بلاگنئون

8 فيبروري 2024 تي ملڪ جي حڪمراني جو فيصلو ٿيندو

جمهوريت عوام کي ووٽ جو حق ڏيئي ٿي، ان کي استعمال ڪندي عوام پنهنجي نمائندي جي روپ ۾ حڪمران چونڊي ٿو. دنيا جي اسريل ملڪن ۾ جمهوريت مضبوط آهي، انهيءَ ڪري اتي چونڊن جو ڏينهن مقرر هوندو آهي. نه نگران حڪومت جو جهنجهٽ، نه اليڪشن ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ واري غير يقيني صورتحال، هر ملڪ جي عوام کي خبر هوندي آهي ته مقرر مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ مقرر تاريخ تي انهيءَ ملڪ جي عوام کي چونڊن ذريعي ملڪ لاءِ نئين حڪومت چونڊڻ جو موقعو ملندو آهي. هونئن ته اسان وٽ به ائين ئي آهي، پر ان تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو، انهي جي تاريخ ۾ نه ٿا وڃون. آئين ۾ واضح لکيل آهي ته هر پنجن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ چونڊن جو ٿيڻ ضروري آهي. گذريل چونڊون 25 جولاءِ 2018 تي ٿيون هيون. انهيءَ حساب سان ڏسون ٿا ته جولاءِ 2023 ۾ چونڊن جو ٿيڻ لازمي هو، پر ٿيو ائين جو نگران سرڪار کي مختلف حيلن بهانن سان ٽائم ڏنو ويو. نيٺ 8 فيبروري 2024 تي اليڪشن جي تاريخ سپريم ڪورٽ طرفان مقرر ڪئي وئي. ائين نه ٿئي ها ته ٿي سگهي ٿو اليڪشن ۾ اڃا به دير ٿئي ها، پر چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 8 فيبروري جي تاريخ پٿر تي لڪير آهي ۽ هو پنهنجي انهيءَ ڳالهه تي ثابت قدمي سان بيٺو رهيو. وچ ۾ اهڙا مرحلا به آيا جو محسوس ٿيو پئي ته ٿي سگهي ٿو ته چونڊون انهيءَ تاريخ تي نه ٿين، ايستائين جو سياسي پارٽين طرفان به مختلف بهانا بنائي اهو چيو ويو ته جيڪڏهن چونڊون ڪجهه وقت دير سان ٿيون ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو. انهيءَ سبب ملڪ ۾ چونڊن بابت غير يقيني واري صورتحال ڏينهو ڏينهن وڌندي رهي، پر چيف جسٽس ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته چونڊون ڪنهن به حالت ۾ 8 فيبروري تي ٿيڻ گهرجن. اسين جيڪڏهن جنوري مهيني ۾ سپريم ڪورٽ طرفان ٿيل انهيءَ فيصلي تي نظر وجهون جنهن ۾ پي ٽي آئي کان بيٽ جي نشان واپس وٺڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي بحال رکيو ويو ۽ ان فيصلي اچڻ کانپوءِ جيتري تنقيد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٿي آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي. اها تنقيد نه هئي، پر چيف جسٽس جي ڪردار ڪشي هئي، تذحيق هئي، بدتميزي هئي. ڪيترن ئي صحافين تنقيد اخلاق جي دائري اندر ڪئي ۽ ڪيترائي صحافي انهي دائري کان ٻاهر نڪري ويا، جنهن سبب ايف آئي اي صحافين کي نوٽيس پڻ موڪليا، جنهن جو سپريم ڪورٽ سوموٽو نوٽيس ورتو ۽ ايف آئي اي کي حڪم ڪيو ويو ته ڪنهن