“، (جنھن ۾ رباني سندس 1953ع کان 1960ع تائين لکيل ڪھاڻيون شامل آهن) سنڌي ڪھاڻيڪاريءَ جي کيتر ۾ منفرد حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. هن مجموعي ۾ شامل اڪثر ڪھاڻيون علامتي انداز ۾ يورپي فلاسافرن جي ڏنل ڪنھن نه ڪنھن فلسفي جي غمازي ڪن ٿيون، جيڪي فئنٽسيءَ ۽ رومانويت واري اسلوب جي باوجود سماجي حقيقت نگاريءَ جي جهلڪ پَسائين ٿيون. رباني صاحب يورپ جي جديد فلسفي کي ڪھاڻيءَ ذريعي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو. سنڌي ڪھاڻيڪاريءَ ۾ ربانيءَ صاحب جي ان نئين روايت بابت ڊاڪٽر غفور ميمڻ چواڻي ته ”ڪھاڻيڪار جديد علمن ۾ نفسيات، منطق ۽ مغربي فلسفي جي لاڙن کان چڱيءَ طرح باخبر آهي. هو زندگيءَ جي مختلف مسئلن کي انھن تي پرکي ٿو.“
مطلب ته غلام رباني صاحب جديد مغربي فلسفي جو ڳوڙهو اڀياس ۽ شعور رکندڙ ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو نه صرف پنھنجي ڪھاڻين ۾ انھن کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سنڌي سماج جي مختلف مسئلن تي انھن جو اطلاق ڪري، انھن مان نوان نتيجا ڪڍي، پڙهندڙ تائين پھچائي به ٿو. ان قسم جي روايت سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ گهٽ ملي ٿي.
مثال طور سندس ڪھاڻي، ”اکڙيون اڃاريون“ ۾ سگمنڊ فرائيڊ جي جنسي جذبن کي دٻائڻ واري نفسيات جي نظرئي جي اُپٽار ٿيل آهي، جنھن ۾ هڪ ڪردار پنھنجي دوست کي هڪ خواب ٻُڌائي ٿو ته ”هن ڪنھن حسينا جي اکِ ۾ چُنھبيارو قلم اڇلي هنيو آهي. سندس دوست ان جو تجزيو ڪندي چوي ٿو ته اهو دٻيل جنسي جذبي جو لاشعوري اظھار آهي. سندس دوست جو اهو تجزيو فرائيڊ جي خوابن واري نظرئي جي ترجماني ڪري ٿو ته خواب ”دٻيل جنسي جذبن ۽ اڻپورين خواهشن جو نتيجو هوندا آهن.“
اهڙيءَ طرح رباني صاحب جي ڪھاڻين، ”ڪريڪ“ ۽ سندس هڪ ٻي ڪھاڻيءَ،”جي مان پُل هجان“ ۾ پڻ هڪ ٻئي يورپي فلاسفر ڊيڪارٽ جي جديد نظرئي،
”مان سوچان ٿو انھيءَ ڪري ئي مان زنده آهيان“ کي فنڪاراڻي انداز سان ڪھاڻيءَ ذريعي سمجهائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي وئي آهي. ساڳيءَ ريت سندس ڪھاڻيءَ ”آبِ حيات“ ۾ وري هائڊيگر جي ان فلسفي جي عڪاسي ٿيل آهي ته ”موت جو تصور انسان ۾ امڪاني طور تي موجود رهي ٿو. جيستائين انسان جيئي ٿو، موت مسلسل ساڻس گڏ رهي ٿو“.
جڏهن ته غلام رباني صاحب جون ڪجهه ڪھاڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ جي رجحان جي عڪاسي به ڪن ٿيون، پر سندس ان قسم جون ڪھاڻيون نه فقط سماج جي ظاهري ۽ ٻاهرين سطح تي صورت گري ڪن ٿيون، پر هو پنھنجي ڪھاڻين ذريعي سماجي براين تان پردو کڻي، انھن جي اصل ڪارڻن ۽ منفي محرڪن جو ڇيد ڪري، سماجي براين جي تھ تائين پھچي، انھن کي جڙ کان اکاڙڻ جي ڪوشش ڪندي به نظر اچي ٿو. ان لحاظ کان سندس ڪھاڻين مان ”شيدو ڌاڙيل“، ”پنَ ٻوڙين پاتال ۾“، ”بري هن ڀنڀور ۾“ ۽ ”اخبار“ جھڙيون ڪھاڻيون شمار ڪري سگهجن ٿيون. انھن ڪھاڻين ۾ فڪري طور تي اها ڳالهه اٿاري وئي آهي ته جاگيرداراڻي سماج ۾ برائيءَ جي اصل جڙ وڏيرڪي سوچ آهي. رباني صاحب ان قسم جي ڪھاڻين ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جاگيرداراڻي سماج ۾ غريب سان ڪھڙو رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو. ان سان سندس زندگيءَ ۾ ڇا ٿو وهي؟ هو ان کي ڪيئن ڀوڳي ٿو؟ هو ان ڪربناڪ ڪيفيت مان ڪيئن ٿو گذري؟ کيس سماجي حالتون ڇا مان ڇا بنائي ڇڏين ٿيون!؟ رباني صاحب جون ڪھاڻيون ان سموريءَ صورتحال جي پويان وڏيرڪي سوچ کي ئي ڪارفرما ڏيکارين ٿيون.
مجموعي طور تي رباني صاحب جون ڪھاڻيون جديد مغربي فلسفي جي ترجماني ڪندي، سنڌي سماج جي صورت گري ڪن ٿيون. نه صرف ايترو، پر سندس ڪھاڻيون سنڌي سماج جي منفي توڙي مثبت مقامي انفراديت کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ جو ذريعو به بڻيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪھاڻيون، انگريزي، جرمني، چيني ۽ مراٺي ٻولين سميت دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. انڪري سندس ڪھاڻين سنڌي سماج جي مقامي انفراديت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي. مطلب ته سندس ڪھاڻين هڪ طرف ته سنڌي ادب توڙي عالمي ادب ۾ سنڌي ثقافتي عنصرن کي ادب ۾ متعارف ڪرايو آهي ته ٻئي پاسي سماجي براين جي ڪارڻن جي پاڙ پٽڻ جي راهه هموار ڪرڻ سبب سندس ڪھاڻين سماجي حقيقت نگاريءَ جون حدون اُڪري، ترقي پسنديءَ ۽ جدت جي وسعتن تائين به پاڻ مڃرايو آهي. ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته رباني صاحب جي ڪھاڻين جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي راهه هموار ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنھنڪري سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ بيان ڪرڻ وقت رباني صاحب جي ڪھاڻين جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ اڌوري ۽ اڻپوري محسوس ٿئي ٿي.
مددي ڪتاب:
(1) آبِ حيات (ڪهاڻين جو مجموعو) غلام رباني آگرو
(2) سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر (پي.ايڇ. ڊي مقالو) ڊاڪٽر غفور ميمڻ
(3) آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر (پي.ايڇ. ڊي مقالو) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي.
***

