خاص

900 پاڪستاني ملازمت لاءِ جاپان پهچي ويا

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستانين لاءِ جاپان جي ورڪنگ ويزه جو آغاز ٿيندي ئي 900 پاڪستاني ملازمت لاءِ جاپان پهچي ويا جن ۾ عورتون پڻ شامل آهن. پاڪستان جي سفير رضا بشير تارڙ جي هدايتن تي 22 فيبروري تي سفارتخانه پاڪستان ٽوڪيو ۾ وڏو سيمينار منعقد ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ جاپاني ڪمپنيون شريڪ ٿينديون. رضا بشير تارڙ پاڪ جاپان بزنس ڪونسل جي صدر رانا عابد حسين سان ملاقات ۾ پاڪ جاپان بزنس ڪونسل جي ٻنهي ملڪن ۾ تجارت جي فروغ ۾ ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن زور ڏنو ته هو وڌ ۾ وڌ جاپاني ادارن ۾ پاڪستانين جي ملازمت لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري.