بلاگنئون

افغان رياست جو نظريو

ڀلا افغان رياست جو نظريو ڇا آهي؟ افغان رياست جا رياستي عنصر ۽ مضبوط ٿنڀا ڪهڙا آهن جن تي اها رياست انحصار ڪري ٿي؟ مذهبي ٽولي هجڻ جي باوجود به اهڙي ڪهڙي اڻوڻت يا رڪاوٽ آهي جنهن جي ڪري رياست ترقي نٿي ڪري سگهي؟ انهن وٽ اهي الهامي برڪتون ۽ چاهتون نٿيون لهن، انهن جا ماڻهو اڃان تائين بکون ٿا ڪاٽين، اهي دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي نٿا هلي سگهن، انهن وٽ لٽريسي ريٽ گھٽ آهي، انهن وٽ خوشحالي ناهي، انهن وٽ صنعتي ڄار ناهن، انهن وٽ ترقيءَ جا سورج نٿا اڀرن، پر جي اهي سڀ ناهن ته انهن جو سبب ڇا آهي؟ طالبان پاڻ يا انهن جو اهڙو اسلام جنهن کي مسلمان به نٿا مڃين؟ يا انهن سڀني ڳالهين جو سبب رڳو پاڪستان آهي، انهن سڀني جو سبب رڳو اسان جي ملڪ جو هجڻ آهي يا انهن جي رڪاوٽ رڳو اسان جو عوام، اسان جون پاليسيون آهن، يا اسان جا حڪمران يا هي ڌرتي؟ ڇو ته گھڻن جو اهو به چوڻ آهي ته طالبان پنهنجي ان بڻ بڻياد واري ڳالھ تان نه لهندا، اهي جي طالبان مان پڙهيل لکيل، اڪابر يا بزنس مين ۽ انٽرپرونيوئر ٿي پيا ته پوءِ طالبان ڪير سڏرائيندو؟ پر پوءِ به اسان جا حڪمران انهن سان خدا ڪارڻ ڳالهيون ضرور ڪندا، معنيٰ انهن سان آزيون نيازيون، ايلاز منٿون، پٽڪا ميڙ، يا آڻ مڃيندا يا اهو ڪندا جيڪو آمريڪا چاهي يا اهو ڪندا جيڪو طالبان چاهيندا. ان ڪري ته دنيا جا سڀ مسلمان خراب، دنيا جا سڀ مسلمان دهشتگرد ۽ دنيا جا سڀ مسلمان دهشت پسند آهن، پر افغاني ناهن. آمريڪا جا سڀ ڊرون هاڻي ڊالر بڻجي ڪرندا، پر آمريڪا جو اهو سوفٽ ڪارنر ٻين مسلمانن جي لاءِ ڇو ناهي. ان جو مطلب ته افغان پاليسي دنيا جي پاليسين جو بدترين ڍونگ آهي، جيڪو هي سڀ پاليسي ميڪر پاڻ ٿا ڄاڻائين ۽ سمجهائين ۽ پاڻ ٿا ماڻهن جي آڏو اهي ڳالهيون رکن ته پوءِ اهڙي ڍونگ واري فلاسافي دنيا جي ماڻهن کي ڀلا سمجھ ۾ ڇو اچي.
جتي سڄو ڏينهن پاڪستاني وزير اهو سمجهائڻ ۾ لڳا پيا آهن ته هنن جي لاءِ سڀ کان پهرين افغاني آهن، پر افغاني طالبان آهن جو اهي جو سڄو ڏينهن اهو ٿا سمجهائين ته پاڪستان ۽ پاڪستاني پاليسيون سڀ کان پهرين افغانين جي لاءِ ناپسديده آهن، معنيٰ جنهن ڳالھ جي لاءِ پاڪستاني هاڪار ڪندا، ان ڳالھ تي افغانين کي انڪار آهي. ڇو ته اسان جي سرڪار جو افغاني طالبان جي لاءِ سدائين سر ويندو آهي، ان ڪري ته جڏهن آمريڪا افغانين جي لاءِ عام معافيءَ جو اعلان ڪيو هو تڏهن پاڪستان سڀ کان پهرين ها ۾ ها ملائي پاڪستاني صداقت ثابت ڪئي هئي. ڇو ته هنن کي افغانستان جو امن نه پر انهن طالبان سان انُس هو ۽ ڪڏهن به بارڊر بند ٿيڻ نه ڏنائون. ان ڪري به جو جڏهن افغانستان ۾ جنگي حالتون هيون تڏهن ستر هزار پاڪستاني طالبان هتان نڪري وڙهڻ لاءِ ويا هئا يا جڏهن ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙو آپريشن ٿيو تڏهن به اهي ئي طالبان وري افغانستان ۾ لڪي پناھ وٺي ويٺا رهيا يا جڏهن جڏهن افغانستان ۾ انقلاب پرپا ٿيندو آهي تڏهن اهي مومن مسلمان (خيالي) ڀِتِ ٽپي پاڪستان ۾ يا خاص اسان جي شهرن ۾ لڪي ويهي رهندا آهن.
