بلاگنئون منھنجي شاعري ۽ آڪاش جو مھاڳ! February 6, 2024 Zahida Abro آڪاش مونکي اُنھن ڏينھن ۾ قطعي ڪون وڻندو ھو، جڏھن ھُو آڪاش (اُڀ) جي شاعري ڪندو ھو. اُن وقت ۾ ھُن جي شاعري اُڀ ۾ اُڏامندي ھُئي ۽ ھُو اُڀ ۾ ئي پنھنجو آکيرو ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ۽ اُن ۾ ئي من اندر جي وشالتا ۽ پورڻتا ڳوليندو وتندو ھو. ڀلا جنھن بندي جون پاڙون پنھنجي ڌرتي ۾ ئي کتل نه ھجن ته اُھو ڪيئن ٿو آڪاش (اُڀ) جي اوچائين کي پائي سگھي؟ تڏھن مونکي لڳندو ھو ته ھُن جي شاعري جو اندر به پولارن جيان خالي آھي، بلڪل منھنجي ھن شعر جيان: پولارن ۾ ڇا ٿو ڳولھين؟ پولارن ۾ ڪُجھ به ناھي. ڀلا ھيستائين ڪنھن اُڀ تڪي من جو معراج (محبوب) ماڻيو آھي؟ تِن ڏينھن ۾ مونکي لڳندو ھو ته، ھُن جي شاعري به ھڪ ڏينھن پولارن ۾ گُم ٿي ويندي! پولار جنھن کي پنھنجون حدون ناھن ۽ نه ئي ڪو اتو پتو، ڀلا اُن ۾ ڪھڙو آکيرو (گھر) اڏي سگھجي ٿو؟ اُن ۾ ڪھڙا سپنا ساڀيان پائيندا؟ ۽ ڪھڙيون من جون موملون ماڻي سُڪون پائبو، جنھن جو خود جو ڪو ئي وجود ڪونھي؟ اُن ڏانھن تڪڻ ۽ اُن کي ئي آدرش سمجھڻ ته ڄڻ پاڻ کي فنا ڪرڻ ئي ٿيو!؟ تاريخ اھڙن انيڪ قافيئي ۽ رديف باز شاعرن سان ڀري پيئي آھي، جن آڪاش )اُڀ( کي آدرش ۽ جيون جياپو ۽ آجپو سمجھيو ۽ اڄ اُنھن جو تاريخ جي چوٿ پني ۾ ته ڇا، پر ھڪ سِٽ ۾ به ذڪر ڪونھي. اھڙن شاعرن جي شاعري ڌرتي جي دردن کان ناواقف، بي حس ۽ ڇُسي ھوندي آھي ۽ اھڙا فن ۽ فڪر کان وانجھيل قلم باز مون کي اُن سَنڍ عورت جيان لڳندا آھن، جن جي گود ڪڏھن به سائي نه ٿي سگھندي ۽ ھڪ ڏينھن فنا اُنھن جو مقدر بڻجي چُڪي ھوندي. تِن ڏينھن ۾ مونکي به لڳندو ھو ته آڪاش جي شاعري به کيس اھڙن انيڪ شاعرن جيان فنا ۽ گمنامي جي اوڙاھ (ڪُن) ۾ اُڇلي ڇڏيندي ۽ اسانکي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھيلتائين اتان ڪو به وريو (واپس موٽيو) ناھي. پر آڪاش انصاري جڏھن کان آڪاش (اُڀ) کي الوداع چئي ڌرتي ڏانھن موٽي آيو ۽ دلبر ڌرتي جي پاتال مان پاڙ جيان اُسريو نسريو، تڏھن کان ھِن شاعر انساني آدرشن جي مھانتا جو راز ڄاڻي ورتو آھي، ۽ تڏھن کان آڪاش جون سوچون گھريون ۽ ٻانھون ڊگهيون ۽ اُوچيون ٿي ويون آھن. جڏھن کان ھُن محبتي مٽي سان نينھن جو ناتو ڳنڍيو آھي تڏھن کان ھُن جي پلئه ۾ بيشمار انمول خزانا آيا آھن ۽ فطرت پنھنجي بي پناھ حسناڪين ۽ عجب اسرارن سان ھُن جي جھول ڀري ڇڏي آھي ۽ ھُن جي شاعري جو ڪينواس ڦھلجي لاحد جي حدن کي ڇُھڻ لڳو آھي نه صرف ھُن جي شاعري جو جسم(diction) پنھنجو آھي، پر روح به سدا حيات آھي، جيڪو آڪاش ڏانھن اُڏام ڀري اُن جي بلندين کي پائيندي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي ٿو. آڪاش (اُڀ) ۽ ڌرتي جو سنگم من ۾ جو مانڌاڻ مچائي ٿو، اھو ته بس ھڪ حساس دل ئي محسوس ڪري سگھي ٿي، ۽ جيڪا دل حساس آھي اُن کي آڪاش انصاري جي شاعري ضرور راس آئي ھوندي. اي اسان جا اڻ ڏٺل! سپنن ۾ سجيل، مور جھڙا مستقبل! جڏھن اچين تون ھتي، پاڻ ئي پرڙا سوري، ڪي مسافر، تون پنھنجي راه ۾ مئل جي ڏسين! نيري آڪاش جي ھيٺان سريون وڍيل جي ڏسين اسان جي پيار جي بي گور و ڪفن لاشن جون. اکيون صدين کان، پنھنجي ديد لئه کليل جي ڏسين! ته پڪ ڄاڻجان ته پڪ ڄاڻجان، ڪي تو لئه مئا واجھائي، تنھنجي آمد تي، انھي جشن جي خاطر آيا، پنھنجي اکڙين سندي مکڙين منجھان مالھا ٺاھي، ۽ رڳو، تنھنجي تمنا کڻي ويا مُرجھائي ۽ رڳو، تنھنجي تمنا کڻي ويا مُرجھائي. ھُو جيڪڏھن فقط آڪاش منڊل جو شاعر ھجي ھا ته اڄ ھُن کي ڪير به نه سُڃاڻي ھا، پر دلبر ڌرتي جي شاعر ھُئڻ ناتي، جنھن جي انگ انگ ۾ ڌرتي ماءُ جو خمير ڀريل آھي ۽ جنھن پنھنجي ڌرتي مان ئي ساھ کنيو آھي ۽ ويساھ ورتو آھي، انھي ڪري اڄ ھُن کي ھرڪوئي سُڃاڻي ٿو. ھُن نه صرف پنھنجي مڃتا ۽ مھانتا جو جھنڊو اُڀ ۾ کوڙيو آھي، پر ساري جڳ کي به موھيو آھي ۽ ان کي ھڪ اڻ ٽٽ رشتي ۾ ائين جوڙيو آھي، جيئن انسان جو پھريون پيار سدائين پاڻ ڏي ڇڪي رکندو آھي ۽ اُن جي تند ڪڏھن به ٽُٽي نٿي ۽ سدائين امرتا جي آکيري ۾ پنھنجي جاءِ بنائي رکي ٿي. ڪنھن پيار جي پارس ڇُھي، ڪنچن ڪري ڇڏيو، ورنه ڪنھن رڃي راهه جو پٿر ھجان ھا مان. ڪا شڪل ڏسي عقل ڀي، سجدي سجود ٿيو، نه ته اڻ ڏٺل خدا سندو منڪر ھجان ھا مان آڪاش ۽ آئون شاعري ۾ ھمعصر آھيون. جيئن ٻه پھاڄون پاڻ ۾ ڪون ٺھنديون آھن، تيئن ھمعصر به بجاءِ ھڪ ٻئي جون خوبيون مڃڻ يا چڱي شئي کي ساراھڻ جي، اڪثر ھڪ ٻئي جون خاميون ڳولي ڪڍندا آھن. وري جي ماڻھو عمر ۾ به ھمعصر کان وڏو)Senior( ھجي ته بزرگي جو رعب لازمي ويھارجي ئي ويھارجي. مٿان وري سون تي سُھاڳو اھو ته، جي ماڻھو جي پرورش وڏيرڪي سماج ۾ ٿي ھجي ۽ مٿان وري غلامي به نسلي رت ۾ شامل ھجي، ته حرام جو ھمعصر جي صلاحيتن ۽ قابليتن کي قبولجي يا ان جي ڪلا کي داد ڏجي؟ سو مون ۽ ٻين مون پارن اديبن ھميشه پي ڪوشش ڪئي آھي ته ھُن )آڪاش( جي شاعري مان ڪچايون ڦڪايون ڪڍي کيس گھٽ ڏيکاري پريشان ڪجي، پر ھُن جي صحت )شاعري ۽ شخصيت( تي ڪو به اثر نه پيو آھي ۽ ھر ڀيري مون پارن، پاڻ کي ئي جيتامڙو محسوس ڪيو آھي. اڙي عشق! اڙي عشق! تو وٽ وري پيو اچان، خودڪشي، زندگيءَ کان پري آ اڃان، جڏھين ڀي تو ھٿ مان آ ھٿڙو ڪڍيو، ھٿن جي لڪيرن سان ورچيو پوان. اوھان جي اکين ۾ ڪي ارغون ھئا، اسان جي ھئي دل، سنڌ ڌرتي جيان. جن جي قسمت ۾ دوزخ ڌُريان ئي لکيو، او خدا! ڪيئين توکي چون مھربان. او سقراط! ھڪ سُرڪ جي ھا ڀرين، زندگيءَ جي زھر جي، مڃان ھا ميان آڪاش جي شاعري ۾ جِتي رومانس پنھنجي نفاست ۽ سونھن سان پنھنجين بلندين تي آھي، ته اُتي وري ھُن جي انقلابي شاعري به ديس ڌڻين جي جدوجھد ۾ سونھون بڻيل آھي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ جڏھن ترقي پسند فڪر رکندڙ ڌرين تي ڪات ڪھاڙا اُڀا ھئا ۽ وري جڏھن آمر جنرل ضياءَ جي آپيشاھي واري دور ۾ ڌرتي ديس واسين لاءِ ٽامو )جھنم( بنائي وئي ھئي، تڏھن آڪاش انصاري جي شاعري ماڻھن لاءِ نه رڳو وڏو اتساھ بنيل ھئي، بلڪ اوچي ڳاٽ سان جيئڻ جي سگھ به بنيل ھئي. جھڙا