به صحافي کي پريشان نه ڪيو وڃي. البته چيف جسٽس ايترو چيو ته منهنجي ذات تي تنقيد ڀلي ڪيو، پر سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪرڻ جو اوهان کي حق نه آهي. اسين سمجهون ٿا ته اظهار جي آزادي ۾ تنقيد ڪرڻ جو حق آهي، پر بدتميزي ڪرڻ جو حق ڪنهن به معاشري ۾ اظهارِ راءِ جي آزادي جي حق تحت نه ٿو اچي، انهيءَ بدتميزي جي مذمت ڪجي ٿي. اهو به سمجهون ٿا ته هن وقت عوام اندر جيڪا بيچيني آهي، اها ڪنهن حد تائين چونڊ عمل جي ڪري ڪجهه ماٺي ٿيندي. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته وفاق ۾ حڪمراني جو تاج مسلم ليگ نون پائيندي. اهو ان وقت کان نظر آيو، جڏهن ميان نواز شريف برطانيه ۾ ٿيندڙ علاج کانپوءِ صحتمند ٿي واپس پنهنجي ملڪ پاڪستان پهتو. جهڙي نموني ان جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. سرڪار طرفان، ڪورٽن طرفان ۽ پنجاب جي عوام طرفان ته واضح ٿي ويو ته ايندڙ وزيراعظم ميان نواز شريف آهي. جڏهن سندس ڪيس ڪورٽن طرفان ختم ڪيا ويا ته انهيءَ ڳالهه ۾ اڃا وزن وڌي ويو، ۽ جڏهن پي ٽي آئي کان بيٽ جو نشان واپس ورتو ويو ته پوءِ اها ڳالهه پڪي ٿي وئي ته جڏهن هڪ وڏي سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ موقعو نه مليو، ان جو نشان کسيو ويو، ان جا اميدوار آزاد بيهاريا ويا ته پوءِ پنجاب اندر سواءِ مسلم ليگ نون جي ٻي ڪهڙي پارٽي ڪامياب ٿيندي؟ هن وقت ملڪ ۾ ٻه وڏيون پارٽيون هڪ مسلم ليگ نون ۽ ٻي پيپلز پارٽي نظر اچي رهيون آهن، باقي پارٽيون موجود آهن، اي اين پي آهي، پرويز خٽڪ جي پارٽي آهي، مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جي.يو.آئي.ايف آهي، بلوچستان ۾ قومپرست پارٽيون آهن، سنڌ صوبي اندر ايم.ڪيو.ايم جو ۽ جماعت اسلامي جو شهر اندر ووٽ بينڪ آهي. پنجاب اندر ٺهيل نئين پارٽي آئي.پي.پي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ڳالهه کٽي اتي ٿي ته پي.ٽي.آئي نه هجڻ جي ڪري چونڊن جو مقابلو صرف ٻن پارٽين جي اندر آهي. مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي. بدقسمتي اها به آهي ته اهي ٻه وڏيون پارٽيون جيڪي ڪنهن وقت ۾ پوري ملڪ جي نمائندگي ڪنديون هيون. هن وقت صرف صوبن تائين محدود ٿي ويون آهن. پيپلز پارٽي ڀلي ڪيتري به ڪوشش ڪري، پر کيس پنجاب ۾ اها مڃتا نه ملي رهي آهي، صرف سنڌ جي حد تائين محدود آهي ۽ مسلم ليگ نون نعره ڪيترا به ڏئي، پر صرف پنجاب صوبي اندر محدود آهي، ۽ اهو به سچ آهي ته مسلم ليگ نون چاهي ٿي ته پنجاب جي نيشنل اسيمبلي جون 141 سيٽن مان 80 سيڪڙو سيٽون مسلم ليگ نون کي ملن ته ملڪ اندر مرڪزي حڪومت ٺاهڻ، انهن جي لاءِ آسان ٿي ويندو. سنڌ صوبي اندر پيپلز پارٽي کي سواءِ ڪجهه ضلعن ۾ ٻئي