نئون

همسري پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي واڌايون

اڄ يونائيٽيڊ نيشنز جي پاران مقرر ڪيل عورتن جو عالمي ڏينهن پوري دنيا ۾ ملهائجي رهيو آهي. پاڪستان ۾ به هر صوبي ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين کان علاوه مختلف آرگنائيزيشنون به هن ڏينهن کي ملهائي رهيون آهن. اهڙن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد شعور ۽ آگاهي جو ڦهلاءُ هوندو آهي ته جيئن عورتون پنهنجن بنيادي حقن کان واقف ٿي سگهن. مختلف تنظيمون عورتن تي ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز بلند ڪنديون آهن ته جيئن صوبائي ۽ قومي سطح تي عورتن جي حقن کي محفوظ بنائڻ لاءِ قانون سازي ڪرائي وڃي.  همسريءَ طرفان سڀني عورتن چاهي اهي ڪنهن ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ هجن يا ڪنهن آفيس ۾ ڪنهن چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تي هجن کي عورتن جي عالمي ڏينهن جون واڌايون.