اسان دنيا جي واحد قوم هونداسين جن وٽ واضح موقف ناهي هوندو، جن وٽ مذهبي رواداري، معاشي پاليسي، خارجي پاليسي، جنگي محاذ، امن جا ديرپا معاهدا يا اهڙا ڪي فلسفا جنهن مان گھٽ ۾ گھٽ هن قوم جي حالت سڌرندي هجي يا ان ۾ ڪا ڪوشش ۽ نيت به شامل هجي ۽ هي غريب ۽ اٻوجھ عوام معيشت جي سَڪتي مان نڪري ٻاهر اچي سگهي، پر ابتو حڪومت وٽ اهڙيون پاليسيون ۽ نيتون ضرور آهن، جن ۾ گھٽ ۾ گھٽ افغان ماڻهن جو ڀلو ڪيئن ڪجي يا ٿئي. انهن جي حالت ڪيئن سڌارجي، انهن جي ٻارن کي ڪيئن پڙهائجي جو ڳالھ وڃي اها ٿي بيهي ته ”مجهي دشمن ڪي بچون کو پڙهانا هي“ پهرين پنهنجن ٻارن کي ته پڙهايو، پهرين پنهنجن ماڻهن جي حالت ته سڌاريو، پهرين پنهنجن ماڻهن جا پيٽ ته ڀريو، پهرين پنهنجي معيشت ته سڌاريو. ڇو ته اسلامي فلسفو به اهو ٿو سمجهائي ته پهرين پنهنجي حالت سڌاريو، پاڻ پڙهو، پاڻ طاقتور ٿيو ۽ پوءِ ٻين جي سار لهو (جي لهي سگهڻ جهڙا آهيو ته) پر هي رياست يا خاص وقت جا حڪمران اهڙا آهن جيڪي سمجهن ٿا ته ٻين جي گهرن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي گهر جون ڀتيون ڊاهي ڇڏيو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان ٻيا به محفوظ ٿيندا. ٻين جي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ پهرين پنهنجن ٻارن کي اڻ پڙهيو ڇڏي ڏيو، ٻين جي معيشت سڌارڻ جي لاءِ پنهنجي معيشت جو ڏيوالو ڪڍو.
ڇو ته اسان جي رياست جي اها به پاليسي آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ اهڙو صوبو آهي يا ان صوبي ۾ هڪ اهڙو شهر (ڪراچي) آهي جيڪا اهڙي مشين به آهي جنهن ۾ دنيا جا يتيم، غريب، لاچار، نادار، بين الاقوامي اٻوجھ، دهشتگرد، وحشت پسند، بين الاقوامي چور لٽيرا يا لفنگا وجهندوَ ته ٻئي پاسي اها شهري (ڪراچي) مشين انهن سڀني اڻ صفتي انسانن کي هڪ بهتر، لازوال، هيرو، افلاطون ۽ آئنسٽائن (معنيٰ ٽارگيٽ ڪلر) ڪري ڪڍندي، ان ڪري جو هي شهر دنيا جو واحد شهر به ضرور آهي، جنهن ۾ اهي سڀ غير سنڌي (افغانين) جا ٻار جيڪي سڄو ڏينهن ڪلهن تي پلاسٽڪ جا ٻورا ۽ پاچڪا کڻي جنهن ۾ ڪچرو ميڙيندي نظر ايندا آهن، اهي جيڪي حڪومت جي طرفان ڏنل افغان بستين يا مهاجر ڪئمپن ۾ مزي سان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ، ڪرائي ڀاڙي جي، ڏھ ڏھ ٻار ڄڻي اهڙن روڊن تي ڇڏي ڏيندا آهن، جيڪي ان طريقي انٽرپرونيوئر (واپاري) ثابت ٿيندا (اها ملڪ جي سڀني غير سنڌي فلاسافرن جي ٿيوري آهي) جنهن جي ڪري ڀلي هتان (ڪراچي) جا نسل خطري ۾ پئجي وڃن. حالانڪه ان ڳالھ ۾ يا ان بحث ۾ غير سنڌي قومون خوش ۽ سڪون ۾ آهن ته انهن قومن جو مستقبل به اسان جي (شهرن) ۾ محفوظ آهي، ان ڪري جو اهي افغاني اسان جي شهرن ۾ پاڪستاني شناختي ڪارڊ به حاصل ڪري سگهن ٿا. اهي اسان جي شهرن ۾ ائين ئي دنيا جا وڏا انٽرپرونيوئرز به ثابت ٿيندا، ان ڪري ته اسان پاڪستاني آهيون. هي شهر ان ڪري سڀني جا آهن (پر اسان ڪنهن جا ناهيون) اسان شهرن جا محافظ به آهيون. ذمو به اسان جو آهي، اسلام جا پوئلڳ به اسان آهيون، مذهب جا ٺيڪيدار ۽ انسانيت جا علمدار به اسان ئي آهيون، پر ساڳي جاءِ تي اسان جو