مون سون جي برساتن سبب سڄي ملڪ ۾ بلڪه سڄي خطي ۾ زندگي سخت متاثر ٿي آهي. دريائن ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند ٿي وئي آهي ۽ اترين علائقن ۾ گليشيئرز ڳرڻ جي ڪري ۽ برساتن پوڻ جي ڪري دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. جنهن جي ڪري لينڊ سلائڊنگ سبب ڪيترائي حادثا ٿيا آهن ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي ڪري زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، بجليءَ جي فراهمي پڻ 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ بند آهي. برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ڪيترائي ماڻهو مختلف طريقن سان انهن حادثن جو شڪار ٿيا آهن. ڏٺو وڃي ته برسات انسان ذات جي لاءِ ۽ پوري ايڪو سسٽم جي لاءِ خوشحالي کڻي ايندي آهي. ڇو ته زمين کي پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا برساتن جي ذريعي پوري ٿيندي آهي.
برسات ٿيڻ جي ڪري غير آباد زمينون به آباد ٿي وينديون آهن ۽ ريگستانن ۾ به ساوڪ ٿي پوندي آهي، ماڻهو، مال ۽ پکي پکڻ سڀ خوش ٿي ويندا آهن. مينهن جتي پاڻ سان گڏ خوشحالي کڻي ٿو اچي اتي ان جا ڪيترائي نقصان وارا پاسا به ٿين ٿا. جڏهن برسات تمام گهڻي وسي ٿي ته ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي جنهن جي ڪري نه صرف زرعي زمينن کي نقصان ٿئي ٿو، پر شهري آباديءَ ۾ ماڻهن جي ملڪيتن کي به سخت نقصان رسي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن کي پنهنجا واهڻ، ڳوٺ ۽ شهر ڇڏي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃڻو پوي ٿو. جابلو علائقن ۾ جيڪي ماڻهو جبلن تي پنهنجا گهر ٺاهي رهن ٿا انهن جا گهر لينڊ سلائڊنگ جي ڪري وهي وڃن ٿا ۽ سندن قيمتي جانيون ۽ سامان ضايع ٿئي ٿو. ميداني علائقن ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ڪيترين ئي جاين تي انساني قيمتي جانيون، مال مويشي مري وڃي ٿو. ان کان سواءِ برساتن جي ڪري زندگي جو سڄو ڪاروهنوار درهم برهم ٿي وڃي ٿو. مواصلاتي نظام ۾ خرابيون پيدا ٿي وڃن ٿيون ماڻهن جو هڪٻئي سان رابطو ڪٽجي وڃي ٿو. ريڊيو ۽ ٽي وي تي اسان کي مختلف جاين تي گهرن جي ڊهڻ سبب ۽ گاڏين جي روڊن تي سلپ ٿيڻ سبب يا وري ڌنڌ سبب وڌيڪ حادثن جي خبر پوي ٿي جنهن ۾ انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن جانور به مري وڃن ٿا. هن وقت به پوري خطي جي خبرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مختلف طريقن سان ڪٿي گهرن جون ڀتيون ڪرڻ سبب ته ڪٿي ڇتيون ڪرڻ سبب يا ڪٿي دريائن جي ڪپ تي ٺهيل ننڍا ننڍا گهر لڙهي وڃڻ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. انهن سڀني نقصانن جو ازالو ڪرڻ ته شايد نا ممڪن آهي، پر انهن کي انتظامي صلاحيتن کي استعمال ڪندي ۽ بهتر پاليسين کي جوڙڻ کانپوءِ گهٽائي ضرور سگهجي ٿو. اسان جي وفاقي حڪومت کان وٺي ضلعي انتظاميه توڙي وارڊ سطح تائين سڀني کي پنهنجي پنهنجي ذميدارين کي پورو ڪرڻ لاءِ مون سون کان اڳ ان جي لاءِ تياريون مڪمل ڪرڻ کپن. ملڪ جي مختلف جاين تي شهرن کي