ايڊيٽوريل

مولانا فضل الرحمان کي ڪير پرچائيندو؟

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “رٺو نه پرتو ۽ ڇنل نه ڳنڍيو ته ڪاڄ ڪيئن ٿيندو” ملڪ جي سياست ۾ جيتوڻيڪ جي يو آءِ (ايف) صرف 8 سيٽن سان قومي اسيمبلي ۾ موجود آهي، ان جي باوجود مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ (ايف) جي سربراهه طور الڳ حيثيت برقرار رکي آهي. چونڊن ۾ سيٽون گهٽ کٽڻ باوجود پوري ملڪ ۾ سندس ڪارڪنن جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي، هن وقت جي سڀني سياسي پارٽين ۾ جي يو آءِ (ايف) وٽ اسٽريٽ پاور وڌيڪ آهي.
اهو ئي سبب آهي جو حڪومت هجي يا اپوزيشن ٻنهي جو پورو زور آهي ته ڪنهن به نموني مولانا صاحب سندن ڪئمپ ۾ موجود هجي. (ن) ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ (ايف) جو پاڻ ۾ سٺو سياسي لاڳاپو رهيو آهي. اهوئي سبب هو جو مولانا صاحب کي پي ٽي آءِ حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ سياسي پارٽين جو ڪٺ جنهن جو نالو پي ڊي ايم رکيو ويو هو، جو صدر مقرر ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي مولانا صاحب سان ڪيل محبت ان جي تقريرن ۾ موجود آهي، جنهن جو ورجاءُ نٿا ڪريون. جي يو آءِ (ايف) جو ووٽر سڀ کان وڌيڪ خيبر پختوانخواهه صوبي ۾ آهي ان کانپوءِ بلوچستان اندر موجود آهي. خيبر پختونخواهه پي ٽي آءِ جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. (تازيون چونڊون ته انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون) انهيءَ ڪري پي ٽي آءِ جي ۽ جي يو آءِ (ايف) جي سياسي دشمني عالم آشڪار آهي. 8 فيبروري 2024 واري اليڪشن ۾ جي يو آءِ (ايف) کي خيبر پختونخواهه ۾ قومي اسيمبليءَ جي صرف هڪ سيٽ ملي اها به پي ٽي آءِ کان ناراض ٿي آيل نور عالم خان کي. مولانا صاحب پنهنجي گهر واري سيٽ به کٽي نه سگهيو. 8 سيٽون کٽڻ واري پارٽي اپوزيشن ۽ حڪومت جي لاءِ اهميت جوڳي ٿي چڪي آهي. پي ٽي آءِ پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته مولانا صاحب کي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ڪريون. ڇو ته هن وقت قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان اپوزيشن جي بينچن تي ويٺل آهي، پر اها ئي پي ٽي آءِ مولانا فضل الرحمان کي خيبر پختونخواهه حڪومت ۾ ننڍو حصو ڏئي به شامل نٿي ڪرڻ چاهي، اها ڳالهه مولانا صاحب کان وڌيڪ ڪير سمجهندو هوندو ته پي ٽي آءِ کانئس جلسن جلوسن جو ڪم وٺڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ صرف جي يو آءِ (ايف) جي تنظيم ڪاري کي استعمال ڪندي ملڪ اندر جلسا ڪرڻ چاهي ٿي. اها ڳالهه مولانا فضل الرحمان جهڙو زيرڪ سياستدان چڱي طرح سمجهي ٿو انهيءَ ڪري پي ٽي آءِ طرفان موڪليل وفدن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪرڻ باوجود باضابطا طور سندن ڪئمپ ۾ شامل نه ٿيو آهي. هو سمجهي ٿو ته پي ٽي آءِ سان سندس اتحاد غير فطري هوندو. ايندڙ اليڪشن ۾ پڻ سندس مقابلو خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ سان هوندو. هاڻي جڏهن حڪومت پورو زور لڳائي رهي آهي ته ڪنهن به نموني مولانا صاحب ساڻن ٺهي، پر مولانا صاحب هڪ ضديري رٺل ٻار وانگر حڪومت سان ٺهڻ جي لاءِ تيار نه آهي يا سندس ٺهڻ وارا شرط ايترا سخت آهن جو حڪومت جي پوري ڪوشش باوجود اهي شرط پورا نٿا ٿي سگهن. فطري اتحادي پارٽيون پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ مولانا صاحب کي راضي ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيون آهن. صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان جو مولانا صاحب وٽ لنگهي وڃڻ کانپوءِ مولانا صاحب ڪجهه نرم ٿيو آهي، پر مولانا صاحب چاهي ٿو ته ساڻس اهو ڳالهائي جنهن سان ڳالهائڻ لاءِ باني پي ٽي آءِ بار بار چوندو رهندو آهي.
هاڻي جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ جي چوڻ تي اهو صاحب باني پي ٽي آءِ سان رابطو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڇا مولانا صاحب سان رابطو ڪندو؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي، پر انهن ٻنهي گڏجاڻين ۾ وزير داخلا طور انهيءَ ڌر جو نمائندو موجود ضرور هو. مولانا صاحب چاهي ٿو ته کيس اتان يقين ڏياريو وڃي. هونئن به مولانا صاحب جا انهن سان رابطا بهتر رهيا آهن، خبر ناهي ته ڇو هن وقت مولانا کي پسند جي آفر نه پئي ڪئي وڃي؟ مولانا صاحب کي شڪايت آهي ته جيڪڏهن طاقتور چاهين ها ته خيبر پختونخواهه ۾ کيس ڪجهه سيٽون کٽرائي سگهن ها وڌيڪ نه تڏهن به سندس ذاتي سيٽ ته کيس ملڻ گهرجي ها. انهن ٻنهي ميٽنگن ۾ مالڪن طرفان مقرر ٿيل نمائندو مولانا جا شرط وسوارن کي پهچائيندو. انهن شرطن کي يقينن غور هيٺ آندو ويندو. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مولانا صاحب حڪومتي اتحاد جو حصو بڻجي ويندو. مولانا صاحب جن کان رٺل آهي هاڻي کيس اهي ئي پرچائيندا.