ئي سندس انقلابي شاعري جا ٻول )لفظ( ھئا وري اھڙو ئي سندس خوبصورت آواز ۽ پيشڪش جو انداز. اھو ئي سبب آھي ته ھُو اڄ به جڏھن اسٽيج تي شاعري پڙھندو آھي ته پوري پنڊال ۾ موجود ماڻھن جي دلين کي گرمائي ڇڏيندو آھي. جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا، ھن ڀونءَ سڄيءَ جا ڀاڳيا، پوءِ سور نه رھندا ساڳيا، ڪندا جي مست قلندر، دمادم مست قلندر. بيراگين جي ڀونءَ مٿي ڪا، باھ ڀلي پئي ڀڙڪي، ھن ننگريءَ سان نينھن اسانجو، ننگري ناھ نڌڻڪي، سرمد جي سنت پارڻ لئه مارو ايندا مرڪي، ڪندا سڀ مست قلندر، دمادم مست قلندر آڪاش کي جِتي اسٽيج تي سُريلي آواز ۾ شاعري پڙھڻ جو ڏانءَ آھي ته اُتي ھُو خوبصورت خطاط )Calligrapher( پڻ آھي. جِتي ھُن جو ذھن خوبصورت خيال چٽي ٿو ته اتي ھُن جا ڪلاڪاري ھٿ خوبصورت چِٽ به چِٽين ٿا. مون ھُن جي پنھنجي خوبصورت ھٿ اکرن ۾ لکيل شاعري مختلف رسالن ۾ پڙھي آھي، جيڪا پڙھندڙن ۾ ڏاڍي پسند ڪئي ويئي آھي. مون وٽ پنھنجو اُھو بليڪ اينڊ وائٽ فوٽن جو البم اڄ به محفوظ آھي، جنھن ۾ ھُن فوٽن جي ھيٺيان اُنھن ۾ موجود دوستن جي نالن کي نه صرف سھڻي خطاطي جو ويس پھرايو آھي، پر فوٽن جي پاسن کان خوبصورت گُلڪاري به ڪئي آھي. ڪو زمانو )ستر جو ڏھاڪو( ھو جڏھن آڪاش انصاري ايل ايم سي )جيڪا ھاڻي LUMHS جي نالي سان يونيورسٽي آھي( ڄامشوري ۾ ڊاڪٽري پڙھندو ھو ۽ آئون سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي انسٽيوٽ آف ڪيميسٽري ۾ پڙھندو ھئس. تِن ڏينھن ۾ اڪثر ھڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. ايل ايم سي جي الراضي ھاسٽل ۾ ھُن سان ادب، آرٽ، سياست ۽ ٻين موضوعن تي اڪثر ڪچھري ٿيندي رھندي ھُئي. اُنھن ڪچھرين ۾ سندس شاعري ته لازمي ٻُڌبي ھُئي، پر موسيقي مان به خوب لُطف اندوز ٿبو ھو. آڪاش انصاري جيڪو پاڻ به ڪڏھن ڪڏھن محفل ۾ جُھونگاري سنگت کي پنھنجي سُريلي آواز سان محظوظ )لُطف اندوز( ڪندو ھو )۽ ھنِ وقت به ڪندو آھي(، اُن وٽ سُر سنگيت ۾ به وڏي ڪليڪشن موجود ھُوندي ھُئي. ھاڻي ته انٽرنيٽ جي آمد کان پوءِ ڪيسٽ ڪليڪشن معنيٰ وڃائي ويھي رھي آھي، پر ان دور ۾ اُھو وڏي ذوق وارو ڪم ۽ مھانگو شوق به ھو. ھڪڙي دفعي سندس الراضي واري ڪمري تي ڪچھري ڪندي آڪاش چيو ته اڄ توکي پنھنجي موسيقي جي ذوق سان گڏ نوان رنگ به پَسايان ٿو، ھُن جو الراضي ھاسٽل جو ڪمرو به شاعري جھڙي نفيس مزاج سان سجايل ھوندو ھو. ھُن ڪمري ۾ 100 واٽ جي لڳل تيز روشني واري بلب کي وسائي )بٽڻ آف ڪري( زيرو جو بلب ٻاري مدھم روشني وارو رومانٽڪ ماحول پيدا ڪيو ۽ پوءِ ھُن جڳجيت سنگھ جي آڊيو ڪيسٽ ھلائي ڇڏي. جڳجيت جي مڌر آواز جي لئه تي ديوار تي لڳل خوبصورت عورت جي تصوير جي اکين ۾ آڪاش پاران اڳي ئي سيٽ ڪيل ننڍن بلبن سبب رنگ برنگي روشني ائين ٻري اُجھامي)Dim full light( پنھنجا جلوا ڏيکارڻ لڳي، جيئن سمنڊ ۾ لھرن جو اتار ۽ چاڙھ. ھڪڙو جڳجيت جو من کي ڀائيندڙ آواز ۽ مٿان وري مدھم روشني ۾ خوبصورت عورت جي اکين جي نرتڪي ڊانس، بس ڇا