خاص

پنجاب چونڊون ڪيس: دفاع واري وزارت جي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا

دفاع وري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. دفاع واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ مهر لڳل رپورٽ جمع ڪرائي آهي. دفاع  واري وزارت طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم واپس وٺي. دفاع واري وزارت جي رپورٽ ۾ پاڙيسري ملڪن جي صورتحال جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان کان علاوه سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بينڪ کي اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو، پر قومي اسيمبلي فنڊ جاري ڪرڻ جي قرارداد رد ڪري ڇڏي آهي.