خاص

پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ ڀاڙا وڌي ويا

آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز فيڊريشن جي ترجمان ايڇ ايم جهانگير چيو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ اضافي جي تناسب سان ڀاڙن ۾ اضافي تي مجبور آهيون. هن چيو ته ٽن چئن ڏينهن ۾ بسون بيهاري ڇڏڻ جو اعلان ڪنداسين، 50 سيڪڙو بسون پهرين کان ئي بيٺل آهن.