سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻن ججن جسٽس منصورعلي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل فيصلي سان اختلاف ڪيو. ٻنهي ججن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو ته چونڊن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڳ ئي موجود آهي، چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس نه پئي ٺهيو، ٽن ججن جي اڪثريت سان عدالت فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال فيصلي ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، چيف جسٽس ٻن ججن جا اختلافي نوٽ به پڙهي ٻڌايا. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته گورنر ڪي پي ڪي چونڊن جو اعلان نه ڪري ذميواري کان انحراف ڪيو، گورنر ڪي پي صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، صدر اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري.

