صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل واپس اماڻي ڇڏيو
صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل نظرثاني لاءِ پارليامينٽ ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي. هن آئين جي آرٽيڪل 75 جي تحت بل واپس اماڻيو. صدر عارف علوي چيو آهي ته بل بنيادي طور تي پارليامينٽ جي اختيار کان ٻاهر آهي. بل تي مناسب غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، بل قانوني طور تي مصنوعي ۽ ناڪافي هجڻ جي آڌار تي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. بل درستگي جي باري ۾ جانچ پڙتال پوري ڪرڻ لاءِ، ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ واپس ڪرڻ مناسب آهي.