ڊولپ ڪرڻ وارين اٿارٽين کي نقشا پاس ڪرڻ وقت به ان ڳالهه جو خيال ڪرڻ گهرجي ته مستقبل ۾ اهي جايون ڪنهن سبب جي ڪري انساني جانين لاءِ خطرناڪ ته ثابت نه ٿينديون. ڇو ته ڪيترائي گهر اهڙين جاين تي ٺهيل هوندا آهن جن کي يا ته زلزلن جي سبب يا وري ٻوڏ واري صورتحال ۾ سخت نقصان پهچندو آهي ۽ هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي وينديون آهن. ان کان علاوه برساتن کان اڳ نالن جون صفايون، بندن جي اسٽون پچنگ، ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت ان کان علاوه گٽر جن جا ڍڪ چوري ٿي ويا آهن انهن کي لڳائن ته جيئن برسات جي موسم ۾ ڪوبه حادثو نه ٿي پوي اهي سڀ انتظام حڪومت کي ڪرڻ گهرجن. نه صرف ايترو پر حڪومت کي عوامي آگاهي جي لاءِ پروگرام به هلائڻ گهرجن ان جي لاءِ ان کي ايف ايم ريڊيو، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي آگاهي هلائڻ کپي ته جيئن برسات دوران ٿيندڙ حادثن کان ماڻهن کي بچائي سگهجي. ڇو ته اڪثر ماڻهو بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري حادثن جو شڪار ٿيندا آهن انهن حادثن کان بچڻ جي آگاهي عوام کي ڏني وڃي ته جيئن عوام پنهنجو بچاءُ ۽ دفاع ڪرڻ کان آگاهه هجي ۽ بجليءَ جي سڀني سامانن کي احتياط سان استعمال ڪرڻ جي آگاهي ۽ تربيت حاصل ڪري سگهي. ماڻهن کي اها به آگاهي ڏني وڃي ته اهي غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرن ۽ روڊن رستن تي جمع نه ٿين ته جيئن ڪنهن حادثي جو شڪار نه ٿين. ۽ جيڪڏهن انهن کي ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو ته اهي احتياط سان ڊرائيونگ ڪن ۽ گهٽ گيئر ۾ گاڏي هلائي پنهنجي زندگي جو تحفظ ڪن. ڪيترائي حادثا گهرن ۾ ۽ آفيسن ۾ صرف ماڻهن جي ترڪڻ جي ڪري ٿين ٿا جنهن جي ڪري سندن ڪوبه هڏ ڀڄي سگهي ٿو ۽ ان معمولي ڪوتاهي جي ڪري کين ڪيترائي ڏينهن اسپتالن ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو ۽ مٿن معاشي بار اچي وڃي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن کي ان ڳالهه جي به خبر هجڻ کپي ته برسات جي ڏينهن ۾ کين ڪهڙي قسم جا جوتا يا چپل پائڻ گهرجن. برسات جي موسم جي دوران پنهنجي ضروري سامان کي هڪ هنڌ جمع ڪري رکڻ گهرجي ۽ پنهنجا ضروري ڪاغذ ۽ قيمتي شيون هڪ هنڌ رکڻ کپن ته جيڪڏهن توهان کي پنهنجو گهر ڇڏڻو پوي ته توهان جلد ئي اهم شيون کڻي نڪري سگهو. برسات جي ڏينهن ۾ اڪثر بجليءَ جو مسئلو به ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪندو آهي ان لاءِ ضروري آهي ته برسات کان پهرين توهان پنهنجي گهر ۾ فليش لائٽس، بيٽري ۽ پاور بيڪ اپ جو انتظام ڪري رکو.
ان کان علاوه برسات جي موسم کان اڳ گهر جو کاڌي پيتي جو سامان وٺي اسٽور ڪرڻ به بهتر آهي ته جيئن توهان کي برسات دوران گهر کان ٻاهر نه نڪرڻو پوي. زندگيءَ ۾ ٿورو نظم و ضبط پيدا ڪرڻ سان ۽ پلاننگ ڪرڻ سان حڪومتون به بهتر طور ملڪ جو انتظام هلائي سگهن ٿيون ته هڪڙو فرد پنهنجي زندگيءَ ۾ بهتري پيدا ڪري پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به خراب صورتحال کان بچائي سگهي ٿو.