ڳالھ ڪجي! اھڙو سھڻو ۽ ذوق وارو ماحول ھڪ تخليقي اُڏام رکندڙ شاعر ئي سجائي سگھيو ٿي، جيڪو ڪنھن پنڊت جي ٻڌايل سرڳ کان ھزار ڀيرا وڌيڪ رومانٽڪ ۽ روح کي راحت پھچائيندڙ ھجي ٿو. جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا، جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا، جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون. جڏھين تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو، تڏھين دور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو، جڏھين جيءُ جھورڻ ھي آيون جدايون، الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون آڪاش اصل ۾ بدين شھر جو آھي ۽ آئون ٽنڊي باگي جو. اسان ٻنھي جا شھر ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن. ڪنھن وقت ۾ ھڪ ٻئي وٽ تمام گھڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو ۽ ھاڻي اباڻن شھرن مان شفٽ ٿيڻ ۽ نجي مشغولين سبب ھڪ ٻئي وٽ ڇڊو پاٽو ئي وڃڻ ٿئي ٿو، پر ھِن وقت به جڏھن به ملڻ ٿيندو آھي ته ھُو منھنجي گھر جي ناشتي ۾ کاڌل خاص طريقي )ترڪيب يا recipe( سان ٺاھيل انڊي ٽماٽي واري قيمي کي گھڻو ياد ڪندو آھي ۽ آئون وري سندس گھر ۾ الڳ انداز ۾ ٺھيل مڇي جي ٻوڙ جو ذڪر ضرور ڪندو آھيان. ھاڻي جيتوڻيڪ زندگي جي مشغوليت سبب ڀلي ھڪٻئي سان ملڻ جو موقعو گھٽ ٿو ملي، پر پوءِ به خيالن ۽ زبان جي ذائقي ۾ ڪافي حد تائين ھڪ ٻئي ۾ ھڪ جھڙائي جو سوچيندي اِھي وقفا ۽ ويڇا گھٽ ۽ بي معنى باسن ٿا. وري جڏھن کان جديد ٽيڪنالاجي جيِ ايجاد موبائل ميدان ۾ آيو آھي، تڏھن کان ته اِھي وقفا ۽ دوريون به صفا ختم ٿي ويون آھن. ھاڻي ته محبوبن جو اوسيئڙو ۽ اُن سان ملاقات ڪو مسئلو ئي ناھي رھيو ۽ ائين محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ ھڪڙي زمان ۽ مڪان)Time and space( ۾ گڏ سفر ڪري رھيا آھيون. مون سان آڪاش جڏھن به ملندو آھي ته ھُو مون کي بابو )پيءَ( ڪري ڪوٺيندو آھي، ڇاڪاڻ ته منھنجي ھڪڙي پُٽ جو نالو به آڪاش آھي. بھرحال اھو ته ھُن جو وڙ ۽ مون لاءِ پيار آھي، باقي شاعري جي قد بُت ۾ جي منھنجي ھُن سان ڀيٽ ڪجي ته ھُو منھنجي لاءِ پڙڏاڏي جو درجو رکي ٿو. جيتري قدر مون آڪاش کي پڙھيو آھي، ٻڌو آھي ۽ ٿورو گھڻو عرصو گڏ گھاريو آھي، اُن بنياد تي آئون چئي سگھان ٿو ته آڪاش جي شاعري جون پاڙون پاتال ۾ کُتل آھن. ھُن جي شاعري ۾ جتي رومانس ملي ٿو ته اُتي ڌرتي ڌڻين جا دک درد ۽ ڪرب به موجود آھن. ھا مگر ڇا ڪريون تنھنجي ڪاڪل جي قيدي، ٿيڻ کان اڳي، قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش ھئي پرين! جيڪا ويئي ڇڪي. دل ته ماڻڻ گھُريون، تنھنجون سڀ دلبريون، ھا مگر ڇا ڪريون، دار جي درد کي، پنھنجي لذت ھئي، جيڪا ويئي ڇڪي، تون پڇين ٿو پرين! مان ھليو ڇو ويس. ھُن جي شاعري ۾ جِتي پنھنجي ڌرتي جي ثقافت ۽ سڀيتا جا عڪس ۽ اولڙا پسي سگھجن ٿا، ته اُتي پنھنجي ڌرتي کان پري پرڏيھ ۾ ٿيندڙ اتياچار تي به ھُنجو قلم رت ڳاڙھي ٿو. آفريڪي شاعر