مهانگائي باوجود عوام جو جذبو بلند آهي: مريم نواز
مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته مهانگائي باوجود عوام جو جذبو بلند آهي. نجي هوٽل ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته ڪوبه اليڪشن هجي، اسان سڀني لاءِ تيار آهيون. نواز شريف ڌيءَ سان گڏ سوين پيشيون ڀڳتيون، پاناما ڪيس ۾ اسان روز پيش ٿيندا هئاسين، اهو سوال سڀ ڪري رهيا آهن ته عمران خان خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي رهي آهي؟ هيرن جواهرن ۽ فارن فنڊنگ جهڙا ڪيس آهن پوءِ به هن شخص کي ڪو ٽچ به نٿو ڪري سگهي.

