خاص

اسٽرابري دل کي صحتمند رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي

آمريڪا ۾ بيرين جي افاديت جي سالانه ميٽنگ ۾ ماهرن چيو آهي ته هنن کي وڌيڪ ثبوت مليا آهن ته اسٽرابري دل جي صحت کي وڌائي سگهي ٿي. الينوئي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاني سان لاڳاپيل پروفيسر برٽ برٽن فري مين چيو آهي ته جيڪڏهن غذا ۾ ميوي جو حصو گم ڪيو وڃي ته ان سان دل جي مرض ۽ ذيابيطس جو خطرو وڌي سگهي ٿو، پر هن سلسلي ۾ اسٽرابري ان خال کي ڀري سگهي ٿي ۽ دل کي توانو رکڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته روزانو هڪ ڪپ ڀري اسٽرابري کاڌي وڃي.