صوبو، خاص اسان جي شهر برما به آهي، بنگلاديش به آهي، روهينگا به آهي ۽ مني افغانستان به آهي، پر اهو ملڪ جي ٻين شهرن جو فرض ناهي ته اهي به اهڙو بارُ کڻن جنهن جا متحمل اسان جا شهر آهن، پر هڪ الميو اهو به آهي اسان جي شهرن ۾ اهڙن مسلمانن سان قهر ضرور لڳو پيو آهي، جيڪي سکيا ناهن، جن جا ٻار ٻچا بکون ٿا ڪاٽين، جن جي لاءِ اهو به چوڻ آهي ته اهي اقليت هوندي به اڪثريت جي مٿان ائين ئي قابض ٿيڻ ٿا چاهين، پر ان ڪري اهڙن بين الاقوامي يتيمن کي جڏهن اسان جي شهرن مان پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهي ملندو تڏهن اهي ئي اسان جي خلاف ووٽ به ڪندا ۽ اسان ڌرتي ڌڻي انهن کي ائين ئي ڏسندا رهنداسين، جيڪي ڪنهن به اصول، قانون ۽ ضابطي بنا ائين ئي رهندا، ان ڪري ته انهن ويھ لک افغاني پناهگيرن هاڻي ان آباديءَ واري اسپيڊ سان ويهن مان پنجاھ لک کان به مٿي ٿي ويا آهن، جيڪي هاڻي پاڻ کي پٺاڻ ٿا سڏرائين يا پشتو ڳالهائي پاڻ کي پٺاڻ ڪري ڇڏيو اٿن. انهن جا شناختي ڪارڊ به هڪ ايڊريس وارا ٺهي ويا آهن ۽ ٺهن ٿا پيا (پر اسان جي مقامي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ جيڪي ٻٽين ايڊريسن وارا هئا تن جا ووٽ ڪراچيءَ جي ووٽر لسٽن مان هيل خارج به ٿي چڪا آهن)، پر هاڻي پاڪستاني حڪومت (ڪنهن بين الاقوامي اشاري تي) جي اهو چيو به آهي ته ”افعاني بارڊر تي ڪنڊيدار تارون هڻو“ ته پاڪستاني حڪمرانن اهو چئي ۽ اعلان ڪري ڄڻ گناھ ڪيو آهي يا اهي قوتون پاڪستان کي وري ڪنهن جنگي حالتن ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ٿيون ڪن.
بين الاقوامي قوتون وري اهي سڀ ڇنڊا پاڪستان جي مٿان اڇلائينديون ڇو ته افغاني طالبان ان تماشي ۾ پاڪستان کي تماشو بڻائيندا، ان ڪري جو اسان جو ملڪ آسان آهي يا اهو به آهي ته پهرين آمريڪا پاڪستان کان اڏا وٺندو هو ته اهي انهن پاڪستاني يا افغانستاني برانڊ جي طالبان تي بم ڪيرائين، پر هاڻي جون جنگي اسٽريٽجون وري ٻيون آهن، ان مان به ظاهر آهي ته هاڻوڪي بارڊر واري ڪنڊيدار تارون به ڪو جھيڙو ۽ جنگي اشارو کڻي اينديون. ڇو ته افغاني طالبان پاڪستاني طالبان کي مڃين ئي نٿا يا جنهن طريقي سان اهي آءِ ايس آءِ سان يا ”وليم جي برنر“ (آمريڪي سي آءِ اي جو اڳواڻ) سان پاڻ ٿا ملن، ۽ انهن گڏجاڻين ۾ غير افغاني به شامل ناهن هوندا، پر ڳڻتي اها ضرور آهي ته هي افغاني انقلاب دنيا جي اهڙن انقلابن مان ضرور آهن، جيڪي دنيا جي سمجھ ۾ نٿا اچن يا جن جي اسلاميت ۾ ڪو اهڙو جز ۽ عنصر ناهي، جيڪو سعودي عرب سميت ٻين علمبردار اسلامي ملڪن جي ضمير کي به جنجھوڙيندو هجي. جيڪي ان ڳالھ جا به هجن ته افغاني واقعي اسلامي انقلابن جا اڻ ڌُريا مجاهد آهن، ان ڪري دنيا جا مسلمان ۽ ”نيوم سٽي“ جا خلقڻهار ان ڳالھ کي به سمجهن ته طالبان به پاڻ کي اسلام جي لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن يا اسلام کي قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن؟ اهو فلسفو اهي مجاهد ممبر تان گھڙي کن لهي سمجهائين ته جيئن مسلم امت ان ڳالھ تي بيهي ته افغان انقلاب به اسلامي انقلابن منجهان هڪ آهي.