خاص

 آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گمراهه ماڻهو فوجن جي عزم کي ٽوڙي نه ٿا سگهن: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي عزم کي ڌوڏي نه ٿا سگهن. آرمي چيف جنرل عاصم منير گوادر جي دوري دوران وڌيڪ چيو ته گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي عزم کي ٽوڙي نٿا سگهن. آرمي چيف کي گوادر ۾ سيڪيورٽي صورتحال، فارميشن جي آپريشنل تيارين، سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي،  آرمي چيف جنرل عاصم منير بلوچستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پيشيوراڻي عزم سان ڪم جاري رکڻ تي زور ڀريو، آرمي چيف مقامي معزز ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.