خاص

سورمي ڊولپمينٽ وومين سوسائٽي پاران عورتن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

سورمي ڊولپمينٽ وومين سوسائٽي پاران عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي  بدين ۾ ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ اسڪول جي ٻارن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ خطاب ڪندي ميڊم ماروي عابده سمون چيو ته عورتن سان وڏو ظلم ڪيو وڃي ٿو. جيڪو شخص پنهنجي نياڻي پيدا ٿيڻ تي خوش نٿو ٿئي ان کي پنهنجي ڄمڻ تي سوچڻ گهرجي ته ان کي به هڪ عورت جنم ڏنو آهي، جتي به ڪنهن عورت سان ظلم ستم ٿيندو آهي، اتي اسين آواز بلند ڪنديون آهيون. عورتن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن، جنهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ۽ اليڪشن ۾ بيھڻ جا حق شامل آهن.