هنڌ مقابلو نظر نه ٿو اچي. انهيءَ ڪري پيپلز پارٽي جو زور ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان طرفان آهي، پر سياسي پارٽي جي جيڪا لهر هجڻ کپي اها کيس ٻين صوبن ۾ نه ٿي نظر اچي، ها خرچ ڪن ٿا، پر سندن جلسن ۾ ماڻهن جو انگ متاثر ڪندڙ نه هوندو آهي. جيڪڏهن اسين نظر وجهون ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته مرڪز ۽ پنجاب اندر حڪومت نون ليگ جي هوندي پوءِ ٿي سگهي ٿو مرڪز ۾ مسلم ليگ نون سان گڏ ٻيون ننڍيون ننڍيون پارٽيون به هجن ۽ اهو به بعيد از قياس نه آهي ته پيپلز پارٽي به مرڪزي حڪومت ۾ شامل ٿي وڃي، پر اهو انهي ڪري ڏکيو محسوس ٿئي ٿو جو هن وقت پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي زبان مسلم ليگ نون جي لاءِ خاص طور تي نواز شريف جي لاءِ تمام گهڻي تلخ آهي، جيڪا کيس جُڳائي نه ٿي، پر هو پارٽي جو ليڊر آهي، هن جي پنهنجي مرضي آهي، پر ان وقت ڇا چوندو جڏهن مرڪزي حڪومت ۾ مسلم ليگ نون سان شريڪ ٿيندو. اهو سوال مستقبل تي ڇڏيون ٿا؟ جيئن اسان چيو ته سنڌ صوبي اندر پيپلز پارٽي جو مقابلو سواءِ چند ضلعن جي ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، سنڌ اندر ايندڙ صوبائي حڪومت پيپلز پارٽي جي نظر اچي رهي آهي. بس ڏسڻو اهو آهي ته ڪراچي شهر مان پيپلز پارٽي کي ڪيتري ڪاميابي ملي ٿي. پيپلز پارٽي دعويٰ ڪري ٿي ته صوبائي اسيمبلي جي 47 سيٽن مان 20 سيٽون پيپلز پارٽي کي ملنديون. اسين سمجهون ٿا ته 13 کان 14 سيٽون پيپلز پارٽي ڪراچي شهر مان کڻندي جيڪو هڪ بريڪ ٿرو هوندو. ڪي پي ڪي جي اندر هڪ اهڙي مخلوط حڪومت ٺهندي جنهن جو ڪن هڪڙي جو هوندو، پڇ ٻئي جو هوندو، ڍڍري ٽئين جي هوندي، حڪومت جي شڪل اهڙي نظر اچي پئي. پي ٽي آئي جي حڪومت ڪي پي ڪي ۾ به ٺهندي نظر نه ٿي اچي. بلوچستان ۾ گهڻو ڪري اليڪٽ ايبل ئي حڪومتون ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا آهن، اتي جي عوام جو عمل دخل گهڻو نه هوندو، هڪ ته بلوچستان اندر ايجنسين جو عمل دخل ٻين صوبن جي نسبت وڌيڪ هوندو آهي ۽ اتي جو ٽرن آئوٽ ملڪ جي ٻين صوبن کان تمام گهٽ هوندو آهي. انهيءَ ڪري ٻه ٽي هزار ووٽ کڻي اتان جو صوبائي اسيمبلي جو نمائندو ڪامياب ٿيندو آهي. جيڪڏهن پارٽين جي منشور طرف ڌيان ٿا ڪريون ته سندن منشور اندر پيل واعدا وفا ٿيندي نظر نه ٿا اچن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪ جي تباهي جي ڪناري تي پهتل معيشت ۽ آئي ايم ايف کان قرض وٺي هلائيندڙ ملڪ جي ڪاروهنوار اندر اوهان ٽي سئو يونٽ بجلي جا مفت ۾ ڏيو ۽ پگهارن کي ٻيڻو ڪيو؟ ٻئي طرف مسلم ليگ نون چوي ٿي ته اسين هر نوجوان کي 20 لک رپيا قرض ڏينداسين ته جيئن هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ۽ اهڙي قسم جا دل لڀائيندڙ نعره جيڪي ٻئي پارٽيون ڏئي رهيون آهن. اهي ايندڙ حڪومت ۾ پورا ٿيندي نظر نه اچي رهيا آهن. سٺي ڳالهه صرف اها آهي ته 8 تاريخ تي چونڊون ٿي رهيون آهن. ملڪ جو عوام پنهنجي پسند واري اميدوار کي ۽ پسند واري پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو، جيتوڻيڪ ملڪ جي عوام جي هڪ حصي کان سندس پسنديده پارٽي کي چونڊڻ جو حق واپس ورتو ويو آهي. ان جي باوجود چونڊ عمل جي آجيان ڪجي ٿي. عوام تي به فرض آهي ته بجاءِ گهر ويهي ٽيليويزن تي ۽ نيٽ تي خبرون ڏسڻ جي پنهنجي ووٽ جو حق پولنگ اسٽيشن تي وڃي ضرور ادا ڪرڻ گهرجي. هن وقت سياسي سرگرمي عروج تي اچي وئي آهي. هڪ اڻ وڻندڙ واقعو ڪراچي شهر اندر به رونما ٿيو آهي، جتي هڪ سياسي ڪارڪن مارجي ويو آهي، اهڙي قسم جي صورتحال کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪن جيئن گهڻا ماڻهو پُرامن نموني آزادي سان ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن. سڀ کان وڌيڪ ذميواري ايندڙ حڪومتن تي ٿئي ٿي، خاص طور تي نون ليگ جيڪا مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهيندي نظر اچي رهي آهي. ان کي باقي ٽن صوبن طرف به پورو پورو ڌيان ڏياڻ گهرجي. ملڪ جي عوام کي جوڙڻ گهرجي، سندن رويو هڪ صوبي واري پارٽي جو بلڪل نه هجڻ گهرجي. جيڪي فائدا ۽ ترقياتي ڪم پنجاب اندر ٿي رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ ٿيندا جيڪڏهن اوترا فائدا ۽ ترقي ٻين صوبن کي مسلم ليگ نون جي حڪومت نه ٿي ڏياري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ جي اڌ جيتري ترقي ٻين صوبن جو پڻ حق آهي. انهي سان ملڪ ۾ نفرت واري سياست جو خاتمو ايندو ۽ ملڪ مضبوط ٿيندو. ڏسون ٿا ته نون ليگ انهيءَ امتحان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي. انهي چونڊن ۾ سنڌ جي عوام تي پڻ هڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته حڪومت ڀلي پيپلز پارٽي جي ٺهي اڪثريتي اميدوار ڀلي پيپلز پارٽي جا کٽي اچن، پر جيڪڏهن چند سنڌ دوست اميدوار چونڊن ۾ کٽي آيا ته ان سان اسيمبلي اندر سياسي سونهن جو اضافو ٿيندو ۽ انهن ڪجهه اميدوارن جي دٻاءَ تحت سنڌ صوبي اندر پيپلز پارٽي پڻ پنهنجي فيصلن ۾ محتاط رهندي ته سندس فيصلا صرف ڪجهه ماڻهن جي فائدي لاءِ نه هجن، پر پوري صوبي جي عوام لاءِ هجن. اهو وقت ٻڌائيندو هاڻي اهو وقت پري ناهي اسان سڀني کي پنهنجي ووٽ جو حق ضرور استعمال ڪرڻ گهرجي اهائي جمهوريت جي سونهن آهي، ان سان ئي ملڪ ۾ استحڪام ايندو ۽ انهن قوتن جو رستو روڪيو ويندو، جيڪي هر پنجن سالن کانپوءِ مختلف قسم جا ناٽڪ بڻائي عوام کي چونڊ عمل کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
***