خاص

مينار پاڪستان جلسي کان اڳ پوليس جو ڪريڪ ڊائون، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد گرفتار

مينار پاڪستان تي جلسي کان اڳ ڪريڪ ڊائون دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄ لاهور ۾ ٿيندڙ جلسي کان اڳ ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ ڪريڪ ڊائون جاري آهي. پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان احمد کي گرفتار ڪري ورتو. راولپنڊي ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن، مرڪزي اڳواڻن ۽ عهديدارن جي گهرن تي پوليس جا ڇاپا جاري آهن. پوليس ذريعن موجب راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن عامر ڪياني، غلام سرور خان، راجه بشارت، سٽي صدر ميان عمران حيات، سٽي سيڪريٽري اطلاعات راجه عثمان ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ رات دير سان ڇاپا هنيا ويا پر ڪابه ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. پوليس رحيم يار خان جي مختلف علائقن مان پي ٽي آءِ جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.