نئون

دنيا جي سڀ کان وڏي ڊائنوسار جي پيرن جا نشان دريافت

هي پيرن جا نشان اسڪاٽ لينڊ مان مليا آهن، جيڪي سوروپوڊز نالي ڊائناسار جا آهن، اهي هن جاءِ تي 17 ڪروڙ سال اڳ ۾ موجود هئا، اهي نشان هڪ جزيري ۾ موجود کاري پاڻي جي ويجهو مليا آهن، ان جزيري کي آئل آف اسڪاءِ چيو ويندو آهي. هن علائقي ۾ 2015 ۾ به ننڍن جانورن جا نشان به مليا هئا. سورو پوڊز اهڙا ڊائناسار هئا جنهن جو قد 15 ميٽر هوندو هو، ان کان علاوه هن علائقي ۾ Trex نالي ڊائناسار جي پيرن جا نشان به مليا آهن جيڪو 2 ميٽر ڊگهو هو. جڏهن ته ماهرن پاران سورو پوڊز جي نشانن کي ناياب قرار ڏنو ويو آهي. هن جڳهه تي مختلف جانورن جي نشانن جي ملڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته هڪ ئي جڳهه تي گوشت ۽ گاهه کائيندڙ ڊائنوسار رهندا هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان وقت ۾ اسڪاٽ لينڊ هڪ گرم علائقو هو. واضح رهي ته هي پيرن جا نشان هڪ ٽرڪ جي ٽائر جيترا آهن.