بنجمن مولانس جي قتل تي لکيل ھن جو شاھڪار نظم مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو. آفريڪي شاعر بنجمن مولانس جي قتل تي اداس ڌرتي جا مظلوم، نماڻا شاعر! مان تنھنجي موت جو اسرار خوب ڄاڻان ٿو، تنھنجي قاتل، تنھنجي جلاد کي سڃاڻان ٿو. مان تنھنجي موت جي عذاب کان، اڻڄاڻ سھي، مان تنھنجي موت جو اعزاز خوب ڄاڻان ٿو، اھو اعزاز، جيڪو ڌرتيءَ جي، ھر نئين نسل جي امانت آ، سھاڳ رات جي خوابن جي امانت وانگر، يا تنھنجي ڏيل ڏکويل کي ڏنل، سوين ڏنڀن جي عذابن وانگر ھُن جي شاعري جي ڪينواس تي رڳو ديس پرديس جي دردن ۽ ڪربن جو داستان يا منظرنامو ناھي، پر ھُن جي شاعري جو محور پس و پيش عالمي انسان ۽ ھڪ ڌرتي آھي. سندس شاعري ۾ انسان ذات جي امن، آجپي، خوشحالي ۽ روشن آئيندي جي شڪل شبيھ بنا ڪنھن ابھام جي چِٽي نظر اچي ٿي. ادبي دنيا جا ڪي نقاد آڪاش انصاري جي ڪجھ شاعري تي نعريبازي جو الزام لڳائين ٿا. اُھا اُنھن جي پنھنجي راءِ آھي ۽ اُن جو کين حق حاصل آھي ۽ پاڻ کي اُن تي ڪو اعتراض به ناھي، پر منھنجي خيال ۾ ھڪ شاعر جنھن ماحول ۾ ساھ کڻي ٿو، ته اُن ۾ رونما ٿيندڙ واقعن، حالتن کان ڀلا ڪيئن ڪن ٽار ڪري سگھي ٿو؟ ھونئن به شاعري توڙي ھر لکڻي کي اُن دور جي حوالي سان ئي ڏسڻ گھرجي، جنھن دور ۾ اُھا لکي ويئي ھئي. زميني حالتن بدلجڻ سان معيار، ماپا، موضوع ۽ سوچ جا انداز به بدلجن ٿا. انھي ڪري ھر تخليقڪار تي ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ وقت اُن دور جي سماجي ۽ معاشي سيٽ اپ، حالتن ۽ قدرن کي به ذھن ۾ ضرور رکڻ گھرجي ۽ اُنھن ماپن ۽ معيارن تي نه لھندڙ تخليقڪار کي ڀلي قصوروار ٺھرائجي. ان حساب سان ان سڄي پس منظر )سيناريو( ۾ جي آڪاش انصاري جي شاعري تي تنقيد ٺھي ٿي ته ڀلي ڪجي، باقي اُڀ ۾ ٿُڪون اُڇلڻ کي پاڻ تنقيدي فن جي ذمري ۾ ڪون ٿا آڻيون. اِن ۾ رتي برابر جو به شڪ ناھي ته انقلابي شاعري جو سحر وقت سان گڏ حالتن بدلجڻ ۽ سماجي سيٽ اپ ۽ ماپن ۾ تبديل ٿيڻ سان پنھنجو اثر مڪمل طور وڃائي ويھي ٿو يا وري اُن جو اثر جھڪو ٿي وڃي ٿو. اھو ڪڙو سچ نه صرف آڪاش انصاري جي شاعري پر سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شاعر سميت پرڏيھي تخليقڪارن تي به لاڳو ٿئي ٿو. باقي اھو نعري بازي جو نزلو فقط آڪاش تي ڪيرائڻ کي آئون سواءِ رينگٽ ۽ پاڻ وڻائڻ جي ٻيو ڪجھ ڪون ٿو سمجھان. ھا، باقي اِن ڳالھ کان ڪو به انڪار ڪونھي ته انقلابي شاعري جي ڀيٽ ۾ رومانوي شاعري اھڙي آھي، جنھن جو سحر نه فقط مستقل رھي ٿو، بلڪ سدا حيات به رھي ٿو. آئون سمجھان ٿو ته آڪاش انصاري اُن ۾ پنھنجي مخصوص اسلوب، ڀرپور سڃاڻپ ۽ خيال جي انفراديت سان موجود آھي، جنھن تي نه ته ٻي ڪنھن تخليقڪار جي شاعري جي ڇاپ آھي ۽ نه ئي اثر ۽ نه ئي وري سندس شاعري ورجاءُ جو شڪار آھي. وُٺي جي ولھه راتڙي وُٺي جي ولھه راتڙي وُٺي جي ولھه راتڙي، ٿڌو سارو ٿر، ڪجليا! توبن ڪيئن ڪريان؟ مَريڙن منھن ڪڍيا، ليٽي پيا لُلر، ڪجليا! توبن ڪيئن ڪريان؟ ھر شاعر يا جينيس ماڻھو جيان آڪاش جي نجي زندگي تي به ڪڏھن ڪڏھن سوال اُٿن ٿا. آئون سمجھان ٿو ته ھر اُھو ماڻھو جيڪو مشھور )Celebrity( ٿي وڃي ٿو، اُن تي تيرن جي بارش وسائڻ ۾ ڪير وسان نٿو گھٽائي. مونکي نالو کڻي ٻڌايو ته ڀلا اسان مان ڪھڙو پاڪ پوتي آھي يا ائين کڻي چئجي ته فرشتو آھي جنھن کان گناھ سرزد ناھي ٿيو؟ پر ڇا ڪجي؟ اِھا اسان جي عادت آھي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته اِھا ھڪ اھڙي ذھني بيماري آھي جنھن جو سواءِ قبر جي ٻيو ڪو علاج ناھي. روسو، والٽيئر، منٽو، اياز… اسان ڪنھن ڪنھن جي نجي زندگي جي ڪردار تي آڱر ناھي کنئي؟ پر اسان اُنھن شخصيتن جي ڪردار ڪشي)character assassination( جي باوجود به اُنھن جو ڇا بگاڙي سگھياسين؟ ھُو اڄ به ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪن ٿا ۽ اڄ به ماڻھن ۾ نه صرف زيادہ پڙھيا وڃن ٿا، پر پنھنجين قومن جا سُونھان به بڻيا بيٺا آھن. منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن ڪنھن فرد جي نجي زندگي ڪنھن سماج يا قوم کي ھاڃو نٿي پھچائي ته اُن تي ڳالھائڻ کي آئون پنھنجي منھن ۾ ڌوڙ پائڻ جي برابر سمجھان ٿو. ڀلي جي ڪنھن کي پنھنجي منھن ۾ ڌوڙ پائڻي آھي ته ڀلي پائي، پاڻ کي ڀلا اُن تي ڪھڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو؟ آڪاش سنڌ جي اُنھن ٿورڙن شاعرن مان ھڪ آھي جيڪي ماڻھن ۾ گھڻو پڙھيا ۽ ٻڌا ويندا آھن ۽ ھُو ھر اخبار يا رسالي ۾ ڇپبو رھيو آھي. ھُن جي تخليقي پورھئي مان ھِن وقت تائين شاعري جا ٻه ڪتاب، ڪيئن رھان جلاوطن ۽ اڌورا اڌورا مارڪيٽ ۾ آيل آھن. نه صرف اِھو پر آڪاش جي شاعري جو ٻين ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو به ٿيو آھي، جنھن ۾ تازو ھُن جي شاعري جو ڊاڪٽر سحر گل طرفان ڪيل ترجمي جو ڪتاب )An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow( به شامل آھي. آڪاش جِتي پنھنجي جيجل ماءُ جي ٻولي سنڌي ۾ تخليقي ڪم ڪري پاڻ موکيو آھي ته اُتي ھُن اردو، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ به پنھنجي ڪلا جا جوھر پڻ ڏيکاريا آھن. اُن حساب سان ھن جو ڳاڻيٽو سچل سرمست، خليفي نبي بخش ۽ اياز وغيرہ سميت سنڌي ٻولي جي اُنھن چند شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنھنجي مادري ٻولي کان علاوہ ٻين ٻولين ۾ به طبع آزمائي ڪري پنھنجو نالو روشن ڪيو آھي. ڊاڪٽر آڪاش شروع وارن ڏينھن ۾ شايد قدامت پسندن سان گڏ رھيو يا انھي فڪر جو حامي رھيو، جيئن اسان سڀ پنھنجي نابالغي واري عمر/ دور)Immature age( ۾ رھيا آھيون. ھُو اُن کان پوءِ وارو ڊگھو عرصو رسول بخش پليجي واري پارٽي عوامي تحريڪ سان گڏ رھيو ۽ ھاڻي شايد عملي طور ڪنھن به سياسي پارٽي سان لاڳاپيل ناھي؟ عوامي تحريڪ ۾ ھُو جِتي مکيه عھدن تي رھيو، ته اُتي وري اُن جي فورم/اسٽيج تان انقلابي شاعري پڙھي ماڻھن کي جوش به ڏياريو. جيتري قدر منھنجو مشاھدو آھي بلڪه تجربو آھي، ڇو جو آئون پاڻ به ڪنھن وقت ۾ عوامي تحريڪ ۾ رھيو آھيان، ته عوامي تحريڪ جي ھر ورڪر جو اسلوب بيان/ڳالھائڻ يا تقرير ڪرڻ جو طريقو رسول بخش پليجي جيان کرو، تيز ۽ ھوبھو اُن جو نقل لڳندو آھي. رسول بخش پليجو الاھي پڙھيو لکيو زبردست مقرر ۽ پنھنجي فيلڊ جو ڪمال جو سياستدان ھئڻ سان گڏ اعليٰ پائي جو دانشور، ليڊر ۽ ورڪر ھو، جيڪو ماڻھن کي پاڻ ڏي متوجھ ڪرڻ ۽ قائل ڪرڻ ۾ انتھائي ماھر ھو. ھُن جا منطق، مطالعي، انگن اکرن ۽ حوالن سان ڀرپور دليل ايترا ته سگھارا ھوندا ھئا، جو ماڻھو ھُن سان اختلاف راءِ رکڻ جي باوجود به ھُن جي ذھانت تي داد ڏيندا ھئا. پليجي جي پارٽي جا ورڪر جيڪي اُن وقت به پليجي جي لھجي/اسٽائل ۽ انداز ۾ ڳالھائيندا ھئا ۽ اڄ به اُنھي اسٽائل ۾ ڳالھائيندي ان جي فوٽو ڪاپي لڳن ٿا. ڳالھائڻ جي ان انداز )نقل ڪرڻ( کي جِتي غلط نٿو چئي سگھجي ته اُن کي صحيح به ڪوٺي نٿو سگھجي. منھنجي خيال ۾ ھر ماڻھو جي ڳالھائڻ جو انداز، بناوت/بيھڪ)Format( پنھنجو ھئڻ گھرجي، جيڪو ھُن جي شخصيت جي صحيح ۽ اصل معنى ۾ سڃاڻپ بڻجي سگھي. آڪاش انصاري جيتوڻيڪ ڪافي وقت رسول بخش پليجي جي پارٽي ۾ گذاريو ۽ ھُن جو ساڻس تمام ويجھو لاڳاپو به رھيو، پر پوءِ به ھُن جي ڳالھائڻ جو انداز نه صرف نج ھُن جو پنھنجو آھي، پر اُن تي رسول بخش پليجي جي انداز بيان جو ڪٿي به ذرو به اثر محسوس نٿو ٿئي. جِتي رسول بخش پليجي جو اندازِ بيان ۽ اسلوب، جي سنڌو درياھ جي جوڀن جي مستي ۾ اچي ڇوليون مارڻ جيان ھو، ته اُتي آڪاش وري پنھنجي انداز ۾ ماٺيڻي ڍنڍ جيان لڳي ٿو. پنھنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ ھي شخص )آڪاش( جيترو ماٺيڻو ۽ فھميدو لڳي ٿو، ته وري مختلف ٻولين ۽ لھجن ۾ لطيفا ٻڌائڻ ۽ مختلف شخصيتن جا نقل ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو، ته اُھو ئي ”ابول“ )آڪاش( کلائي کلائي کيرو ڪريو ڇڏي. توھان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو ھلان ته لفظ ”ابول“ آڪاش انصاري جو ھر جملي ۾ تڪيه ڪلام آھي. ڪڏھن ڪڏھن آڪاش سان ڪچھرين ۾ سنجيدہ بحث مباحثن سان گڏ اوٽ پٽانگ ڳالھيون به ٿينديون رھيون آھن. ھڪڙي ڀيري چيومانس ته، ”ميان! اوھان ميڊيڪل سائنس وارن جي وڏي لئه آھي، پنج سال تعليم پوري ڪرڻ سان ڊاڪٽري جو لقب مليو وڃي. جڏھن ته ميڊيڪل سائنس کان علاوہ ٻين مضمونن ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ جي لاءِ ماسٽرس کان پوءِ ئي پي ايڇ ڊي ڪري سگھجي ٿي ۽ اُن لاءِ ڪيڏا نه پاپڙ ويلڻا ٿا پون. جيستائين ماڻھو پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽر ٿئي تيستائين مٿو ئي اڇو ٿيو وڃي.“ منھنجي ان ڳالھ جو ڪو جواب ته ھو ئي ڪون جو آڪاش ڏي؟ بس اھو ٻُڌي ھُن مسڪرائي ڏنو. اڄ آئون سوچيان ٿو ته، ھُو ميڊيڪل سائنس ۾ وري به پڙھي ڊاڪٽر ٿيو، پر شاعري جي کيتر )فيلڊ( ۾ بنا پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي به ماھر ڊاڪٽر ٿي ويو. شاعري ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ھڪ شاعر ۾ ڪھڙيون خوبيون ھئڻ گھرجن جيڪي آڪاش ۾ ناھن؟ ھُن جي شاعري ۾ منفرد فني سٽاءُ، اعلى پايي جو شاعري جو گرامر، يعني بحر، وزن، قافيو، رديف وغيرہ، ٻولي جو خوبصورت جڙاءُ ۽ رواني، ڀلوڙ تشبيھ ۽ تجنيس جي سونھن، گھرو مشاھدو ۽ منظر نگاري، خيال جي اوچي اُڏام ۽ جدت، ماضي جي تھذيب ۽ تاريخ جا اولڙا، سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي، انسان جي ڪومل جذبن، خواھشن، ازلي پيڙائن ۽ ابدي خوشين جو برملا اظھار، کيس پي ايڇ ڊي نه ھئڻ جي باوجود به شاعري جي کيتر ۾ ڊاڪٽري جي سَنَد جو حقدار بنائي ٿو. تون ته بيدرد، بيقدر آھين! جيءَ ۾ پوءِ به جلوه گر آھين. زندگيءَ جي ذليل گھڙين ۾، ضياءَ جي موت جي خبر آھين. منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين، تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين. پڇين ٿو حال! ”ڪيئن پئي گذري؟“ ڪيڏو سادو ۽ بي خبر آھين. مونکي ياد آھي ته شروع شروع ۾ آڪاش شاعري جي کيتر ۾ اڃان نئون نالو ڪڍڻ شروع ڪيو ھو ته اُن وقت سنڌي ساھت پبليڪشن/اڪيڊمي وارن پنھنجي رسالي ۾ ھُن کي ھڪ شاعر طور متعارف ڪرائڻ لاءِ الڳ سيڪشن )ڪجھ صفحا( رکيو ھو. اُن وقت آڪاش مون کي اُن سيڪشن لاءِ ٻه چار سٽون مھاڳ )تعارف( طور لکڻ لاءِ چيو ھو. وري ھاڻي جڏھن سندس پيارو دوست ڊاڪٽر بچل ميمڻ، جيڪو منھنجو به دوست آھي ۽ آڪاش جو پڳ مٽ يار آھي ۽ سدائين اُن سان گڏ ھوندو آھي، )آئون ھِنن ٻنھي کي جاڙا ٻار)twins( ڪوٺيندو آھيان( آڪاش انصاري جي شخصيت، فن ۽ پورھئي تي ڪتاب ترتيب ڏيئي رھيو آھي، ته اُن لاءِ آڪاش مونکي ٻيھر پاڻ تي لکڻ لاءِ چيو، جيڪو سندس وڙ آھي ۽ مون لاءِ اعزاز پڻ. بس آئون پنھنجي ھِن مقالي جو اختتام اُنھن چند چونڊ سٽن )پئرائن( سان ڪريان ٿو، جيڪي ھُن تي گھڻو اڳي لکيل منھنجي اُن مقالي ۾ شامل ھيون، جيڪو مون مٿس مھاڳ طور لکيو ھو. مون اُن وقت ۾ لکيل پنھنجي اُن مقالي جو عنوان رکيو ھو: ”منھنجي شاعري ۽ آڪاش جو مھاڳ.“ اُن آڳاٽي لکيل مھاڳ مان کنيل چند چونڊ سٽون ھِن ريت آھن… ”آڪاش ۽ ڌرتي جو سنگم من ۾ جو مانڌاڻ مچائي ٿو، اُھو ته ڪا حساس دل ئي محسوس ڪري سگھي ٿي… ۽ جيڪا دل حساس آھي، اُن کي آڪاش جي شاعري ضرور راس آئي ھوندي…“ ”ڌرتي جو شاعر آڪاش، جڏھن پنھنجي من ۾ سانڍيل سندر سپنن کي ڀَڄندي ڀُرندي ڏسي ٿو، ته بي اختيار سندس من اُن پيڙا جي وگھي تڙپڻ لڳي ٿو ۽ اُھي پيڙائون جڏھن قلم جي نوڪ مان ڪاڳر تي منتقل ٿين ٿيون ته جيئرا جاڳندا شعر ٿيو پون. اھي شعر انھي ڪري جيئرا جاڳندا ناھن ته اھي آڪاش جا شعر آھن، پر انھي ڪري، ڇاڪاڻ جو انھن ۾ تنھنجي پيڙا به آھي ته منھنجو درد به… انھن شعرن ۾ اسان جي آئيندي جو راز ڏسيل آھي ۽ آجپو، امن ۽ خوشحالي به…“ ”ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان ته آڪاش منھنجا شعر چورايا آھن؟ جيڪو منھنجي من ۾ آھي ۽ آئون لکڻ چاھيان ٿو، اُھو آڪاش مونکان گھڻو اڳي لکي ويو آھي! تڏھن ته آئون دعويٰ ڪريان ٿو ته ”اھي شعر منھنجا لکيل آھن، البته مھاڳ آڪاش جو لکيل آھي!!“ *** Post Views: 528