بلاگنئون

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لطيف شناسي

عبدالمجيد ولد غلام حسين ميمڻ 11 سيپٽمبر 1931ع تي شڪارپور جي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ جنم ورتو 1948ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ميمڻ عبدالمجيد ايم اي اسلام ڪلچر ۽ ايم اي ليجن پاس ڪرڻ بعد 1974ع ۾ ”بيان العارفين جي تدوين ۽ اپٽار“ تي مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي پي ايڇ ڊي جي سندَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، پاڻ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرر طور ڪم ڪندي اڳيان هلي پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پرنسپال جي عهدي تي 1991ع ۾ رٽائر ڪيائين، ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جو سنڌي ادب ۾ پورهيو تمام شانائتو ڳڻيو وڃي ٿو، هن ستر کن ڪتاب لکيا ته انيڪ مضمون ۽ مقالا ڇپيل موجود آهن، پاڻ ادبي محفلن ۽ ڪانفرنسن جو ڪوڏيو هو. کين سندن قلمي پورهئي تي 1983ع ۾ سول اعزاز تمغه امتياز سان نوازيو ويو. ڇپيل ڪتابن مان چند جا عنوان هن ريت آهن ”ڏور“ لوڪ ادب)، ”ڏوهاري ڪير“ (ترجمو- ناولٽ)، ”ماڻڪ موتي لعل“ (ٻه ڀاڱا)، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“، ”تذڪره شعراء سکر“، ”تاريخ قوم هڪڙا“، ”پرک ۽ پروڙ“ (تحقيق)، ”سکر جهڙي سونهن“ (ترتيب)، ”سنڌي علم ادب- اصول ۽ اهڃاڻ“ (تنقيد)، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ”سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري“، سچل جو سنيهو“، ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“، شڪارپور ماضي ۽ حال“، ”سيرت النبيﷺ“، سنڌي ثقافت جا اسلامي اثرات“، ”شڪارپور جي ٻولي“، ”سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“، تفسير هاشمي“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن، اردو ٻوليءَ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز“، ”سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ“، ”لسانيات پاڪستان“، ”نگار شاتِ سنڌ“، “پاڪستان مين صوفيانه تحريڪين” آهن، سندن وفات 11 فيبروري 1996ع ۾ ٿي ڊاڪٽر عبدالمجيد هڪ ئي وقت نثر ۽ نظم جو لکندڙ هو، سندن ڪتابن جي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي ته موضوعاتي طور هن ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اڀياس کي ترجيح ڏيندي تاريخ جي حوالي سان پڻ وڏو ڪم ڪيو، شاهه ڪريم جي شاعريءَ تي سندن ڪم خاص شمار ٿئي ٿو ته قلندر شهباز، سچل سائين ۽ لطيف سرڪار سان پڻ عقيدت ظاهر آهي، لطيف سائينءَ بابت ڪم جي مَدَ ۾ سندن ترتيب، تدوين ۽ تحرير ڪيل ڪتابن جو انگ تيرهن تائين وڃي ٿو، چند هن ريت آهن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي: مضمونن جو ڪتاب اطلاعات کاتي پاران 1954ع ۾ شايع ٿيو معرفت جا موتي: هي مقالن جو ڪتاب آهي جو 1963ع ۾ ڇپيو تند تنوار: مقالن تي مشتمل 1965ع ۾ اطلاعات کاتي پاران شايع ٿيو عرفان لطيف: 1966ع ۾ اطلاعات کاتي شايع ڪيو فڪرِ لطيف: جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر 1967ع ۾ ڇاپيو، 152 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ مضمون ۽ مقالا آهن سر ڏهر: شاهه لطيف جي سر ڏهر جي متن ۽ تشريح تي مبني آر ايڇ احمد اينڊ برادرس 1973ع ۾ پهريون دفعو شايع ڪيو. جانب جو جمال: مقالن جو ڪتاب اطلاعات کاتي سنڌ حڪومت 1975ع ۾ شايع ڪيو. سر ڪلياڻ: معنيٰ ۽ متن تي مشتمل 1983ع ۾ پهريون دفعو شايع ٿيو پيغام لطيف: پهريون ڇاپو 1985ع ۾ اطلاعات کاتي پاران ڇپيو جنهن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لطيفي مقالا ۽ مضمون آهن آوازِ لطيف: ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ اطلاعات کاتي شايع ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ مضمون ۽ مقالا آهن لطيف جو پيغام: شاهه لطيف جي سوانح سان گڏ مضمون ۽ مقالا آهن، جو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2010ع ۾ شايع ڪيو. سر سارنگ: سر سارنگ جي متن ۽ معنيٰ تي مشتمل 1991ع ۾ شايع ٿيو. لطيفي لات: ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ڪتاب 1991ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شايع ڪيو، جو 228 صفحن تي مبني آهي، هن ۾ ڪلاسيڪل شاعرن ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ بابت مضمون آهن، 2001ع ۾ مهراڻ اڪيڊميءَ ٻيو ڇاپو، شايع ڪيو آهي، هيٺ ڪتاب ”فڪرِ لطيف“ ۽ ”لطيف جو پيغام“ جو ڪجهه احوال ونڊ ڪجي ٿو. فڪرِ لطيف: ۾ چونڊ لطيفي مضمون هن ريت آهن، شاهه لطيف ۽ عوام الناس“ عبدالرزاق راز، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر“، ”پروفيسر محمد احمد، ” شاهه ۽ عورت“ نور شاهين، ”شاهه جي ڪلام جا ماخذ“ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ” شاهه جي شعر ۾ توحيد“ محمد عمر سهتو، ”جر ٿر تک تنوار“ سيد لعل شاهه، شاهه جي حب الوطني“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شاهه جي فڪري بلندي“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ” شاهه جي شعر جي نحوي بناوت“ سجاد الله قريشي، ” لطيفيات“ شيخ عبدالرزاق راز، مختلف موضوعن تي آڌاريل مقالن کي ميمڻ صاحب ترتيب ڏنو آهي. لطيف جو پيغام“جو پهريون ڇاپو 1979ع ۾ شايع ٿيو. موجوده وقت وڌيڪ اضافن ۽ سڌارن سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن چوٿون ڇاپو ڇپايو آهي. مقالن جا عنوان”شاهه لطيف جي سوانح حيات“ شاهه لطيف رح جي زماني ۾ سنڌ جون سياسي ۽ اقتصادي حالتون، ”صوفيانه فڪر، وحدت الوجود“، ”خود شناسي شاهه جي نظر ۾“، شاهه جي نظر ۾ زندگيءَ جو تصور“، ”شاهه جي نظر ۾ موت جو تصور“، ”شاهه جي عظمت“، ”شاهه جي شعر ۾ انساني مزاج ۽ فطرت جي عڪاسي“، ”نوجوان ۽ شاهه“، ”رسالي جي ڪهاڻين جو فني ۽ فڪري جائزو“، سر ڪلياڻ“ (مضمون ۽ فلسفو)، ”سر مارئيءَ جو مطالعو“، ”سر سامونڊيءَ جو فلسفو“، ”سر معذروريءَ جو فلسفو“، ”سر ڏهر جو فڪري جائزو“، ”سرڪاموڏ جو ادبي جائزو“، ”سر سهڻي جو فلسفو“، ”سر سارنگ جو مطالعو“، سر ڪاپائتي جو فڪري ۽ لساني جائزو“، ”سر بلاول جو مضمون“، ”سر سريراڳ جو مطالعو“، ”سر رامڪلي جو اڀياس“. آهن شاهه عبداللطيف جي سوانح جي باري ۾ محقق ڪجهه تاريخي حوالن تي بحث ڪندي بيان العارفين کي مستند قرار ڏنو اٿن. خود شناسي شاهه جي نظر تي لکن ٿا ته، شاهه صاحب جي فڪر جو بنياد ئي آهي، ”پاڻ سڃاڻڻ“ انهيءَ ڪري ئي فرمايو اٿن ته ”پهرين سڃاڻج پاڻ، پڇج پوءِ پريتڻو“. شاهه جي نظر ۾ زندگيءَ جو تصور ليکڪ مطابق اهو آهي ته هو ڪوشش سان مقصد حاصل ڪرڻ کي ترجيح ٿو ڏئي انهيءَ ڪري فرمائي ٿو ته؛ ويٺي ورنه پُون، ستي ملن نه سپرين جي مٿي رندن روُن، ساڄن ملي تن کي.۽ شاهه وٽ موت جو تصور قرآني حڪمت مطابق آهي. انهيءَ ڪري دنيا ۽ حياتيءَ کي فاني ڏسي فرمايو اٿن ته:
جا ڀونءَ پرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽيا ڌوڙ ۾، اکين ڏٺاسون،
ڏينهن مڙيوئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
شاهه جي عظمت کي ڊاڪٽر ميمڻ ڪلام جي فڪري گهرائي اندازِ بيان ۾ دلڪشي، اثر انگيزي ۽ انفراديت مطابق سمجهايو آهي. سندن موجب ته شاهه جو فڪر ۽ فلسفو هڪ وڏي پيغام جي حيثيت رکي ٿو، اهائي شاهه جي عظمت آهي. نوجوان ۽ شاهه مقابلي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي نوجوانن کي ڄاڻايو آهي ته شاهه جو پيغام توهان لاءِ وڏي ڪشش جو باعث آهي. جنهن جي فڪر جي روشنيءَ ۾ نوجوان نسل پنهنجو ڪردار سنواري سڌاري پنهنجي شخصيت جي تعمير ۽ تطهير ڪري سگهي ٿو. رسالي جي ڪهاڻين جو فڪري ۽ فني جائزو“، ۾ شاهه جي ڪلام ۾ آيل تمثيلي قصن جي تاريخي حيثيت بيان ڪئي وئي آهي ۽ مثالن سان اهو ثابت آهي ته شاهه صاحب سورمين جي زباني زندگيءَ جو اعليٰ فڪر، خود شناسي ۽ خدا شناسيءَ جو درس ڏنو آهي. ”سر ڪلياڻ مضمون ۽ فلسفو“ توحيد جي عقيدي جي اپٽار سان گڏ شرڪ کان بچاءُ جا رستا ڏسيا ويا آهن. سندن موجب هن سُر ۾ سالڪ کي سلوڪ جي راهه ٻڌائي ويئي آهي، ته جنهن تي هلي هو منزل مقصود تي پهچي سگهي. ڊاڪٽر صاحب سر مارئيءَ جي مضمون ۾ رسالي ۾ آيل قرآني آيتن تي بحث ڪيو آهي ۽ قرآن پاڪ مان ٻيا به ڪافي حوالا ڏنا اٿن ۽ سر مارئيءَ جي باري ۾ شاهه جي محققن ۽ شارحن جيئن ڊاڪٽر گر بخشاڻي، غلام محمد شاهواڻي، مرزا قليچ بيگ ۽ مولانا قاسم جا رايا پڻ آهن. سر سامونڊي جو فلسفو“ ۾ مجيد صاحب لکي ٿو ته، ”شاهه سڏ ٿو ڏئي ته جهڙيءَ ريت سامونڊي سفر اجهاڳ آهي. اهڙيءَ ريت روحاني سفر جي منزل جو به ڪاٿو ئي ڪانهي“. سر ڪاموڏ جو ادبي جائزو ۾ شاهه صاحب جي شاعراڻي اسلوب تي ادبي لحاظ کان بحث ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب موجب ته هن سُر ۾ ڪيترائي بيت ساڳئي انداز سان شروع ٿين ٿا، جيئن ”تون سمون آئون گندري“ هن نموني سان شروع ٿيل ست بيت آهن، پر شاعر ساڳئي لاڳيتن بيتن ۾ ساڳيو مقصد خالق ۽ مالڪ جي اڳيان عاجزي ۽ نهٺائي) بيان ڪندي به لفظن جي ٿوري ڦير ڦار ۽ اسلوب جي بيان سان نواڻ پيدا ڪئي آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي روحاني ۽ ذهني لطف اچي ٿو. لاڳيتا بيت ساڳئي فقري سان شروع ٿيل انهن کي ”وراڻ“ وارا بيت چيو ويندو آهي، انهيءَ کان علاوه سر ڪاموڏ جي ادبي خوبين ۾ ساڳيا قافيي وارا لفظ تجنيس حرفي ۽ اندروني قافيو ۽ ٻيون خوبيون بيان ٿيل آهن. سر سهڻيءَ لاءِ لکي ٿو ته ”شاهه صاحب سهڻي جي ڪيفيت بي اختيار ڏٺي آهي، جيڪا موج ۾ ڀريل مهراڻ ۾ ڊڄي پير پوئتي نه ٿي هٽائي ۽ نه ئي حيلن، وسيلن جو ٿي ويچاري، مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏيئي پوڻ جي اهڙي ئي ڪيفيت کي سالڪن ۽ عارفن ”مستي“ سڏيو آهي. مستي عشق الاهي جي حد ڪمال جي نشاني آهي.“
سر سارنگ جو مطالعو ۾ ميمڻ صاحب ڄاڻائي ٿو ته شاهه صاحب هن سر ۾ اسلام جي روحاني اخلاقي فيض جو ذڪر علامتي ۽ تمثيلي انداز سان ڪيو آهي. ”سر ڪاپائتيءَ جو فڪري ۽ لساني جائزو ۾ سنڌ جي خاص هنري ۽ فني لفظن ۽ اصطلاحن جو لسانيات جي حوالي سان ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ سندن موجب ته سر ڪاپائتي ۾ شاهه صاحب فڪري طور زندگيءَ جي مقصد کي واضح ڪيو آهي ۽ ايندڙ زندگيءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. سر سريراڳ جو مطالعو ۾ تاريخي پسمنظر جي حوالي سان سنڌ جي تجارتي ماحول جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي ۽ سر رامڪليءَ جو اڀياس ۾ ڊاڪٽر صاحب ڄاڻائي ٿو ته شاهه صاحب سر رامڪليءَ ۾ جيڪا تمثيل رکي آهي، سا وحدانيت، شريعت، اسلامي عقيدن، اسلامي تصوف جي اصولن جي اپٽار آهي لطيف جو پيغام ڪتاب شاهه صاحب جي ڪلام جي علمي، ادبي ۽ فڪري پهلوئن جو احاطو ڪري ٿو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ مختلف رخن سان شاهه جو ڪلام متعارف ڪرايو آهي، پر گهڻي ڀاڱي، تصوف، روحانيت وحدانيت ۽ اسلام جي عظمت، شاهه جي نظر ۾ انساني زندگي ۽ شاهه جي وقت جون سياسي سماجي، معاشي حالتون ۽ سندن ڪلام جي ڪجهه سُرن جو علمي ۽ ادبي اڀياس شامل آهي.”بيان العارفين“ جي تحقيق جي باعث تصوف خاص طور سندن موضوع رهيو. ان ڪري پاڻ هن عنوان کي تمام سهڻو نڀايو اٿن ۽ ڪتاب ۾ پيش ٿيل مضمونن ۽ مقالن مطابق هيءُ هڪ لاڀائتو ڪتاب آهي.